Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / عمران خان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي ٿو پر کيس ناڪامي ٿيندي: عابد شير علي

Powered by free wordpress themes

عمران خان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي ٿو پر کيس ناڪامي ٿيندي: عابد شير علي

اسلام آباد (م-ڊ)مملڪتي وزير عابد شير علي ، عمران خان، شيخ رشيد ۽ شاهه محمود قريشي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. عابد شير علي چيو آهي ته  عمران خان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي ٿو، پر کيس ڪاميابي نصيب نه ٿيندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  عابد شير علي چيو ته چوڌري شجاعت تي نوازشريف جا وڏا احسان آهن،. هن چيو ته شيخ رشيد پنهنجي دولت کيس ڏئي ۽ بدلي ۾ سندس دولت وٺي ته خبر پئجي ويندي ته ڪير امير آهي ۽ ڪير غريب آهي. عابد شير علي گٿا لفظ ڳالهائيندي چيو ته شيخ رشيد 25 سال نوازشريف جا جوتا صاف ڪيا، کيس نالا لَئي ۾ ٻڏي مرڻ گهرجي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ جي پهرين ٻڌڻي تي جشن ملهائڻ لاءِ ڪارڪنن کي تيار رهڻ لاءِ چيو هو، عمران خان جمهوريت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي ٿو پر کيس ڪجهه به نصيب نه ٿيندو. مملڪتي وزير چيو ته انشاءَ الله جمهوريت جي فتح ٿيندي ۽ قوم آئين ۽ جمهوريت جي فتح جو جشن ملهائيندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ٻڌائي ته هو ڪيترو ٽيڪس ڀريندو آهي.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ٻڌل دستاويزي ثبوت گڏيل قومن حوالي ڪري ڇڏيا

نيويارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن …