Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي نااهلي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

Powered by free wordpress themes

لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي نااهلي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جيع وڏي وزير شهبازشريف جي نااهلي لاءِ پي ٽِي آئي جي چيرمين پاران داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي، گذريل ڏيهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جج شاهد ڪريم پنجاب جي وڏي وزير جي نااهلي لاءَ عمران خان پاران داخل ٿيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته شهبازشريف عوامي عهدو رکڻ سان گڏوگڏ ذاتي ڪاروبار سان جڙيل آهي، ذاتي ڪاروبار به ڪندو رهيو. هن پنهنجي ڀاءُ وزيراعظم نوازشريف کي 6 ارب جا تحفا ڏنا ان رقم جي مني ٽرائيل موجود نه آهي، هن چيو ته شهبازشريف پنهنجي خاندان جي ملڪيت شگر مل غير قانوني طور تي منتقل ڪيو هيون ۽ ان لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪيو جڏهن ته شريف خاندان جا اثاثا ان جي آمدني سان مطابقت نه ٿا رکن، بابر اعواڻ چيو ته شهبازشريف اختيار وڌيڪ استعمال ڪندي بطور وڏي وزير پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ووٽرن جي اعتبار کي نقصان پهچايو، عمران خان جي وڪيل عدالت کي مطالبو ڪيو ته اختيار وڌيڪ استعمال ڪرڻ ۽ غير قانوني اثاثا بنائڻ تي پنجاب جي وڏي وزير کي اسيمبلي جي رڪنيت تان نا اهل قرار ڪيو وڃي، جڏهن ته قانوني قدم کڻڻ جي خلاف تي شهبازشريف کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جنهن کان پوءِِ عدالت درخواست جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو ان کانپوءِ عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي درخواست کي ٻڌڻي جوڳو نه قرار ڏيندي درخواست ڪندڙ اسيمبلي جي ميمبر جي نااهلي لاءِ واسطيدار فورم سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.1

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …