Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / پرڏيهي خبرون / افغانستان ۾ طالبان جو مسافر بس تي حملو،ڌماڪي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا

Powered by free wordpress themes

افغانستان ۾ طالبان جو مسافر بس تي حملو،ڌماڪي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (اين اين آءِ)افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ ٿيندڙ زوردار ڌماڪي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿيا، اهو ڌماڪو افغان چيف ايگزيڪٽو جي نائب محمد محقق جي رهائش جي ويجھو ٿيو، فوتگين سان گڏوگڏ گھٽ ۾ گھٽ 15 ڪاريون ۽ 15 دڪان به تباهه ٿي ويا، ان سان علائقي جي ڪيترين ئي عمارتن کي سخت نقصان پهتو جن ۾ يونيورسٽي جي عمارت به شامل آهي طالبان ان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي . پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سومر جو صبح افغانستان ۾ هزارا شيعا برادريءَ جي اڪثريتي علائقن ۾ ٿيندڙ ان آپگھاتي حملي ۾گھٽ ۾ گھٽ 35 ڄڻن جي فوتگين جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته فوتگين ۾ واڌ جو به خدشو ظاهر ڪيو آهي، افغان گھرو وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته اهوڌماڪو ڪابل شهر جي اولهندي حصي ٿرڊ ڊسٽرڪٽ ۾ ڪيو ويو، هن چيو ته في الحال زخمين جي صحيح انگ جي ڄاڻ نه آهي، مسافرن واري هڪ ننڍي بس مڪمل طور تي ڌماڪي ۾ تباهه ٿي وئي آهي.03

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

modi

ڪشمير جو مسئلو گار يا گولي سان نه پر ڀاڪر پائڻ سان حل ٿيندو:نريندر مودي

نئين دهلي(م-ڊ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو گار يا گولي سان …