Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / پرڏيهي خبرون / ڪشمير جو مسئلو گار يا گولي سان نه پر ڀاڪر پائڻ سان حل ٿيندو:نريندر مودي

Powered by free wordpress themes

ڪشمير جو مسئلو گار يا گولي سان نه پر ڀاڪر پائڻ سان حل ٿيندو:نريندر مودي

نئين دهلي(م-ڊ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو گار يا گولي سان نه پر ڀاڪر پائڻ سان حل ٿيندو.  ڀارت جي ۷۰ هين يوم آزادي جي موقعي تي دهلي جي تاريخي لال قلعي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي ڪشمير جي معاملي جو گڏجي حل ڪڍڻو پوندو ته جيئن ڪشمير جي جنت کي ٻيهر محسوس ڪري سگهون ۽ اسان ان لاءِ پرعزم آهيون. نريندر مودي چيو ته نئين ڀارت ۾ جمهوريت رڳو ووٽ تائين محدود ناهي، هتي جمهوريت اهڙي هوندي جنهن ۾ نظام بدران عوام وسيلي ملڪ هلندو. ڀارتي وزيراعظم چيو ته سرجيڪل اسٽرائيڪس بعد دنيا سندن طاقت کي تسليم ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڀارت اڪيلو ناهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ مدد ڪري رهيا آهن. هن ڀارت ۾ اقليتن خلاف تشدد ۾ واڌ جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ امن، اتحاد ۽ نيڪ نيتي سان هلندو آهي، ڀارت ۾ عقيدي جي نالي تي تشدد کي قبول نه ڪيو ويندو.03

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

3

افغانستان ۾ طالبان جو مسافر بس تي حملو،ڌماڪي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (اين اين آءِ)افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ ٿيندڙ زوردار ڌماڪي ۾ 35 …