Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / نواز شريف فوج نه پر عدالتن خلاف ڳالهائي رهيو آهي: چوڌري شجاعت

Powered by free wordpress themes

نواز شريف فوج نه پر عدالتن خلاف ڳالهائي رهيو آهي: چوڌري شجاعت

ڪراچي  (اين اين آءِ)  مسلم ليگ ق جي سربراههچوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته نواز شريف فوج نه پر عدالتن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، نواز شريف ماڻهن کي عدالتي فيصلو نه مڃڻ جي نصيحت ڪري رهيو آهي، مسلم ليگ جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي اڳوڻي صوبائي وزير حميده کهڙو جي لاڏاڻي تي ان جي پٽ ۽ نسرين جليل سان ان جي مڙس جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، حميد کهڙو جي پٽ مسعود کهڙي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حميده کهڙو سان ان جا پراڻا سياسي رابطا هئا، مسعود کهڙي کي به مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا، مسعود چيو ته چوڌري شجاعت مسلم ليگ جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪرڻ چاهي ٿو ان جي ڪوشش سان ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو، نسرين جليل سان ملاقات ۾ چوڌري شجاعت حسين ايم اي جليل جي خدمتن کي خراج عيقيدت پيش ڪيو، هن چيو ته ايم اي جليل پنهنجي زندگي ۾ ڀرپور سياسي ڪردار ادا ڪيو، ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف فوج جي خلاف نه پر عدالتن جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ نيشنل ڊائلاگ ٿيڻ گهرجن، اهي ڊائيلاگ 2018 کان اڳ ۽ بعد ۾ به ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته هو جنرل ضيا ۽ ان جي پٽ جي وڏي عزت ڪري ٿو.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

اسلام ئي اهو دين آهي جنهن خلق جي خدمت کي الله جي راضپي سان تعبير ڪيو آهي:سيدنا مفضل سيف الدين

ڪراچي (اين اين آءِ) دائودي بوهرا جماعت جي روحاني  پيشوار ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين …