Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / حڪومت نواز شريف جي گائيڊ لائين ذريعي ڪم ڪري رهي آهي: وزيراعظم

Powered by free wordpress themes

حڪومت نواز شريف جي گائيڊ لائين ذريعي ڪم ڪري رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت قانون جي حڪمراني، جمهوري تصور جي بالادستي ۽ ادارن جي استحڪام تي يقين رکي ٿي، هو اڱاري تي ن ليگ سان تعلق رکندڙ سينيٽرز سان ڳالهائي رهيو هو جن وزيراعظم آفيس ۾ ان سان ملاقات ڪئي. جن ۾ راجا محمد ظفر الحق، مشاهد الله خان، ڪامران مائيڪل، آصف سعيد ڪرماڻي، جاويد عباسي ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم چيو ته ن ليگ جي حڪومت گذريل 4 سالن دوران ملڪ کي درپيش للڪارن مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميان نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ جي حڪومت گذريل 4 سالن دوران ملڪ کي درپيش للڪارن مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومتي پاليسين سان عالمي سطح تي اسان جو سٺو اميج به اجاگر ٿيو آهي، هن چيو ته ڪرپشن کان پاڪ حڪومت جو تصور ڏنو آهي ۽ حقيقت ۾ اها اسان سڀني لاءِ فخر جي ڳالهه  آهي ته گذريل 4 سالن دوران ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن جو هڪ ڪيس به سامهون نه آيو آهي، وزيراعظم معيشت، بجلي جي شعبي، مختلف ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي ۽ اندروني سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي شعبي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي اجاگر ڪيو، پارليامينٽ ج اڳيان حقيقي ٽيلينٽ گذريل 4 سالن دوران حاصل ٿيندڙ فائدن کي هٿي ڏئي ٿو.  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ ادارن جي مضبوطي تي ييقين رکي ٿي، نوازشريف چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري رهڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. نوازشريف لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ  هلندڙ منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري  رهڻ گهرجي. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز ليگ جي سينيٽرن سان پهرين باضابطا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت نواز شريف جي گائيڊ لائين موجب ڪم ڪري رهي آهي، سندس پاليسين تي عملدرآمد جاري رهندو، ترقياتي رٿائون وقت سر مڪمل ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته اسان ڪرپشن فري حڪومت متعارف ڪرائي آهي، چئن سالن ۾ حڪومت جي رٿائن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي.  شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، سندس حڪومتي دور ۾ پارٽيءَ کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪيو ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ هٿياربند فوج بابت پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.6

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

download

نواز شريف آئين ۽ قانون جي بالادستي جي نظريي تي ڪم ڪري رهيو آهي: مصدق ملڪ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري معاون خاص مصدق ملڪ چيو …