Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / پرڏيهي خبرون / پاڪستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن تي خاموش نه رهنداسين،دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ سان اسلام آباد لاءِ مشڪلاتون ٿي سگهن ٿيون:ٽرمپ

Powered by free wordpress themes

پاڪستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن تي خاموش نه رهنداسين،دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ سان اسلام آباد لاءِ مشڪلاتون ٿي سگهن ٿيون:ٽرمپ

واشنگٽن(م-ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان بابت هدف واضح آهن،خطي مان دهشتگردن ۽ انهن جي ٺڪاڻن جو خاتمو چاهيون ٿا، نئين افغان پاليسيءَ جو اعلان ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته افغانستان مان فوج جي تڪڙي واپسي سان دهشتگردن کي هٿي ملندي، هاڻي پاڪستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن تي خاموش نه رهنداسين، دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ جي صورت۾  اسلام آباد لاءِ مشڪلاتون ٿي سگهن ٿيون.فورٽ ميئر آرلنگٽن ۾ خطاب دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ افغانستان بابت پنهنجي پاليسي پڌري ڪندي چيو ته سندن هدف واضح آهي ته دهشتگردن جا اهڙا ٿاڪ ختم ڪرڻا پوندا جتان آمريڪا تي حملا ٿين ٿا، اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته ائٽمي هٿيار دهشتگردن جي هٿ نه اچن. هن چيو ته سندن پاليسي جو مکيه نقطو اهو آهي ته هاڻ ڪنهن به قدم جو اڳواٽ اعلان نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ان سان فائدو نه ٿيو آهي، دشمن مٿان حملو ڪيو ويندو، ڪڏهن ۽ ڪيئن، اهو نه ٻڌايو ويندو. افغان سرڪار سان سهڪار جاري رکڻ جو اعلان ڪندي آمريڪي صدر چيو ته حڪومتي ڪارونهوار توڙي زندگي گذارڻ بابت فيصلن جو اختيار افغانستان جي عوام وٽ آهي،صدر ٽرمپ چيو ته هاڻ پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اهي خطي سميت آمريڪا لاءِ به خطرناڪ آهن، پاڪستان لاءِ افغانستان ۾ آمريڪي قدمن جو ساٿ ڏيڻ فائديمند هوندو،پاڪستان کي ملندڙ امداد جو ذڪر ڪندي آمريڪي صدر چيو ته هاڻ ايئن نه ٿيندو ته ڪو ملڪ اسان جي ماڻهن کي ماريندڙ کي پناهه به ڏئي ۽ فائده به وٺي، پاڪستان لاءِ وقت آهي ته تهذيب ۽ امن جو ساٿ ڏئي. ڀارت سان لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته افغانستان جي ترقي ۾ ڀارتي ڪردار ساراهه جوڳو آهي، سندن خواهش آهي ته ڀارت افغان عوام جي معاشي ترقي ۾ سهڪار ڪري، جنهن لاءِ ساڻن ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.هن چيو ته جنگ ۾ ڪاميابي مائڪرو مئنيجمينٽ نه پر ميدان تي فوجي سگهه سان کٽي سگهجي ٿي، ان ڪري آمريڪي فوجي ڪمانڊرز جي اختيارن ۾ واڌ ڪئي ويندي ته جيئن اهي افغانستان ۾ دشمن کي شڪست ڏئي سگهن، ساڳئي وقت دشمن کي اهو سمجهائي سگهن ته ڪو به هنڌ آمريڪا جي سگهه کان ٻاهر ناهي.صدر ٽرمپ داعش ۽ القاعده سميت سمورين دهشتگرد تنظيمن مٿان پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو جڏهن آمريڪا جنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته فوج کي سمورا گهربل هٿيار ۽ سگهه  ڏني ويندي، جنهن سان سوڀ يقيني بڻائي وڃي، هن چيو ته افغانستان جي فوج ملڪي دفاع لاءِ سگهاري ٿي رهي آهي، جنهن جو آمريڪا کي به فائدو ٿيندو، هاڻ اهي ڏينهن گذري ويا جڏهن اسين ٻين ملڪن جي تعمير ۽ جمهوريت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندا هئاسين افغانستان مفاهمتي عمل جي حمايت ڪندي آمريڪي صدر چيو ته افغان مسئلي جو فوجي حل ناهي پر مستقل امن جي قيام لاءِ سياسي عمل جي به ضرورت آهي، ان لاءِ افغان سرڪار جي مدد ڪئي ويندي پر اها بلينڪ چيڪ جيان نه هوندي.03

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

03

سريلنڪا پاڪستان کي ٻئي ٽيسٽ ۾ به شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

دبئي (م-ڊ) گڏيل عرب امارتن جي شهر دبئي ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ مئچ ۾ به …