Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / بيت الله شريف جي غلاف جي تبديلي جي روح پرور تقريب

Powered by free wordpress themes

بيت الله شريف جي غلاف جي تبديلي جي روح پرور تقريب

مڪو شريف (اين اين آءِ)  مڪي شريف ۾ بيت الله شريف جي غلاف جي تبديلي جي روح پرور تقريب ٿي، جنهن ۾ مڪي جي گورنر سعودي اعليٰ اختيارن مسلم ملڪن جا سفير ۽ حاجي سڳورا شريڪ ٿيندا.، فجر جي نماز کانپوءِ ان روح پرور تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، هر سال 9 ذوالحج تي گلاف ڪعبو سعودي فرمانروا جي اجازت سان مڪي جو گورنر، سعودي اعليٰ اختيار ۽ مسلم ملڪن جي سفير ۽ حاجي سڳورن جي موجودگي ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، اهو غلاف ڪسوه چيو ويندو آهي، جنهن کي ريشم ۽ ڪپهه سان تيار ڪيو ويندو آهي، غلاف تي انتهائي مهارت سان سون جي تارن سان قرآني آيتون لکيون ويون آهن. غلاف جي تياري ۾ 150 ڪلو خالص سون چاندي جڏهن ته 670 ڪلو ريشم استعمال ڪيو ويو آهي، ڪعبي جو غلاف هر سال تقريبن سٺ لک ڊالر جي لاڳت سان تيار ڪيو ويندو آهي. ڪعبي جي غلاف جي تياري لاءِ ريشم اٽلي کان جڏهن ته سون ۽ چاندي جو تاريون جرمني کان گھرايون وينديون آهن.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …