Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / پرڏيهي خبرون / مسلمان ملڪن جا حڪمران الله جي ڪتاب تي عمل ۽ ان جي مطابق حڪمراني ڪن: شيخ سعد بن ناصر الشزي

Powered by free wordpress themes

مسلمان ملڪن جا حڪمران الله جي ڪتاب تي عمل ۽ ان جي مطابق حڪمراني ڪن: شيخ سعد بن ناصر الشزي

مسجده نمره  (اين اين آءِ) ڀلي پار پهتل لکين حاجي سڳورن حج جي رڪن اعظم وقوف عرفات ادا ڪيو، مسجد نمرا ۾ حج جي خطبي دوران ڊڪٽر شيخ سعد بن ناصر الشزي مسلم ملڪن جي حڪمرانن کي مخاطب ڪندي زور ڀريو ته الله ڪتاب تي عمل ۽ ان موجب حڪمراني ڪن، زيادتي مسلمانن سان ٿئي يا غير مسلمانن سان ٿئي، اسلام ۾ منع آهي ، هر قسم جي ساڙ کان پاسو ڪيو وڃي، ڪنهن عربي کي عجمي ۽ ڪنهن عجمي کي عربي تي فوقيت ناهي، الله جي رستي تي هلڻ ۾ ڇوٽڪاري جي راهه آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ مسجد اقصيٰ مسلمانن کي واپس ڏئي. خميس تي ميدان عرفات ۾ مسجد نمرا ۾ شيخ ڊاڪٽر سعد بن ناصر حج جي خطبي دوران چيو ته مان الله ۽ ان جي سمورن نعمتن جو شڪر گزار آهيان ۽ الله جي گواهي ڏيان ٿو جيڪو واحد آهي ۽ اها به گواهي ڏيان ٿو ته حضرت محمد ﷺ الله جو آخري  بني آهي، جيڪو هر طرح جي خيانت ۽ بهتان کان آزاد آهي.  ته حضرت محمد ﷺ تي درود ۽ سلام هجي ان  جي آل تي ۽ تمام ان جي ماڻهن تي جيڪي ان جي اتباع ڪن ٿا. اي انسانو مان توهان کي نصيحت ڪيان ٿو ته توهان تڪوه استعمال ڪيو ۽ ان جي عملن تي عمل ڪيو ۽ منڪر نه ٿيو، الله تعاليٰ قران پاڪ ۾ فرمايو آهي ته الله نيڪ بندن کي پسند ڪري ٿو ۽ انهن سان محبت ڪري ٿو ، توهان الله تعاليٰ جي تڪوا ڪيو ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي حاصل ڪيو، الله تعاليٰ واعدو ڪيو آهي ان جا متقي بندا جنت ۾ داخل ڪيا ويندا، هن جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو ته جيڪو تڪوا اختيار ڪندو، الله ان جي هر مشڪل آسان ڪندو. هن چيو ته الله تعاليٰ  جي تڪوه  اختيار ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته الله تعاليٰ جي ڏسيل ڪمن تي عمل ڪيو ۽ ان جو سڀ کان بنيادي حڪم اهو آهي ته الله تعاليٰ جي توهيد اختيار ڪئي وڃي ۽ الله تعاليٰ کانسواءِ ڪنهنجي به عبادت نه ڪئي وڃي، الله تعاليٰ حڪم ڏنو اهي ته توهان ان جي عبادت ڪيو، ان جي اڳيان نماز پڙهو. توهيد جو پيغام سمورن انبياءَ اسلام جي تعليم جو بنيادي حق آهي، جنهن ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم شامل آهي، ۽ پوءِ محمد ﷺ جي تعليمات سان ختم ٿيو. الله تعاليٰ فرمايو ته سمورن امتن جي لاءِ هڪ هڪ نبي موڪليو هو، جن ۾ انکي امتن کي بنادي تعليم اها ڏني ته الله تعاليٰ جي عبادت ڪيو، پر انهن ۾ ڪجھه امتون اهڙيون هيون جن الله تعاليٰ جي تڪوا اختار ڪئي ۽ ڪجھه اهڙيون هيون جن ان جو ان کان انڪار ڪيو، اهڙي طرح الله تعاليٰ هڪ ٻي جڳهه تي اعلان ڪيو ته اسان توهان کان پهريان قومن ڏانهن به رسول موڪليو هو. جنهن اهو پيغام ڏنو ته الله تعاليٰ جي عبادت ڪيو ۽ ان جي شريڪ ڪنهن کي به نه ڪيو. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته مان ئي توهان جو رب آهيان مان ئي حق آهيان ۽ مان سمورن شِين کي پيدا ڪرڻ ووارو آهيان، توحيد جي شهادت سان هڪ ٻي شهادت به آهي جيڪا اسان مسلمان ئي ادا ڪيون ٿا اها آهي ته حضرت محمد ﷺ الله تعاليٰ جو رسول آهي جنهن کي الله تعاليٰ جي بندن جي رهنمائي ۽ عبادت جي لاءِ موڪليو. شِيخ ڊاڪٽر سعدبن ناصر الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مسلمانن کي ان جو پهريون قبلو بيت المقدس واپس ملي وڃي. سڄي دنيا جي مسلمانن جي حڪمرانن کي مخاطب ڪندي هن خطبي ۾ فرمايو ته مسلمانن جا حڪمران  الله تعاليٰ جو قرب  حاصل ڪن.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

3

افغانستان ۾ طالبان جو مسافر بس تي حملو،ڌماڪي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (اين اين آءِ)افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ ٿيندڙ زوردار ڌماڪي ۾ 35 …