Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / ايثار ۽ قرباني

Powered by free wordpress themes

ايثار ۽ قرباني

اڄ عيدالاضحيٰ آهي، ان ڀلاري موقعي تي سڄي دنيا جا ڪروڙين ماڻهو سنت ابراهيمي ادا ڪندي قرباني جو فرض ادا ڪندا آهن جيتوڻيڪ يورپ، آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ عيد الاضحيٰ ڪالهه ملهائي وئي. جڏهن ته  دنيا جي باقي ملڪن ۾ اڄ ملهائي ويندي. اسان عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڀني مسلمانن کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيون ٿا. عيد الاضحيٰ هر سال ذوالحج مهيني جي ڏهين تاريخ تي ملهائي ويندي آهي هر سال پاڪستان ۾ لکين ماڻهو قرباني جو فرض ادا ڪندا آهن. قرباني جو اهو عمل اسان لاءِ هڪ وڏو درس به آهي ته  ٻئي طرف ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته قرباني واري عمل کي رڳو جانور کي قربان ڪرڻ تائين محدود رکڻ نه گهرجي قرباني جو درس اسان کي وک وک تي ايثار ۽ قرباني جي تلقين ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان عام زندگي ۾ پاڻ کي ٻين لاءِ قرباني ڏيڻ ۽ پنهنجين آسائشن ۽ ضرورتن کي پاسيرو رکي مسڪينن غريبن ۽ نادارن جي مدد ڪري اسان هڪ اسلامي فلاحي رياست جا ذميواري شهري بڻجي سگهون ٿا. اسلام اسان کي پنهنجن پاڙيسرين جو خيال رکڻ ۽ انهن جي ڏک سور ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ جي خاص تلقين ڪري ٿو اسان هن وقت جنهن ويڳاڻپ جو شڪار آهيون ۽ ڏينهون ڏينهن پنهنجي خول ۾بند ٿيندا پيا وڃون اهو عمل اسان کي مذهب کان به دوري جو هڪ سبب بڻجي رهيو آهي. اسلام ۾ مسجد ۽ منبر کي بنيادي اهميت ڏني وئي آهي. مسجد جيتوڻيڪ نماز پڙهڻ لاءِ آهي پر ان مسجد ۾ جڏهن پاڙي يا ڳوٺ جا رهواسي پنج وقتن تي نماز لاءِ گڏ ٿين ٿا تڏهن انهن ۾ نه رڳو پيار ۽ محبت ۾ واڌارو ٿيئي ٿو پر هڪ ٻئي جي ڏکن سورن جي به ڄاڻ ملي ٿي. اسان وٽ مسجدن جو ويران ٿيڻ به اسان جي معاشري جو تنزلي طرف ڌڪجڻ هڪ وڏو سبب آهي اسان ڏينهون ڏينهن هڪ ٻئي کان پري ٿيندا پيا وڃون جڏهن ته اسلام اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيڻ جو درس ڏي ٿو. رمضان شريف جي مهيني ۾ گڏجي افطاري ڪرڻ، تراويحن کان وٺي اعتڪاف تائين فطري کان وٺي خير خيرات تائين وارن سڀني عملن ۾ هڪ ٻئي جو خيال رکڻ غريبن ۽ مسڪينن جي حاجت پوري ڪرڻ جو هڪ واضح حڪم نظر اچي ٿو. ڪو دور هو جڏهن ماڻهو قرباني ڪندا هئا ته اها قرباني نمائشي قسم جي نه هوندي هئي سرنديءَ وارو هر ماڻهو پنهنجي وسعت آهر قرباني ڪندو هو ۽ قرباني جو اهو گوشت ديني هدايتن موجب ئي ورهايو ويندو هو. يعني وڏي جانور جون ست پتيون ڪيون وينديون هيون مجال آهي جو ڪا ٻوٽي به ڪنهن جي پتي مان هيڏانهن کان هوڏانهن ٿيندي هجي اهڙي ريت قرباني جي ڪيل ٽن پتين مان مٽن ۽ مائٽن ۽ دوستن جي  پتي، مسڪينن ۽ غريبن جو حصو ۽ پنهنجي پاڻ لاءِ حصا پتيون ڪري ان گوشت کي ورهايو ويندو هو. جڏهن ته هاڻ صورتحال اها وڃي بيٺي آهي جو سرنديءَ وارا عيد الاضحيٰ اچڻ کان اڳ گوشت ذخيرو ڪرڻ لاءِ دڪانن تان ڊيپ فريزر خريد ڪندا نظر ايندا آهن ته جيئن گهڻي کان گهڻو گوشت گڏ ڪري سگهجي. اهڙي ريت جيڪو به جانور حلال ڪيو وڃي ٿو ان جو چوٿون حصو به ورهائڻ بجاءِ سڄي جو سڄو ٻڪرو ڊيپ فريزن يا فرج ۾ گڏ ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينن تائين اهو گوشت پاڻ پيا واپرائيندا آهن ۽ مجال آهي جا ڪا ٻوٽي به ڪنهن غريب کي کائڻ لاءِ ڏين. اهڙي نمائشي قرباني جو ڪيترو ثواب ٿيندو يا اهڙي قرباني جي ديني حيثيت ڪهڙي آهي يا ڇا اهڙي قسم جي قرباني ڪرڻ سان قرباني جو فرض پورو ٿي وڃي ٿو وارا ڪيترائي اهڙا سوال آهن جن تي اسان جي عالمن کي عوام جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. ساڳئي طرح جانورن جون کلون پڻ اهڙين جماعتن کي ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي انهن کلن مان ٿيندڙ آمدني کي ملڪ دشمن سرگرمين لاءِ استعمال ڪن ٿيون ان ڪري ضروري آهي ته عوام ۾ اها سجاڳي پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته آخر اهي کلون ڪنهن کي ڏيڻ واجب آهن ۽ ڪنهن کي ڏيئي نه ٿيون سگهجن. اسان اها ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته قرباني لاءِ جانور خريد ڪرڻ وقت ڪجهه اهڙيون ڌريون ۽ اهڙا سرنديءَ وارا ماڻهو پڻ سرگرم نظر ايندا آهن جيڪي جانور جي وڏي ۾ وڏي قيمت لڳائي هڪ طرف پاڻ کي عوام جي نظرن ۾ سرنديءَ وارا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ٻئي طرف جانور جي وڏي قيمت ادا ڪرڻ جي آڙ ۾ انڪم ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن کي پڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جن تي سخت نظر رکڻ جي به ضرورت آهي. هن ڀيري هڪ ٻي بدعت به ڏسڻ ۾ آئي ته مال پڙي ۾ جيڪي جانور وڪري لاءِ آندا ويا هئا. انهن جانورن جي نمائش ۽ عوام جو انهن طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مال پڙي ۾ عورتن جا مجرا پڻ ڪرايا ويا اها بدعت سرعام هلندي رهي پر افسوس آهي جو نه ته حڪومت ان ڪڌي رسم کي روڪڻ لاءِ ڪا ڪارروائي ڪئي ۽ نه ئي اسان جي عالمن اهڙين رسمن خلاف ڪو آواز اٿاريو اسان کي اميد آهي ته ايندڙ سال جيڪڏهن اهڙي قسم جون ڪي حرڪتون ڪيون ويون ته حڪومت انهن رسمن کي روڪڻ لاءِ ڪارروائي ضرور ڪنديون. بهرحال اسان عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڀني مسلمانن کي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪريون ٿا.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …