Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / ڇا اسان جا اعليٰ تعليمي ادارا به دهشتگردن جا ٿاڪ بڻجي چڪا آهن؟

Powered by free wordpress themes

ڇا اسان جا اعليٰ تعليمي ادارا به دهشتگردن جا ٿاڪ بڻجي چڪا آهن؟

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن تي ٿيل حملي، هڪ اهلڪار ۽ هڪ نينگر جي شهادت ۽ دهشتگرد جي مارجڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هلندڙ آپريشن بابت ڪيترائي نوان بحث شروع ٿي چڪا آهن ان بحث کي ويچار هيٺ آڻڻ کان اڳ چڱو ٿيندو جو هڪ نئين انڪشاف کان به پڙهندڙن کي آگاهه ڪريون جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ عجيب اتفاق سامهون آيو آهي ته 6 ملڪن يعني جرمني، ڪئناڊا، آمريڪا، فرانس، انڊيا ۽ برطانيا جا جيڪي سفير عراق جي تباهي وقت بغداد ۾ مقرر هئا اهي لبيا جي تباهي وقت طرابلس ۾ ۽ شام جي تباهي وقت دمشق ۾ مقرر هئا. انهن ملڪن جا اهي ساڳيا سفير اڄ پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾مقرر آهن. انهن سفيرن پنهنجي اڳوڻي مقرري دوران شام ۾ شيعا سني فساد جي راند کيڏي عراق ۾ به شيعا سني جو داڻو وڌو لبيا ۾ قبائلي تعصب کي وڌايو اهي ڇهن مسلم ملڪن جي ڪمزورين کان آگاهه آهن ۽ اهي پنهنجا پتا کيڏڻ چاهين ٿا. ان ڪري اسان کي انهن کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي. خاص طور تي هن وقت آمريڪا جي صدر، پاڪستان کي جيڪي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن تن کان پوءِ ته اسان کي وڌيڪ هوشيار رهڻ جي سخت ضرورت آهي. خواجا اظهار الحسن جي سياسي خيالن سان ڪير کڻي ڪيترو به سهمت نه هجي يا هن جي پارٽي بابت عوام ۾ ڪيترائي اختلافي خيال موجود هجن پر اها وري به  حقيقت آهي ته ايم ڪيو ايم جو موجوده ڌڙو جنهن جا اسيمبلي ميمبر عوام جي ووٽن سان چونڊجي اسيمبلي ۾ آيا آهن ان ڪري عوام يا مينڊيٽ جو احترام ڪندي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي خيالن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي به سخت ضرورت آهي ايم ڪيو ايمي قيادت جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي خيالن سان سئو ڀيرا اختلاف رکي سگهجي ٿو پر ڪنهن به سياسي اڳواڻ جو قتل ٿيڻ يا بندوق جي زور تي ڪنهن سياسي اڳواڻ جو آواز دٻائڻ کي ڪنهن به ڪنهن صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي ان ڪري اسان به خواجا اظهار الحسين تي ٿيل حملي جي نه رڳو سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا پر ان حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ نينگر ارسل جي شهادتتي  پڻ پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيون ٿا. جڏهن ته ان سڄي واقعي ۾ جيڪا نئين ڳالهه سامهون آئي آهي تنهن نه رڳو حڪومتي مشينري کي لوڏي ڇڏيو آهي پر ان واقعي ۾ مارجي ويل هڪ دهشتگرد ۽ احسان اسرار ۽ فرار ٿيل دهشتگرد عبدالڪريم سروش جو واقعي ۾ ملوث ۽ ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن تي ٿيندڙ حملي ۾ هر ڀيري استعمال ٿيندڙ نائين ايم ايم پستول جو مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿ اچڻ کانپوءِ هاڻ اهي سوال پيدا ٿيا آهن ته اڳ ته چيو ويندو هو ته مدرسا دهشتگردن جا سکيا مرڪز بڻيل آهن ۽ دين جا ڪجهه جاهل ملان معصوم کٿابين کي جنت ۽ حورن جا خواب ڏيکاري انهن کي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن پر هاڻ جڏهن خواجا اظهار الحسن تي حملو ٿيو ۽ ان حملي ۾ ملوث جيڪو شخص مارجي ويو آهي ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو انجنيئرنگ يونيورسٽي جو پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي ۽ سندس سڃاڻپ احسان سرار جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته فرار ٿيندڙ شخص بابت به چيو وڃي ٿو ته ان جو نالو عبدالڪريم سروش آهي ۽ اهو ڪراچي يونيورسٽي ۾ فزڪس جو شاگرد آهي انهن ٻنهي دهشتگردن بابت اها به ڄاڻ ملي آهي انهن جو تعلق ” انصار الشريعه“ تنظيم سان آهي. اها تنظيم جنهن جو اڳ ڪڏهن به ذڪر سامهون نه آيو آهي ان سلسلي ۾ ملير جي ايس ايس پي رائو انوار جو چوڻ آهي ته انهن جو لاڳاپو داعش سان آهي ۽ انهن کي افغانستان مان ئي هلايو وڃي ٿو. خواجا اظهار الحسن تي حملو ڪندڙ اعليٰ تعليم يافتا هجڻ کانپوءِ هاڻ اهي سوال به پيدا ٿيا آهن ته ڇا مدرسن کانپوءِ هاڻ دهشتگرد تنظيمن ڪراچي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ به پنهنجا ٿاڪ قائم ڪري ورتا آهن ۽ جيڪڏهن اعليٰ تعليمي ادارا به انهن جي گرفت ۾ اچي چڪا آهن ته پوءِ نه رڳو اسان جو تعليمي مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي پر اسان هڪ اهڙي مشڪل صورتحال ۾ به گهيرجي چڪا آهيون جيڪڏهن اسان اڃا به خبرداري کان ڪم نه ورتو ته ڪنهن به وقت هي ملڪ هڪ وڏي اڙاهه ۾ سڙندو نظر اچي سگهي ٿو. خواجا اظهار الحسن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد ته اعليٰ تعليم يافتا هئا ڪراچي جي صفوران ڳوٺ وٽ جن آغا خانين جي بس تي حملو ڪيو هو تن ۾ به جيڪي دهشتگرد ملوث هئا اهي به پڙهيل ڪڙهيل هئا ۽ انهن مان هڪ ته ايم بي اي جي ڊگري رکندڙ هو جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار دهشتگردن جي خاتمي لاءِ رينجرز کي مڪمل اختيار ڏيئي سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان مقرر ڪري رکيو آهي ۽ رينجرز جي شاندار ڪارڪردگي به سامهون آهي  جنهن ڪري دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي پر لڳي ٿو ته جڏهن به دهشتگرد اهو محسوس ڪن ٿا ته هاڻ آپريشن ۾ هٿ ڪجهه ڍرو ٿيو آهي يا رينجرز ۽ پوليس ٻين حفاظتي انتظامن ۾ لڳل آهي تڏهن اهي ڪا نه ڪا ڪارروائي ڪرڻ جي رٿا جوڙين ٿا ان ڪري هاڻ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته جڏهن به رينجرز سنڌ مان واپس ويندي تنهن کان پوءِ دهشتگرد وڌيڪ سنگين ڪارروايون ڪري سگهن ٿا ٿي سگهي ٿو ته اهي هن وقت ”ڏسو ۽ انتظار ڪريو“ واري پاليسي تي عمل ڪندا هجن. بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن دهشتگردن جو تعلق هڪ مذهبي حلقي سان ئي هو ته پوءِ هنن خواجا اظهار الحسن کي نشانو بنائڻ جي ڇو ڪوشش ڪئي ڇاڪاڻ ته خواجا اظهار جو ويجهڙ ۾ ڪو به اهڙو بيان سامهون نه آيو آهي جنهن مان اها ڳالهه ظاهر ٿيندي هجي ته هن ڪنهن دهشتگرد تنظيم کي للڪاريو هجي يا ڪنهن فرقي يا مسلڪ بابت ڪا ڳالهه ڪئي هجي. هتي اهو سوال به ويچار هيٺ آڻڻ جهڙو آهي ته خواجا اظهار عيد جي نماز ڪٿي پڙهندو يا هو ڪهڙي وقت ايندو ۽ ڪهڙي وقت روانو ٿيندو تنهن جي خبر خواجا اظهار ۽ هن جي ويجهن ڪجهه ساٿين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به شايد خبر نه هجي ته پوءِ اها ڳالهه دهشتگردن کي ڪيئن معلوم ٿي  ته خواجا اظهار واقعي واري هنڌ جي عيدگاهه ۾ نماز پڙهندو اتفاق سان برسات جي ڪري عيدگاهه نماز پڙهڻ جهڙي نه هئي ان ڪري عيد نماز لاءِ هنڌ کي به تبديل ڪري اها نماز مسجد ۾ ادا ڪئي وئي بهرحال اهي ٻئي سوال آهن جن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به پنهنجي پنهنجي طور تي جاچ ۾ رڌل آهن. ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڏينهن ۾ عوام کي وڌيڪ معلومات به ملي سگهي. بهرحال هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي اعليٰ تعليمي ادارن تي به ڊگهي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن اعليٰ تعليمي ادارن کي ائين نظر انداز ڪيو ويو ته پوءِ خواجا اظهار تي ٿيل حملي وانگر ڪو وڏو واقعو ٿي سگهي ٿو هونئن به جيڪڏهن اهو دهشتگرد مارجي نه وڃي ها ۽ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته ۽ ان واقعي ۾ خواجا اظهار قتل ٿي وڃي ها ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ جيڪا باهه ٻري ها اها وسائڻ تمام مشڪل ٿي پوي ها اسان هتي برطانيا جو هڪ مثال پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ رکون ٿا ڪجهه سال اڳ برطانيا جي شهر لنڊن ۾ شاگردن پاران زبردست مظاهرا ڪيا ويا هئا جنهن ۾ وڏو نقصان پڻ ٿيو هو انهن مظاهرن بابت برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر جو بيان سامهون آيو ته اسان کي لنڊن ۾ ٿيل مظاهرن تي سخت افسوس آهي پر هاڻ اسان پنهنجي سڄي تعليمي سرشتي کان پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين ٻيهر چيڪ ڪنداسين ته اسان جي تعليمي سرشتي ۾ ڪٿي خامي پيدا ٿي آهي جو اسان جا نوجوان تشدد تي لهي آيا آهن. اسان به سمجهون ٿا ته اسان کي به پنهنجي ملڪ جي تعليمي سرشتي جو پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ گهرجي ته آخر ڪٿي ڪا اهڙي خامي آهي جو اسان جا نوجوان هاڻ دهشتگرد بڻجڻ لاءِ تيار ٿي رهيا آهن جيڪڏهن تعليمي سرشتي جو جائزو نه ورتو ويو ته پوءِ اهو ڏينهن به اچي سگهي ٿو جو ڪنهن ڏينهن اسان جون يونيورسٽيون دهشتگردن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هونديون ۽ اسان سڀئي اهو سڀ ڪجهه سامهون ڏسندي به بيوس بڻيل هونداسين. اسان هتي سنڌ جي وڏي وزير پاران خواجا اظهار الحسن کانسواءِ  پوليس اهلڪار ۽ شهيد نينگر جي گهر وڃي عذر خواهي ڪرڻ واري عمل جي پڻ واکاڻ ڪريون ٿا ته ان واقعي تي ڪنهن ڌر سياست ڪرڻ بجاءِ ان کي هڪ دهشتگردي ڪارروائي ئي سمجهيو.۽ ان تي سياست جي ڪمائڻ جي ڪوشش نه ڪئي جيڪو هڪ سٺو عمل آهي تنهن جي سڀني سياسي ۽ غير سياسي ڌرين جي واکاڻ ڪرڻ به نهايت ضروري آهي.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هڪ ڪيس کي هڪ صدي ٿيڻ واري انصاف وري به نه مليو!

اسلام آباد مان هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هڪ ڪيس …