Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / برما جي مسلمانن جي ٿيندڙ قتلام خلاف اسلامي ملڪن جي پراسرار خاموشي

Powered by free wordpress themes

برما جي مسلمانن جي ٿيندڙ قتلام خلاف اسلامي ملڪن جي پراسرار خاموشي

اڄڪلهه ڪجهه ٽي وي چئنلن ۽ ميڊيا جي ادارن طرفان برما جي سرحدي علائقي ۾ روهنيگا سڏائيندڙن جي حوالي سان ظلم جا داستان پيش ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته برما جو ملڪ جيڪو ٻڌ مذهب جي پوئلڳن جي اڪثريت رکندڙ ملڪ آهي ان ملڪ ۾ روهنيگا مسلمانن تي برما جي ٻڌ مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهن ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي نه رڳو قتل ڪيو پيو وڃي پر هزارين روهنيگائي برما مان ڀاڄ ڪري بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿي رهيا آهن. جڏهن ته اهو به تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مسلمانن سان ٿيندڙ ظلم خلاف مسلمان ملڪن جا حڪمران اڃا تائين خاموش آهن ۽ اهي برما سان ڪنهن به قسم جو احتجاج به نه ڪري رهيا آهن اهي حلقا حڪومتن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته روهنيگائي ماڻهن لاءِ مسلمان ملڪ انساني همدردي طور پنهنجيون سرحدون کولين ته جيئن اهي روهنيگائي انهن ملڪن ۾ داخل ٿي سگهن اسان سمجهون ٿا ته برما ۾ روهنيگائين ۽ برمي باشندن وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلندڙ آهي اها ڇڪتاڻ ڪا نئين ناهي ان ڇڪتاڻ کي هلندي سوا سئو سال گذري چڪا آهن ۽ مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل ٿي نه سگهيو. هاڻ جڏهن ان مسئلي کي ڪنهن سازش تحت ميڊيا تان مسلمانن ۽ ٻڌ مت سان واسطو رکندڙن جو جهيڙو قرار ڏيئي مسلمانن جي جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تڏهن ضروري ٿي پيو آهي ته عوام کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ماڻهن کي ان نازڪ مسئلي کان مڪمل طور تي واقف ڪجي ته جيئن اهي سمجهي سگهن ته اهو مسلم ۽ غير مسلم جو جهيڙو هرگز ناهي پر اهو جهيڙو ڌارين ۽ ڌرتي ڌڻين وچ ۾ هلندڙ جهيڙو آهي. ڌرتي ڌڻي جيڪي برما جا اصل باشندا آهن ۽ روهنيگائين جيڪي ڌارين ملڪن کان غير قانوني طور تي لڏي اچي برما جي سرحدي علائقي ارڪان ۾ جيڪو بنگلاديش جي سرحد سان لڳو لڳ آهي ان ۾ اچي آباد ٿيا هئا جيڪي ايتري ته گهڻي تعداد ۾ ان علائقي ۾ گڏ ٿي ويا آهن جو اهي هاڻ ڌار صوبي جو نه رڳو مطالبو ڪري رهيا آهن پر انهن جي ان علائقي ۾گهڻائي ٿيڻ ڪري برما جا اصل باشندا اقليت ۾ اچي ويا آهن. روهينگائي ماڻهن جي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ سوا سئو سال پوئتي کان جائزو وٺڻو پوندو برما ۾ رهندڙ انهن مسلمانن کي برطانوي راڄ کان اڳ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڏکڻ بنگلاديش جي چٽاگانگ مان لڏائي برما جي سرسبز علائقي ”اراڪان“ ۾ اچي ورسايو هو. 1872 واري برطانوي آدمشماري دوران انهن جو انگ 5 هزار 255 هو جيڪو تعداد 1911 تائين وڌي هڪ لک 78 هزار 467 ۽ 1927 تائين اهو تعداد 4 لک 80 هزار ۽ 2015 تائين انهن جو انگ 12 لک کان مٿي ٿي ويو جنهن ڪري مقامي برمي باشندا اقليت ۾ اچي ويا. ٻي عالمي جنگ دوران برماتي جاپان قبضي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن دوران مقامي برمي باشندن (ارڪانين) جاپانين جو ساٿ ڏنو جڏهن ته روهنگائين برطانيا جو ساٿ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ برطانيا روهنگائين جي مڪمل پٺڀرائي ڪئي جنهن ڪري روهنگائين ۽ برمين ۾ اختلاف چوٽ چڙهيا ۽ فساد شروع ٿي ويا، ان ويڙهه ۾ 20 هزار ارڪيني مارجي ويا بدلي ۾ 5 هزار رهينگائي قتل ڪيا ويا. جاپانين سان جنگ خاطر برطانيا روهنگائين”وي فورس“ نالي گوريلا تنظيم قائم ڪئي جيڪا جاپانين سان وڙهڻ کان وڌيڪ برما جي ٻڌمت آبادي جو قتل عام ڪندي رهي ۽ برما ۾ ٻڌن جون عمارتون ۽ ٻيا سرڪاري ادارا تباهه ڪيا. 1948 ۾ جڏهن برما برطانوي راڄ کان آزادي ماڻي تڏهن روهنگائي اراڪين واري علائقي کي اوڀر پاڪستان سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پر قائداعظم محمد علي جناح کين شامل ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته اهو برما جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو. قائداعظم جي انڪار کانپوءِ 1950 ۾ روهنگائين مسلم ليگ نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ پوءِ ان کي ”مجاهد پارٽي“ جي نالي ۾ تبديل ڪري رهينگائي ڌار مسلم رياست ٺاهڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. 1971 ۽ 1970 ۾ برما جي حڪومت روهنگائين خلاف آپريشن شروع ڪيا. تڏهن ڪيترائي روهنگائي اتان فرار ٿي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا. برما جي حڪومت 1982 ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ وارو سرشتو جاري ڪيو تڏهن برما روهنگائي سميت ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي ٻيهر جهيڙا شروع ٿي ويا 2012 ۾ آدمشماري دوران برما جي حڪومت روهنگائين کي برمي شهري نه ڳڻايو ۽ انهن کي بنگالي پناهه گير قرار ڏنو 2016 ۾  برما جي سرحد تي برما جي فوج تي حملا ٿيڻ کانپوءِ ۽ برمي حڪومت رهينگائين خلاف آپريشن شروع ڪيو ان دوران برما جي حڪومت چيو ته انهن فسادن کي ڪراچي جا روهنگائي پناهگير هٿي ڏيئي رهيا آهن. جيڪي ڪراچي جي ٺٽي ۽ ڌاٻيجي واري علائقي ۾ ڪالوني ٺاهي ويٺل آهن جڏهن ته حافظ سعيد انهن کي هٿي ڏيڻ ۾ ملوث آهي. هوڏانهن اهو به چيو وڃي ٿو ته روهنگائين بابت فيس بوڪ ذريعي ظلم جون تصويرون جاري ڪري مسئلي کي اسلام ۽ غير مسلم جو غلط رنگ ڏيئي روهنگائين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ پاڪستانين اندر اهو ماحول ٺاهين پيا ته روهنگائين کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي ۽ روهنگائين کي سنڌ جو شهري تسليم ڪيو وڃي بهرحال سنڌ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر خطرا وڌي رهيا آهن سنڌ ۾ اڳ ڌارين ملڪن جون لوڌون لٿل آهن،جيڪڏهن روهنگائين کي سنڌ ۾ آندو ويو  يا اچڻ لاءِ رستا کوليا ويا ته پڪ سمجهجي ته نه رڳو ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ٿي پوندو پر سنڌ جو ماڻهو جيڪو اڳ ئي آدمشماري ۾ ڪيل ويساهه گهاتي جو شڪار آهي هن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان ڪو به بچائي نه سگهندو اسان هتي سنڌ سرڪار کي اپيل ڪنداسين ته اها روهنگائين سان پنهنجيون اخلاقي همدرديون ڀل ڏيکاري ۽ اسلامي ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ وفاق کي خط لکي ته اسلامي ملڪ سعودي عرب ۽ نار واريون رياستون روهنگائين کي پاڻ وٽ ورسائين باقي سنڌ هاڻ وڌيڪ ڌارين جو بار نه ٿي کڻي سگهي اسلامي ڀائيچاري جو مطلب اهو آهي ته کين پاڪستان بجاءِ ٻين اسلامي ملڪن ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن روهنگائين خلاف ٿيندڙ تشدد ۾ گهٽتائي اچي سگهي ۽ سنڌ ”وي فورس“ جهڙين خونخوار تنظيمن جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهي.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …