Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / حيدرآباد ۾ قائم ٿيندڙ نئين يونيورسٽي کان اڳ ئي ڪيترائي سوال

Powered by free wordpress themes

حيدرآباد ۾ قائم ٿيندڙ نئين يونيورسٽي کان اڳ ئي ڪيترائي سوال

اطلاع آهن ته سنڌ سرڪار پاران حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ لاءِ هوم ورڪ شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وڏي وزير جيڪا ڪاميٽي جوڙي هئي تنهن ڪاليج جي انفرا اسٽرڪچر ۽ قانوني معاملن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪاميٽي جي چيئرمين ڄام مهتاب ڏهر ”هيڪ“ سان رابطو ڪري تجويزن جو جائزو ورتو آهي. حيدرآباد شهر ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ شهرين پاران هڪ ڊگهي عرصي کان مطالبو ڪيو پئي ويو پر ڪن اڻڄاتل سببن جي ڪري اها يونيورسٽي قائم نه ٿي سگهي هئي ايتري تائين جو ايم ڪيو ايم جيڪا پاڻ کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرن جو مالڪ سمجهي ٿي اها جنرل ضياءُ الحق کان وٺي جنرل مشرف جي دور تائين اٽڪل 22 سال تائين سنڌ جي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي حڪومت جا مزا ماڻيندي رهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو نامزد ڪيل گورنر عشرت العباد پڻ 11 سالن تائين سنڌ جو گورنر رهيو پر انهن مان ڪنهن به حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم وارا 22 سالن تائين رڳو الزامن واري نه رڳو سياست ڪندا رهيا پر حيدرآباد ۾ تعليمي ادارا کولڻ بجاءِ گٽرن ۽ صفائي وارن معاملن کان سواءِ اڳتي ڪا به ڳالهه ڪندا نظر نه آيا ائين کڻي چئجي ته حيدرآباد  ۾ اردو ڳالهائيندڙن جا اڳواڻ 1947 ۾ آيا ۽ اهي ڪڏهن مسلم ليگ ۾ ته ڪڏهن مهاجر پنجابي پٺاڻ اتحاد ۾ شامل ٿي آمر حڪمرانن سان سازباز ڪري پنهنجا فائدا ته وٺندا رهيا پر 1947 کان  وٺي 2017 تائين انهن حيدرآباد ۾هڪ به اسڪول يا ڪاليج نه کوليو ۽ نه ئي ڪو اهڙو مثالي تعليمي ادارو قائم ڪيو جنهن ڏانهن اشارو ڪري اهي عوام کي ٻڌائي سگهن ته اسان کي حڪومتي سطح تي ته نظر انداز ڪيو ويندو رهيو پر اسان پنهنجي ماڻهن لاءِ فلان فلان شاندار تعليمي ادارا قائم ڪري ڏيکاريا آهن. بهرحال اسان هتي ڪنهن تي الزام هڻڻ بجاءِ اڳتي طرف ڏسندي اهو ئي چونداسين ته هاڻ جڏهن حيدرآباد ۾ سنڌ سرڪار پاران هڪ يونيورسٽي ملڪ رياض پاران نجي سيڪٽر ۾ يونيورسٽي ۽ وفاق پاران تازو اعلانيل هڪ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جا اعلان ٿي چڪا آهن حيدرآباد ۾ اڳ ئي نجي سيڪٽر ۾ اسرا يونيورسٽي ۽ سرڪاري سطح تي ٽنڊي ڄام ۾ زرعي يونيورسٽي قائم آهي تنهن کانپوءِ هاڻ رڳو حيدرآباد جي شهر  واسين لاءِ 5 يونيورسٽيون قائم ٿي وينديون جيڪا هڪ سگهاري وک سمجهي ويندي پر ان سان گڏوگڏ اهو سوال وري به بحث هيٺ ايندو ته ڇا اهي 5 يونيورسٽيون قائم ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ ايندڙ 10 سالن اندر هر ٻيو شهري پڙهيل ڪڙهيل بڻجي ويندو؟ اسان جي خيال ۾ يونيورسٽيون جيتريون گهڻيون قائم ٿين اوترو چڱي ڳالهه آهي سنڌ جي هر شهر ۾ 5 کان 8 يونيورسٽيون قائم ٿيڻ گهرجن پر جيڪڏهن انهن يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن جو تعليمي معيار يا علمي قابليت نه هجڻ جي برابر سامهون اچي ته پوءِ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ مان ڪو به فائدو نه ٿيندو. اسان جو  اهو چوڻ آهي ته جيڪا به يونيورسٽي قائم ٿئي اها يونيورسٽي تعليمي لحاظ کان ايترو ته مٿي نظر اچي جو انهن يونيورسٽين ۾ ڏورانهن شهرن جا شاگرد به داخلا لاءِ آتا هجن حيدرآباد شهر ۾ يونيورسٽي جي قيام کان اڳ سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته حيدرآباد جي سڀني سرڪاري ڪاليجن ۾ ايم اي تائين جي تعليم اڳ ئي هلندڙ آهي، انهن ڪاليجن جا جيڪي شاگرد ڊگريون وٺي نڪري رهيا آهن تن جي تعليمي قابليت ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته اهڙيون ڪاغذي ڊگريون حاصل ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حيدرآباد ۾ قائم ٿيندڙ يونيورسٽين ۾ داخلائن جو طريقو اهو ئي رکيو وڃي جيڪو هن وقت سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ رائج آهي داخلائن جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به بدعنواني نه ٿيڻ گهرجي. اهڙي ريت گورنمينٽ ڪاليج ۾ قائم ٿيندڙ يونيورسٽي بابت جيڪي خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن تن ۾ اهو ئي چيو پيو وڃي ته ان ڪاليج ۾ جيڪي استاد پڙهائي رهيا آهن اهي هينئر سان ئي خوشي ۾ نه پيا ماپجن ته يونيورسٽي ٿيڻ کان پوءِ اهي پاڻمرادو يونيورسٽي جا استاد مقرر ٿي ويندا. جڏهن ته يونيورسٽي ۾ مقرريون نج ميرٽ تي ٿيڻ گهرجن جيڪڏهن ميرٽ تي مقرريون ڪيون ويون ته گورنمينٽ ڪاليج جو ڪو به استاد شايد ئي ان معيار تي لهي سگهي بهرحال في الحال ته اهي نه رڳو خوشفهمي جو شڪار آهن پر اهي ڄڻ ته پاڻ کي اڳواٽ ئي يونيورسٽي جو استاد سمجهي رهيا آهن. اسان جي خيال ۾ هر استاد کي پنهنجي قابليت آهر مان ۽ مرتبو ضرور ملڻ گهرجي. جڏهن ته اسان جڏهن گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري جي تعليمي معيار جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي حيدرآباد جي ٻين ڪاليجن جي ڀيٽ ۾ ان ڪاليج جي تعليمي صورتحال ۾ ڪا به بهتري نظر نٿي اچي جنهن جي بنياد تي اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته ان ڪاليج جي استادن جي شاندار ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي هتي اسان حڪومت جي ڪن تي اها ڳالهه به آڻڻ گهرون ٿا ته جيئن ته حيدرآباد مذڪورا ڪاليج ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ واري اعلان کانپوءِ شهر جون ڪجهه سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ  ڪاليج جا دورن پٺيان دورا ڪندا نظر اچي رهيا آهن ۽ انهن جي ڪوشش آهي ته يونيورسٽي ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهي اهي پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائي سگهن. اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن سڀني سياسي پارٽين جا اڳواڻ ميرٽ بجاءِ سفارش يا جوڙ توڙ ذريعي پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ نئين ٺهندڙ يونيورسٽي سياسي پارٽين جو ڳڙهه بڻجي ويندي ۽ يونيورسٽي جا استاد ۽ عملو هڪ ٻئي کي ڪڍڻ يا هيٺانهون ڏيکارڻ واري گندي سياست جا مهرا بڻجي ويندا. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته اها يونيورسٽي تعليم جو مرڪز بڻجي ته ان کي پٽيوالي کان وٺي وائيس چانسلر ۽ سينڊيڪيٽ جي ميمبرن جي مقرري تائين هر وک ۽ هر فيصلو تڪي توري ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها يونيورسٽي تعصب نفرت ۽ گندي سياست کان پاڪ هڪ تعليم جو روشن مينار بڻجي سگهي، اسان هتي اها به صلاح ڏينداسين ته نئين يونيورسٽي لاءِ زمين حيدرآباد جي ديهه شاهه بخاري يا ان کان اڳتي واري علائقي ۾ خريد ڪئي وڃي ته جيئن اها يونيورسٽي شهر جي ڳتيل علائقي مان نڪري پري هنڌ تي قائم ٿئي ۽ اها شهر جي گوڙ گهمسان کان پڻ پري هجي اسان کي اميد آهي ته اها نئين يونيورسٽي پڙهڻ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ عظيم تحفو ثابت ٿيندي جنهن تحفي کي ايندڙ سوين سالن تائين سنڌ جو عوام ياد رکندو.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هڪ ڪيس کي هڪ صدي ٿيڻ واري انصاف وري به نه مليو!

اسلام آباد مان هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هڪ ڪيس …