Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / سنڌ سرڪار تي ڳجهه ڳوهه ۾ 50 هزار نوڪريون ورهائڻ وارا لڳندڙ الزام

Powered by free wordpress themes

سنڌ سرڪار تي ڳجهه ڳوهه ۾ 50 هزار نوڪريون ورهائڻ وارا لڳندڙ الزام

پيپلز پارٽي جي حڪومت جڏهن به اقتدار  ۾ آئي آهي تڏهن ان بيروزگار نوجوانن کي وڏي پيماني تي نوڪريون ڏنيون آهن. اهي ڳالهيون سنڌ جي عام حلقن ۾ اڪثر ڪري ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا اڪثر نوجوان پ پ جي اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جي بنگلن تي جتيون گسائيندا نظر ايندا آهن. بيروزگارن پاران بنگلن جا چڪر لڳائڻ تي کين وانٺن طرفان ڇڙٻون کائڻيون پونديون آهن، بي  عزتو ٿيڻو پوندو آهي. جڏهن ته انهن بيروزگارن جي مائٽن کي جيالو هجڻ جيل ۽ ڦٽڪا کائڻ سميت ڪيترائي داستان ٻڌائي پاڻ کي پارٽي جو جانثار ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائڻ پوندا آهن، اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود چيو وڃي ٿو ته نوڪري وري به ان کي ملندي آهي جنهن کي اسيمبلي ميمبر يا سينيٽرز ڏيڻ چاهيندو آهي ۽ انهن نوڪرين جي ورڇ ڪڏهن ڪمدارن ته ڪڏهن پارٽي جي مک جيالن طرفان ڳجهه ڳوهه ۾ اهڙي ريت ڪئي ويندي آهي جو نوڪري وٺڻ  وارو ۽ نوڪري جو آرڊر هٿ  ۾ ڏيڻ وارو ٻئي خاموش ئي رهندا آهن ۽ ڪنهن کي ڪنو ڪن خبر ئي پوندي آهي  ڇاڪاڻ ته خاموشي جو سبب رڳو اهو هوندو آهي جو هر نوڪري جو اگهه مقرر هوندو آهي هڪ گريڊ واري نوڪري جو واڪ هڪ لک کان شروع ٿيندو آهي. اهڙي ريت هر گريڊ جي نوڪري ان گريڊ واري انگ موجب يعني اٺين گريڊ واري نوڪري جو واڪ 8 لکن کان شروع ٿيندو آهي پوءِ اها نوڪري تين وال تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ان نوڪري لاءِ واڪ ڏيندڙ وڌيڪ واڪ ڏيڻ لاءِ ڪو به نه هوندو آهي، نوڪرين واريون لڳل اهي پڙيون ڪيترن ئي وانٺن جا گهر ڀرڻ جو به سامان پيدا ڪري ڇڏينديون آهن ته ٻي طرف ڪوٽا حاصل ڪندڙ اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽرن جا به جاوا ٿي ويندا آهن جيئن ته هاڻ ايندڙ سال اليڪشن جو آهي، ان ڪري عوام کان ووٽ به وٺڻا آهن ته ايندڙ اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ خرچ جو به بندوبست ڪرڻو آهي، ان ڪري ترن جو تيل مان ڪڍڻ لاءِ هينئر سان ئي نوڪرين جي ورڇ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. ضروري  ناهي ته هر اسيمبلي ميمبر نوڪرين کي وڪرو ڪندو هجي پر ائين به ناهي ته سڀئي نوڪريون حقدارن کي ڏسي انهن کي ئي ملندي هجي. بهرحال اطلاع اهي آهن ته سنڌ سرڪار 50 هزار نوڪريون اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي جي عهديدارن سميت هر هڪ کي ڪوٽا موجب ڳجهه ڳوهه ۾ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ چيو پيو وڃي ته سينيٽر ۽ قومي اسيمبلي جي هر ميمبر کي 35 نوڪريون ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر کي 25 نوڪرين جي ڪوٽا ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ طريقو اهو جوڙيو ويو آهي جو اسيمبلي ميمبرن کان کين مليل ڪوٽا موجب نالا گهرايا ويا آهن ۽ انهن نالن تي آرڊر جاري ڪري انهن حوالي ڪيا پيا وڃن. جڏهن اهي سڀئي نوڪريون اسيمبلي ميمبرن معرفت ورهائجي وينديون، ان کان پوءِ اخبارن ۾ 50هزار نوڪرين لاءِ درخواستون گهرايون وينديون ۽ پوءِ انٽرويو ۽ انٽري ٽيسٽ جهڙا ڊراما ٿيندا ۽ بيروزگارن کي فوٽو اسٽيٽ ۽ درخواستون اماڻڻ جي نالي ۾ لکين رپيا خرچ ڪرايا ويندا ۽ ميرٽ جو ڍونگ شروع ڪيو ويندو. اسان هي جيڪا ڳالهه لکي رهيا آهيون اها پ پ مخالف پارٽين جي حلقن پاران عوام کي ٻڌائي پئي وڃن، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سرڪار اهڙو ڪو به ناجائز قدم کڻڻ کان پاسو ڪندي، جنهن سان ميرٽ جو سرعام قتل ٿيندو نظر اچي ۽ بيروزگار نوجوانن ۾ وڌيڪ مايوسي پکڙي ان ڪري سنڌ سرڪار کي ان سلسلي ۾ فوري طور تي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته انهن افواهن يا الزامن ۾ ڪيتري حقيقت آهي، جيڪڏهن اهي خبرون غلط آهن ته پوءِ ان لاءِ بيروزگار نوجوانن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ فوري طور تي اخبارن ۾ نوڪرين لاءِ اشتهار ڏنا وڃن ته جيئن بيروزگار نوجوان مطمئن ٿي سگهن پر  جيڪڏهن حڪومت بيروزگار نوجوانن کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ نوڪرين بابت اخبارن ۾ اشتهار نه ڏنا ته پوءِ ائين سمجهيو ويندو ته سنڌ سرڪار ميرٽ جي لتاڙ ڪندي نااهل ماڻهن کي نوڪرين سان نوازڻ واري روايت کي برقرار رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي ناپسنديده عمل کي ٻيهر هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن کي سنڌ جو ڪو به حلقو چڱي  نظر سان نه ٿو ڏسي. اسان کي اميد آهي ته سنڌ سرڪار ڪوٽا تحت اسيمبلي مميبرن کي نوڪريون ڏيڻ واري عمل خلاف تحريڪ وٺي ان فيصلي تي نظرثاني ڪندي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ بيروزگار نوجوان اعليٰ عدالتن جو در کڙڪائي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن اعليٰ عدالت ڪوٽا تحت نوڪرين ورهائڻ واري عمل کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان کي سياسي رشوت قرار ڏيئي اهي سڀئي نوڪريون ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏيون ته ان سان سنڌ سرڪار تي وڌيڪ اڱريون کڄنديون جيڪي ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون، ان ڪري حڪومت اميد ته حڪومت اهڙي ڪنهن به عمل جي پٺڀرائي نه ڪندي جنهن سان ميرٽ جي لتاڙ ڪرڻ وارا الزام حڪومت جي سر تي لڳن ۽ ميرٽ جو جنازو ڪڍندڙ پارٽي وارا الزام ايندڙ عام چونڊن جو مک نعرو بڻجي وڃن.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …