Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / هڪ آءِ جي اڳيان بيوس بڻيل سنڌ حڪومت

Powered by free wordpress themes

هڪ آءِ جي اڳيان بيوس بڻيل سنڌ حڪومت

سنڌ حڪومت آءِ جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري قانوني جنگ هارائي وئي آهي. گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي عرصي کان هلندڙ تڪرار جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عدالت اي ڊي خواجا کي عهدي تي برقرار رکڻ سميت کائنس ڦريل سمورا اختيار به واپس ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي فيصلي بعد عدالت آءِ جي اي ڊي خواجا کي مڪمل اختيار به ڏئي ڇڏيا آهن، هاڻي هو نه فقط مڪمل اختيار وارو آءِ جي بڻجي ويو آهي پر سندس حڪم نه مڃيندڙ چاهي اهو ايڊيشنل آءِ جي هجي ڊي آءِ جي هجي يا ايس ايس پي هجي ان خلاف سخت ڪارروائي پڻ ڪري سگهندو. ان سان گڏوگڏ ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين پوليس آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جا اختيار به واپس آءِ جي جي حوالي ڪيا ويا آهن. جيڪي سنڌ حڪومت ڪجهه عرصو اڳ گهرو وزير سهيل انور سيال حوالي ڪري ڇڏيا هئا اها سنڌ حڪومت جنهن آءِ جي کان ڪيترائي اختيار کسي ڇڏيا هئا، ايتري قدر جو هن کي پوليس هيڊ ڪوارٽر کانسواءِ ٻاهر وڃڻ لاءِ به گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري جي اجازت جي ضرورت هئي اهو اي ڊي خواجا عدالت جي فيصلي بعد ايترو ته سگهارو ۽ بااختيار آءِ جي بڻجي ويو آهي جو سنڌ سرڪار هاڻي گوڏا کوڙڻ بدران پٽ تي ڪري پئي آهي کيس هاڻي ٻيو ڪو به سهارو نظر نٿو اچي. هن مهل سنڌ سرڪار وٽ فقط ٻه رستا موجود آهن  يا ته اي ڊي خواجا کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو بڻائجي ۽ سمورا  معاملا ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو واري بنيادي تي حل ڪيا وڃن يا وري حڪومت پنهنجي هوڏ تان لهڻ بدران سپريم ڪورٽ ۾ اهو فيصلو چئلينج ڪري تنهن ڪري پ پ جي ٿنڪ ٽئنڪ ٻئي نمبر آپشن کي بهتر سمجهيو آهي ۽ آءِ جي اي ڊي خواجا کي بااختيار بڻائڻ واري فيصلي کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي پر هتي ڏسڻو اهو آهي ته تاريخ ۾ عدالتن جا فيصلا پ پ جي حق ۾ گهٽ آيا آهن. هن ڀيري جڏهن هڪ صوبائي معاملو آهي ۽ صوبي ۾ پيپلز پارٽي هڪ مضبوط جماعت ۽ مسلسل ڏهن سالن کان حڪومت ۾ آهي تنهن جي ڪيتري اهميت آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار آءِ جي اي ڊي خواجا کي ڪم ڪرڻ ڏئي ٿي يا وري  وڌيڪ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي کيس اجلاس ۾ گهرايو وڃي ٿو يا هينئر به ان جي ماتحت آفيسرن ذريعي صوبي ۾ امن امان بحال رکڻ جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا. عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي جو عهدو 3 سالن لاءِ هوندو آهي تنهن ڪري آءِ جي اي ڊي خواجا کي اڃا 18 مهينن تائين ڪو خطرو نظر نٿو اچي هن مهل پيپلز پارٽي کي پيٽ ۾ سور اهو آهي ته ايندڙ سال چونڊن جو آهي ۽ چونڊن ۾ جيئن ته پوليس جو وڏو ڪردار هوندو آهي اها جيڪڏهن حڪمرانن جي هٿ ۾ نه هوندي ته پ پ پنهنجي موجوده حالت وڃائي به سگهي ٿي ان کانسواءِ ٻيو ته ظاهري طرح اي ڊي خواجا ڪو به اهڙو ڪم ناهي ڪيو جو هو پ پ حڪمرانن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي چڪو آهي. هن جو ٻيو ڏوهه ته ناهي پر هڪڙو ڏوهه ضرور آهي ته هن غريب پڙهيل لکيل نوجوانن کي بغير ڪنهن حساب ڪتاب جي نج ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن. اها ئي وقت جي حڪمرانن کي ڪاوڙ آهي ته اهو ڏوهه ڇو ڪيو؟ اسان جو اهو منشور نه آهي! بغير ڪنهن حساب ڪتاب جي ائين ئي نوڪريون ڏئي ڇڏيون ڇو ته اسان کي به بغير حساب ڪتاب جي وزارتون نٿيون ملن اهي مڙوئي ڪاوڙ  اها ئي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ سرڪار وڏي امتحان هيٺ آهي جيڪڏهن هو خاموش ٿي آءِ جي اي ڊي خواجا کي قبول به ڪري ڇڏي ته سندس پوليس آفيسرن ذريعي چونڊن ۾ رٿيل دخل اندازي تي وڏو اثر پوندو اسان اهو به چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته سڄي سنڌ ۾ پوليس آفيسر مقامي چونڊيل نمائندن جي خواهشن تي ئي لڳايا ويندا آهن ان جو واضح مثال اهو به آهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت پاران گهرو وزير کي ايس ايس پيز ۽ ٻين آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو اختيار ڏنو هو ته ان مرضي موجب 67 پوليس آفيسرن  کي مقرر ڪيو جن کي پڻ عدالت ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي اسان کي اها به خبر آهي ته سنڌ حڪومت آءِ جي اي ڊي خواجا کي خوشي سان مقرر نه ڪيو هو  اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام لڳايا هئا ته عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ سرڪار کي ان خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪرڻ بابت سخت پڇاڻو ڪيو هو ان ڪري سنڌ سرڪار مجبور ٿي ڪنهن سٺي ساک واري آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو هو جيئن اسان تان ڪارو داغ ڌوپجي تڏهن انهن اي ڊي خواجا جو نالو سرفهرست نظر آيو ۽ هاڻي اهو ئي آءِ جي پ پ حڪومت لاءِ سڀني کان خراب آفيسر بڻجي چڪو آهي ان جا سبب ڪهڙا آهن سڀ کان پهريون بدين ۾ بااثر شخصيت جي شگرملن کي زبردستي ڪمند ڏيارڻ هو جيڪو ڪمداري واري عمل اي ڊي خواجا کي بلڪل پسند نه هو، ٻيو سبب امن امان بابت اجلاسن ۾ آءِ جي کي نه گهرائڻ هو ٽيون اهم سبب اهو به هو ته اي ڊي خواجا هميشه چوندو رهيو ته پوليس قانون تبديل ڪريو ڇاڪاڻ ته موجوده قانون انگريزن جي دور جو قانون آهي ان ۾ پوليس عام شهرين لاءِ نه پر اعليٰ عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن جي ماتحت بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته انگريزن ان وقت اهو ئي قانون جوڙيو هو ته جيئن پوليس آفيسر اسان جي ماتحت رهن. ان کانسواءِ به ڪيترائي  ٻيا ڳجها سبب آهن جيڪي اسان تي آشڪار نه ٿيا آهن اهي مڙيئي سڀ ڳالهيون  آهن جيڪي آءِ جي اي ڊي خواجا ۽  سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ڏڦيڙ جو سبب بڻيل آهن.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته پٽيشن ۾ هڪ نقطو اهو به هو. 2012  وارو پوليس قانون آئين سان ٽڪراءُ ۾ هو پر عدالت ان کي آئين سان ٽڪراءُ قرار نه ڏنو ان کي به جواز ڄاڻائي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو سنڌ حڪومت وٽ فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ کانسواءِ اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪرائڻ جو آپشن به موجود آهي پر پ پ جي قانوني ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت نئون پوليس قانون منظور ڪرائي ٻيهر آءِ جي کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته وري اهو معاملو تڪراري ٿي ويندو ۽ هڪ ٻي قانوني ڪارروائي شروع ٿي ويندي شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت معاملي تي وڌيڪ تڪراري بنائڻ بدران معاملي کي اعليٰ عدالت ڏانهن کڻي وڃڻ کي ئي آخري آپشن سمجهيو آهي.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …