Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / عدالتي فيصلن کي تڪراري بڻائڻ ڪو سٺو سنوڻ هرگز ناهي

Powered by free wordpress themes

عدالتي فيصلن کي تڪراري بڻائڻ ڪو سٺو سنوڻ هرگز ناهي

احتساب عدالت پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ اپيل داخل ڪندي چيو آهي ته آصف علي زرداري خلاف سري محل ۽ آف شور ڪمپنين سميت پرڏيهه ۾ اثاثن جا ڪيترائي ثبوت موجود آهن پر احتساب عدالت انهن سڀني ثبوتن کي نظر انداز ڪندي آصف علي زرداري کي بري ڪيو آهي  ائين کڻي چئجي ته ٻين لفظن ۾ نيب احتساب عدالت جي فيصلي کي رد ڪندي ان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي. اهڙي ريت سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان فيصلي کي مسلم ليگ ن جي قيادت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ته ٻئي طرف  اين اي 120 تي چونڊ وڙهندڙ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز پنهنجين تقريرن ۾ نه رڳو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي پر فيصلو ٻڌائيندڙ ججن خلاف ڳالهائڻ سان گڏوگڏ هاڻ ته هن اهو به چوڻ شروع ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نواز شريف جيڪا اپيل ڪئي آهي ان نظرثاني واري اپيل جي ٻڌڻي ڪندي جج کيس نااهل ئي هجڻ  واري فيصلي جي مهر هڻندا. مريم نواز سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ ججن تي تنقيد ڪرڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي تنهن مان ته ائين لڳي ٿو ته هاڻ نواز ليگ اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي آهي ته اقتدار جي اصل واڳ ڌڻين نواز شريف جي ڪٽنب جا رستا هميشه لاءِ بند ڪرائي ڇڏيا آهن ان ڪري هاڻ جيڪو ڪجهه وڌيڪ ٿيڻو آهي اهو ڀل ٿئي تنهن جي کين پرواهه ناهي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته مريم نواز اهو به سمجهي ورتو آهي ته جيتوڻيڪ اها لاهور جي تڪ 120 تي چونڊ ته کٽي ويندي پر سندس خلاف توهين عدالت جي ڪا درخواست داخل ٿي ته اها سندس لاءِ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته کيس حلف کڻڻ کان ئي روڪيو وڃي جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته عوام ۾ شريف ڪٽنب لاءِ همدردين ۾وڌيڪ اضافو ٿيندو ته ٻئي طرف نواز شريف ڪٽنب خلاف جيڪي ريفرنس داخل ٿيڻ وارا آهن اهي ريفرنس به اڳتي هلي نواز شريف ڪٽنب لاءِ همدردين ۾ وڌيڪ اضافو ڪندا ان ڪري عوام ۾ پاڻ کي قبول ڪرائڻ لاءِ مريم نواز جيڪا حڪمت عملي شروع ڪئي آهي اها اڳتي هلي نواز ڪٽنب کي ڪيترو فائدو يا نقصان پهچائي سگهي ٿي تنهن جو فيصلو به ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو. هڪ طرف نواز شريف جو ڪٽنب عدالتن خلاف ڳالهائيندو نظر اچي رهيو آهي ته ٻئي طرف آصف زرداري خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي به احتساب عدالت پاران بري ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ نيب پاران ان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ تي اها به نه رڳو عدالتن خلاف چپ چوريندي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جڏهن سنڌ جي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ بابت جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان کانپوءِ پيپلز پارٽي به ان فيصلي سان اختلاف ڏيکاريندي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته پپيلز پارٽي جي اهم اڳواڻ سعيد غني ته ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي واضح نموني چيو آهي ته عدالتي فيصلي کانپوءِ سنڌ جي آءِ جي کي صوبائي وزير وارا اختيار ملي ويا آهن ۽ لڳي ٿو ته هاڻ هن کي وڏي وزير کان به وڌيڪ اختيار ڏنا ويا آهن. يعني ته هاڻ وڏو وزير آءِ جي پوليس کان ڪو به پڇاڻو ڪري نه ٿو سگهي ۽ نه ئي پوليس جي ڪنهن عملدار جي بدلي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن کي مقرر يا هٽائي سگهي ٿو ان سلسلي ۾ فيصلي تي تنقيد ڪندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته عدالت جيڪڏهن انتظامي اختيار استعمال ڪري ته خرابي پيدا ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته عدالت هدايت ته ڪري سگهي ٿي پر حڪومت کي ڊڪٽيٽ نه ٿي ڪري سگهي آءِ جي جو مسئلو گورننس جو آهي سنڌ ۾ هر معاملي کي سياست جي نذر ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن عدالت جي فيصلي کانپوءِ پوليس کاتي ۾ جيڪي مقرريون ڪيون ويون هيون تن ۾ 67 پوليس آفيسرن جون بدليون رد ڪندي انهن کي ٻيهر پنهنجن اڳوڻين پوزيشن تي بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. اسان جي خيال ۾ عدالت جي حڪم تي عمل ڪرڻ ته بهتر ڳالهه آهي پر ان سلسلي ۾ جيڪا  تڪڙ ڪئي وئي آهي اها هڪ وڏو انتظامي بحران پيدا ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ٿي ۽ اعليٰ عدالت ان فيصلي تي ڪو اسٽي آرڊر جاري ڪري ٿي ته پوءِ اهي رد ڪيل بدليون ٻيهر بحال ٿي سگهن ٿيون يعني جڏهن اهي عملدار ٻيهر پنهنجن اڳوڻين پوسٽن تي واپس ٿيا ته پوءِ سنڌ پوليس جي آءِ جي وارا حڪم هوا ۾ اڏامي ويندا  ان ڪري چڱو ائين ٿئي ها ته ڪنهن انتظامي بحران کان بچڻ لاءِ اهي بدليون سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ کانپوءِ ڪيون وڃن ها ته يقينن ان جا بهتر نتيجا نڪرن ها ۽ انتظامي بحران جو به ڪو امڪان نه رهي ها. اسان عدالتن جي فيصلن جو مٿي جيڪو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن فيصلن خلاف پيدا ٿيندڙ تڪرار ۽ رد عمل جو جيڪو نقشو چٽيو آهي تنهن جو مقصد رڳو اهو آهي ته اسان جون اهي اعليٰ عدالتون ئي آهن جن تي عوام کي اڃا گهڻو ڪجهه اعتماد آهي پر جيڪڏهن عدالتن جا فيصلا ائين رد ڪيا ويندا رهن يا نظر ثاني واريون اپيلون يا فيصلن خلاف اپيلون داخل ٿين ۽ جيڪڏهن انهن اپيلن ۾ ماتحت  عدالتن جا فيصلا  رد قرار ڏنا وڃن ته پوءِ عوام جي اعتماد کي ڪيترو ڇيهو رسندو تنهن بابت ضرور سوچڻ گهرجي. اسان هتي ٻين فيصلن کي پاسيرو رکندي آصف زرداري کي بري ڪرڻ واري فيصلي بابت رڳو ايترو چونداسين ته ڇا احتساب عدالت آڏو نيب جيڪي ثبوت پيش ڪيا هئا اهي ايترا ته ڪمزور هئا جو آصف زرداري کي احتساب عدالت کيس بري ڪري ڇڏيو يا نيب جي بقول ته احتساب عدالت پيش ڪيل ثبوتن کي نظر ۾ ئي نه آندو جنهن ڪري آصف زرداري بري ٿي ويو. انهن ٻنهي ڳالهين مان ڪهڙي ڳالهه صحيح آهي تنهن جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ئي واضح ٿي ويندو پر جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ به آصف زرداري کي بري ڪيو ته پوءِ احتساب عدالت جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال ضرور کڙا ٿي ويندا. تنهن لاءِ به سوچڻ جي سخت ضروري آهي.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …