Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / ڏاڍو ساريندين، منهنجي مُئي کانپوءِ تون……!!

Powered by free wordpress themes

ڏاڍو ساريندين، منهنجي مُئي کانپوءِ تون……!!

منير ڊومڪي:

نامياري برٽش انقلابي،رومانوي شاعر ۽ نقاد شيلي چواڻي ته شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو آهي ته شاعري جي ذريعي تخليقڪار اهي اڳڪٿيون ڪندا آهن،جن جي باري ۾عام ماڻهو سوچي به نٿو سگھي.ڊکڻن جي ارڏي قومي شاعر شهيد زخمي چانڊيو جي شعري مجموعي”منهنجي مُئي کانپوءِ“ کي گھرائيءَ ۾ پڙهڻ کانپوءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته شاعر واقعي اهي پيشن گوئيون ڪندا آهن،جيڪي عام ماڻهو نٿا ڪري سگھن.اسان جي اها بدقسمتي چئجي يا اسان جي بي حس معاشري جو ٻٽو رويو ته جڏهن اسان جا سچا دانشور يا قومي غيرت سان سرشار شاعر جڏهن حيات هوندا آهن، ته اسان انهن جو قدر ايڏو ڪين ڪندا آهيون، جيڏو قدرانهن جو اسان کي ڪرڻ گھرجي،پرانهن جي مرڻ کانپوءِ اسان کي اهو احساس ورائي ويندو آهي ته اسان پنهنجا ڪهڙا نه املهه هيرا وڃايا آهن.هو،جيڪو پنهنجي حيات ۾ اهو نوحو ڳائيندو رهيو ته:

جيئري قدر ڪونه ڪيئه،

ڏاڍو ساريندين،

منهنجي مُئي کانپوءِ تون،

اوڇنگارون ڏئي لاش تي،

راڄ روئاريندين،

منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

پران نوحي سان گڏ شاعر زخمي چانڊيو يوناني نيم ڪلاسيڪي شاعر هوريس وانگر اها اڳڪٿي پڻ ڪري ويو ته:

جهر جهنگ مُنهنجي شاعري،

نيٺ جُهونگاريندين،

منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

جڏهن زخميءَ جي سنڌ جي اڄ جي ٿر ۾ قيامت برپا هجي، معصوم ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي مري وڃن ۽ ارباب اختيارن جي مجرمانه غفلت سبب مور جهڙي خوبصورت پکي جي نسل ڪُشي ٿئي ۽ اسان جا سياستدان پريس ڪانفرنس ۾اهو مطمئن ٿي چون ته ”سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي“ان کانپوءِ پنهنجي محلن ۾ وڃي عيش ڪن ته پوءِ حيف هجي اهڙن نام نهاد درد مندن تي!

حيف اٿئي جو عيش ڪرين ٿو،

قيامت برپا آهي ٿر ۾.

زخمي ڄام خان چانڊيو بطور شاعر،ڪو هڪ شاعر نه هو.هو قومي شاعر سان گڏوگڏ برٽش شاعر ورڊس ورٿ وانگر فطرت پسند شاعر هو.هو جديد شاعر به هو،ته حماليه جبل جيڏي وڏي همت جو ارڏو شاعر به هو.هو پنهنجي عملي توڙي تصوراتي دنيا ۾ اصلاحي شخص ۽ تخليقڪار هو.زخمي انسان دوست ،امن ۽ ڀائيچاري جوايمبيسڊر هو.نه فقط اهو،پر هو سچ جو علمبردار به هو.زخمي فطرت جي حسناڪين کي واکڻيندڙ شاعر هو.حسين باغن جي سير و تفريح ۽ سرسبز وڻن ۽ ٻوٽن جي صحبت ۾ رهڻ هن جو هميشه محبوب مشغلو رهيو هو.ڪڏهن هي فطرت جوعاشق شاعر سنڌوءَ جا ساوا کيت گھمي سرهو ٿئي ٿو:

ساوا ساوا کيت سنڌوءَ جا.

ته ڪڏهن هو پڙهندڙن کي سهڻين نارين کي جوڙن جي صورت ۾ سرنهن جي ڦولارن ۾ پَليءَ جي پٽڻ واري من موهت منظر جي تاثر جو ٻڌائي ٿو ته اهڙو حسين منظر انهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڏٺو آهي؟ته ڪڏهن هوباغ ۾ بُلبل جي مچايل شور۽ ان جي ڳايل هر تراني کي ياد ڪري خوش ٿئي ٿو.

سرنهن جي ڦولارن ۾ نارين جو جوڙيون،

پَليءَ جي پَٽڻ جو نظارو ڏٺو ٿئه؟

**

باغ ۾ بُلبل مچايو شورُ هو،

ان جو ڳايل هر ترانو ياد آ!

 

هن جي نازڪ هانوءَ کي ان وقت هزارين وڍ ايندا هئا ۽ هو اهو برداشت ڪين ڪري سگهندو هو،ته ماڻهو ماحول ۾ جتي ڪٿي آلودگي ڦهيلائي ڪري سندر فطرت سان هٿ چراند ڪري ان جو جنازو کڻن.

جاڏي ڏس آلودگي،

سندر فطرت جو،

هي جنازو ٿو وڃي!

.ڄام خان چانڊيو جيئن ته جديد عهد جو شاعر هو ته هن پنهنجي قلم جي ذريعي جديد مسئلن کي به اجاگر ڪيو.دنيا جي جديد دانشورن،قلم ڌڻين ڊراما نويسن ۽ شاعرن جن جديد اشوز تي روئڻ پٽڻ شروع ڪيو،ته اهي اشوز سڌريل سماجن مان ميسارجي ويندڙ مذهبي، سياسي، سماجي، ثقافتي، خانداني ۽ انفرادي اقدار آهن.اهو ئي سبب آهي جو انگريز ڊراما نويس جارج برناڊ شاهه پنهنجي ڊرامي ”ميجر باربرا“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”هن مهل دنيا سان اهو سڀ ڪجهه ئي ته غلط ٿي رهيو آهي“.جديد برٽش جڳ مشهور ڏاهو برٽرانڊ رسِل پنهنجي نامياري ڪتاب ”دءَ ڪانڪيسٽ آف هيپينس“جي صفحي 94 ۾ لکي ٿو ته جڏهن جديد تهذيب واري هن عهد ۾ انسان جي دل دوستيءَ کان عاري ۽ رُڳي نفرت سان ڀريل هجي،پوءِ ڄڻ ته زندگيءَ مان هر مطلب ۽ معنى نڪري وئي هجي.ڀلا!جنهن ايڪويهين صدي جي آمد سان گڏوگڏ رهبرن مان رهبري ۽ سچائي نڪري وڃي، دوستن جي دوستيءَ ۾ اها خلوص ۽ محبت باقي نه رهي،جن گڻن سان دوستي جو رشتو سڃاتو ويندو آهي ۽ پرين پيارن جي دلبري به صرف مطلب جي هجي ۽ ڪڏهن وري ان دلبري ۾ به کوٽ هجي، محبت جي جاءِ نفرت ولاري ويهي،لوڪ انا پرست ٿي وڃن،انهن مان سهپ به موڪلائي وڃي،پوءِ ماڻهوايڪويهين صديءَ جي اچڻ سان معاشري ۽ ماڻهن مان گم ٿي ويل انهن قدرن جي باري سوال ته اٿاريندو نه؟!

رهبرن مان رهبري ڪا ڏي وئي؟

دوستن مان دوستي ڪا ڏي وئي؟

مون کي کولي تون ٻڌاءِ اڪيهين صدي!

دلبرن مان دلبري ڪاڏي وئي؟

**

نفرت،نفرت آ رُڳي،

ميٺ محبت جو،

هي جنازو ٿو وڃي!

**

لوڪ کي ٿي ويو اَنا جو ڪينسر،

ڪَس ڪثر وارو قصو ڪاڏي ويو.

جديد زندگيءَ جو ان کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگھي ٿو،جواڄ جي سائنسي دور ۾ به:

ايڏي ڄنڊا پَٽ!

سائنس جي هن دور ۾!

سائنس جي هن دور ۾ جتي امير امير کان اميرترين ٿيندو ٿو وڃي، ته اُتي ئي اڄ جي ڪمزور ۽ مفلس ڪنهن انسان جو گھر ڪنهن کي ڏسڻو آهي ته سنڌ جي ڪنهن ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي ڏسي، ته پوءِ هن کي جديد جيئري انسانن جي کليل تذليل جي سڄي پت وائکي ٿيندي نظر ايندي،ته اهي انسان اڄ جي هن سائنسي دور ۾ به ڪهڙي حال ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

حال اسان جو هيءُ اٿئي،

ڇڳل آ گھرِ کٽ،

سائنس جي هن دور ۾!

زخمي،جيڪو پاڻ عملي زندگيءَ ۾ هماليه جيڏو حوصلو رکندڙ ارڏو انسان هو،هن پنهنجي شاعري ذريعي به سدائين همت ۽ حوصلي جي ڳالهه ڪئي.هن نه فقط ڳالهه ڪئي،پرهن ناتوان ۽ هيڻن انسانن کي همت جي طاقت کان باور به ڪرايو، ته همت جي طاقت آخر ڇا هوندي آهي؟اميد ۽ همت ماڻهوءَ جي اندررات جي تاريڪي ۾ به ڄڻ ته جُگنوءَ جو اتساهه وارو ڪم ڪن ٿا.

هيڻن همت ڪئي جڏهن،

ڏاڍن جو دهمان،

خطري ۾ پئجي ويو.

**

اونداهيءَ جي رات ۾،

جُگنوءَ جو اتساهه،

ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.

اها همت جي طاقت ئي هوندي آهي،جنهن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي بقا جي جنگ به وڙهي ٿو،

جنگ بقا جي وڙهه پيو،

ٿورو باقي پنڌ.

زخمي ڪومل جذبن واري شاعر سان گڏوگڏ سماج سڌارڪ به هو،پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترين ئي بند پيل اسڪولن کي ٻيهر کولرائڻ لاءِ هن پاڻ پتوڙيو.سماجي وڏي تبديلي ڪيئن اچي سگھي ٿي؟سائنسي ايجادن جي ذريعي؟نه.سماجي بهبود وارن ڪم ڪارن وسيلي؟بلڪل نه.سياسي نعرن جي ذريعي ڀلا؟!نه هرگز نه.سماجي ماهرن جي نظر ۾ سماجي وڏي تبديلي تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿي،جڏهن گھر گھر تعليم جو فانوس روشن ڪيو وڃي.شاعر زخمي به اهو ريفامر آهي،جيڪو پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي ساڳيو ئي پيغام عام ڪرڻ جو درس ڏي ٿو:

گھر گھر ۾ تعليم جو،

روشن ڪيو فانُوس،

مِڙي سڀئي مُٺ ٿيو.

اسان توهان تعليم کي انسان جي ٽئين اک سمجھون ٿا،پرشاعر زخمي هڪ قدم اڳتي جي نظر رکي ٿو،هن جي نظر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان ماڻهو کي ڄڻ ته چار اکيون ملي وڃن ٿيون ۽ هن جون راهون به ڄڻ ته چئن طرفن کان کُلي وڃن ٿيون.

چيائين ته:تعليم ٽئين اک آهي،

چيم:چار اکڙيون ملي ٿيون وڃن.

چيائين: طرف چار آهن تڏهن؟

چيم:هائو!راهون کُلي ٿيون وڃن.

سيني ۾ نفيس دل رکندڙ زخمي انسان دوست شخص هو.هوانسان کي سڀني مخلوقن کان مها سمجهندڙ تخليقڪار هو،اهو ئي سبب هو،جوڪنهن معصوم تي ڪوڙ هڻڻ هن ڪا پڄي ڪين سگھندو هو.

ڪنهن مَها انسان تي،

ڪوئي ڪوڙ هڻڻ،

مون کان ڪو نه پڄي سگھي.

انسان جي،قيمت، اهميت ۽ عظمت جي پروڙ جيتري شاعر زخميءَ کي هئي،اوترو ئي انسان جي عظمت جو ظالم قاتل هن جي عظمت کان نامانوس هو،انهيءَ لاءِ زخمي هن کي هر واري ياد ڏيارائيندو رهيو ته:

انسان جي عظمت جا قاتل!

انسان جي قيمت سمجهي ڇڏ،

ڳل نازڪ تي چَڪُ گول ٺهيل،

نشان جي قيمت سمجهي ڇڏ.

ڪنهن معصوم انسان جي بي درد قتل تي،هن هميشه اها دانهن ۽ هڪل ڪئي ته:

انسانن کي او انسان!

مار نه تون بيدرديءَ سان.

پنهنجي نرالي شاعريءَ جي ذريعي سماج جو اصلاح ڪندڙ هي اصلاحي شاعر ۽ شخص پنهنجي زندگيءَ توڙي شاعريءَ ۾ هميشه سچ جي پرچار ڪئي،سچ لکيو به ۽ ان جي ذريعي سنڌ امڙ جو ڪيس به خوب وڙهيو،

سچ لکيو آ،سچ لکئون پيا،لکبو رهبو،

سنڌ امڙ لئه خوب وڙهيا هُون،وڙهبو رهبو.

پرساڳئي وقت ان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ته:

اڄ جو ماڻهو نوي سيڪڙو،

سچ ٻڌڻ کان ٻوڙو ٿي پيو.

**

ڪُوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ٻُڌي آ،

سچ سان هتڙي تعدي ڇو؟.

شهيد شاعر زخمي چانڊيو امن جو ايمبيسڊر هو،هن جو مذهب پيار ۽ انسانيت هئا.

پيارَ،اَمُن جي الفاظن تي،

زبران زيرون تون ۽ مان.

هوايڪي ۽ ٻڌيءَ جو پرچار ڪندڙ شاعر هو،جيڪڏهن امن، پيار،انسانيت ۽ ايڪو آهي پوءِ ته ڄڻ ته هر ماروءَ لاءِ هر روز عيد جو ڏينهن آهي.

هڪ امن هجي،ٻيو پيار هجي،

هر مارو عيد تي مرڪي پئي،

جي ايڪو زنده آباد هجي.

يوناني ڪلاسيڪي ادب ۾ اهو چيو ويو آهي ته مرڻ کانپوءِ هرنفيس دل تخليقڪار هن دنيا مان گم ٿي مٿي آسمان ۾ ڪهڪشان ۾ هليو وڃي ٿو،شهيد زخمي چانڊيو به اڄ هتي زمين ۾ اسان منجهه موجود ناهي،هو اسان کان ڏور مٿي آسمان ۾ گم ٿي ڪهڪشان ۾ هليوويو آهي.هو هتي ڪونهي،جتي اسان هن کي ڳوليوٿا:

گم ٿي ويو آهيان،

مون کي ڳول نه تون،

جاتي ڳولين ٿو پيو،

اتڙي ڪاٿي هان!

مون کي ڳول نه تون.

سنڌ جو هي ارڏو پٽ، جيڪو اسان کان 24 آڪٽوبر 2000ع ۾ هميشه لاءِ موڪلائي هليو ويو،مون کي اها خبر ناهي ته سنڌ کان طبعي طور دائمي وڇڙي ويندڙ شهيد زخميءَ جو روح مٿي امبر ۾ ڪيئن هوندو،پراها پڪ ضرور اٿم ته سنڌ ڌرتيءَ تي هڪ دفعو رهي ويندڙ ان جو هر عاشق جڏهن ان کان ڏور ڪٿي هليو وڃي ٿو ته ان جو جسم توڙي روح اتي نٿو ريجهي،ڇو ته:

هت روح نه ٿو ريجهي،

تو وٽ جو رهي وياسين.

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد ۽ ايم.فل اسڪالر آهي.)

Muneerdomki84@gmail.co

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مين پڙي زندگي کي ٻڙي- گُٽڪو جان کي جهٽڪو

حڪيم نذير شيخ: سڀ کان پهرين هي وضاحت ضروري آهي ته هن موضوع ۽ نشي …