Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / اي ڊي خواجا مان عوام جون اميدون

Powered by free wordpress themes

اي ڊي خواجا مان عوام جون اميدون

سنڌ جي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اختيار ملڻ کانپوءِ پوليس کاتي ۾ وڏي پئماني تي بدليون ڪري پنهنجا اختيار بحال ٿيڻ وارو ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ته ڪئي آهي پر هاڻ امن امان جي سلسلي ۾ سندس ڪلهن تي جيڪي ذميواريون آيون آهن تن ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ هو ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيندو تنهن لاءِ ايندڙ وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو، اي ڊي خواجا جا اختيار بحال ٿيڻ ۽ سنڌ سرڪار پاران ڪيس هارائڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار وقتي طور تي پاڻ کي شڪست کاڌل هجڻ وارو تاثر ڏيندي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته عدالتون سدائين پ پ خلاف ئي فيصلا ٻڌائينديون آهن. پ پ اڳواڻن جي ان دعوا ۾ ڪيتري سچائي آهي تنهن تي هڪ ڊگهو بحث پڻ ڪري سگهجي ٿو پر جڏهن ٻئي طرف هاڻ جڏهن اي ڊي خواجا سنڌ سرڪار کي عدالتي ملهه ماري آهي ان کانپوءِ سندس جيڪو نئون امتحان شروع ٿيو آهي تنهن مان هو ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيندو اهو سندس ايندڙ کنيل قدمن مان ئي ظاهر ٿي سگهندو. في الحال ته آءِ جي سنڌ صوبي ۾وڏي پئماني تي پوليس آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون آهن ۽ هاڻ جڏهن هن پنهنجي مرضي سان اهي بدليون ڪيون آهن تنهن کانپوءِ هاڻ پوليس کاتي ۾ ٿيندڙ بدعنوانين عوام سان ٿيندڙ پوليس جي ظلم ۽ سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان هلندڙ قبائلي تڪرارن، جرڳن، هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جهڙن قهري هٿ ٺوڪيون ڪاررواين ڪوڙن مقابلن ۽ کنڀي گم ڪيل سڀني ڏوهن بابت هاڻ کيس ئي جواب ڏيڻو پوندو اڳ ته اها ڳالهه ڪرڻ آسان هوندي هئي ته پوليس ۾ سياسي بنيادن تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون وڃن ٿيون ان ڪري سنڌ ۾ امن امان بحال نٿو ٿي سگهي پر هاڻ جڏهن سياسي بنيادن تي ٿيندڙ فيصلن آڏو عدالتي فيصلي جي هڪ وڏي ديوار کڙي ٿي چڪي آهي ان کانپوءِ عوام هاڻ اهو ئي ڏسڻ چاهيندو ته اي ڊي خواجا لاءِ ايماندار هجڻ جي جيڪا ميڊيا بپلسٽي ڪئي وڃي ٿي ان پبلسٽي ۾ ڪيتري سچائي آهي ۽ هاڻ عوام کي تڪڙو انصاف ملڻ لاءِ ”عدل جهانگير“ تحت شاهي محل کان ٻارنهن ميلن تائين ٽنگيل سون جي زنجير کي مصيبتن جو ماريل انسان جيڪڏهن اچي ڇڪيندو ته ان کي شاهي محل مان ڇا  اک ڇنڀ ۾ انصاف ملي ويندو؟. سنڌ جو عوام اهڙي تڪڙي انصاف جو هڪ ڊگهي عرصي کان انتظار ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ جڏهن هڪ وردي واري مسيحا کي چونڊيل وزيراعليٰ کان به وڌيڪ اختيار ملي چڪا آهن ته پوءِ هاڻ عوام کي انصاف ملڻ ۾ دير هرگز نه ٿيڻ گهرجي. هتي اسان جڏهن آءِ جي پوليس پاران پوليس کاتي ۾ ڪيل بدلين تي نظر وجهون ٿا ته انهن بدلين ۾ ڪجهه اهڙا آفيسر جي ٻيهر مقرري ٿي آهي جيڪي ”هاف فراءِ“ ۽ فل فراءِ“ فارمولي جا بانيڪار سمجهيا وڃن ٿا جن پنهنجي مقرري دوران سنڌ ۾ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ڪري رکيو هو جو ساڃاهه وندن جي بدن مان به سيسڙاٽ نڪرندي محسوس ٿيندا هئا. انساني حقن جي علمبردارن به تارو ٿيل بدلين جو جائزو وٺي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن خلاف هاف فراءِ ۽ فل فراءِ وارو قهري قانون استعمال ڪرڻ ته آسان رهيو آهي پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪراچي ۾ ڌاڙيلن دهشتگردن ڀتا خورن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ماڻهن خلاف اهو قانون ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿو استعمال ٿئي جيڪڏهن ڪراچي ۾ به اهو قانون استعمال ٿيو ته پوءِ سنڌ جو عوام ائين سمجهندو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي پر جيڪڏهن ڪراچي ۾ اهو قانون لاڳو نه ٿيو ته پوءِ ائين سمجهيو ويندو ته سنڌ ۾ پوليس جو ٻٽو قانون رائج آهي يا اهو قانون سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن لاءِ استعمال ڪرڻ آسان آهي پر جن جا ڌڻي سگهارا آهن انهن آڏو اهو قانون به  پاڻ به ڄڻ ته هاف فراءِ ٿيندو نظر اچي ٿو اسان سمجهون ٿا ته هاف فراءِ ۽ فل فراءِ وارو قانون جنهن جو ڪو به پوليس آفيسر ذمو کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ جڏهن به ڪنهن پوليس آفيسر کان اهڙي قهري قانون بابت سوال ڪيو وڃي ٿو ته اهو اهڙي قانون کان انڪار ئي ڪندو نظر اچي ٿو پر جڏهن عدالتن جي اندر چڪر لڳائي ڏسجي ٿو ته ڪيئي ڊزن جوابدار گهوڙين تي ”ٺڙڪ ٺڙڪ“ ڪندا عدالتن ۾ هلندا نظر اچن ٿا ۽ عدالتن ۾ موجود فريادي وڪيل ۽ منشي هاف فراءِ ٿيلن ڏانهن اشارو ڪري جيڪي الزام لڳائين ٿا اهي جيڪڏهن بيان ڪجن ته هڪ هارر فلم جو ٽيلر بڻجي پون. اسان سمجهون ٿا ته جيتوڻيڪ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڊرامي جا هدايتڪار عوام جي نظرن کان لڪل آهن ان هوندي به ان ڳالهه کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي ته ان قانون جي استعمال سان امن بحال ڪرڻ ۾ مدد ضرور ملي آهي عوام کي رليف ته ضرور مليو آهي پر قانون جي ڪتابن ۾ لکيل انصاف وارن قلمن تي ڪاري مس اهڙي ريت هارجي وئي آهي جو هاڻ انهن ڪتابن جي صفحن تي لکيل انساني حقن وارا قلم ميسارجي ويا آهن جيڪي هاڻ وڪيلن ۽ ججن سميت ڪنهن کي به  پڙهڻ ۾ نٿا اچن. بهرحال سنڌ کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جو حل اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به نظر نه آيو آهي عدالتون کڻي ڪهڙا به فيصلا ڪن پر ٿئي اهو ئي پيو جيڪو ٿيندو آيو آهي. مثال طور اعليٰ عدالت جرڳن خلاف فيصلو ڏيئي چڪي آهي پر جرڳا سرعام ٿي رهيا آهن. عدالتون ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ تي پابندي وجهي چڪيون آهن پر اهو سلسلو به جيئن جو تيئن هلندڙ آهي لکڻ جو مطلب  اهو ئي آهي ته اسان وٽ عوام جون خواهشون ۽ اميدون هڪڙيون آهن جڏهن ته حڪمرانن ۽ ڪامورن  جا خيال ۽ ويچار پنهنجا آهن ان ڪري عوام حڪمرانن ۽ ڪامورن مان مطمئن نه ٿو ٿئي ۽ حڪمران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سوچين ئي نٿا ان ڪري اسان جو معاشرو انتشار بيچيني ۽ مايوسي جو شڪار آهي. سنڌ جو عوام اي ڊي خواجا جا اختيار بحال ٿيڻ تي خوش ته ضرور آهي پر هاڻ عوام واضح فرق ڏسڻ چاهي ٿو. مثال طور اختيار ملڻ کان اڳ اي ڊي خواجا آءِ جي پوليس هو ۽ هاڻ اختيار ملڻ کانپوءِ به وڌيڪ اختيارن سان ساڳئي عهدي تي بحال آهي. اختيار ملڻ کان اڳ واري پوزيشن بابت سنڌ جي اڪثر حلقن وٽ اهي سوال موجود هئا ته اي ڊي خواجا جي هوندي پوليس جو  ظلم برقرار آهي، پوليس کاتو رشوت جو گهر بڻيل آهي. ڪوڙا مقابلا عام آهن، ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر ڏوڪڙن ڏيڻ کان سواءِ داخل به نه ٿي ڪئي وڃي، منشيات ۽ فحاشي جي اڏن ۾ ڪا به لاٿ نه آئي آهي.  جڏهن ته  ٻئي طرف اها ڳالهه به ضرور ڪئي ويندي هئي ته اي ڊي خواجا پوليس کاتي ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ضرور ڪيون آهن جيڪا ڳالهه واکاڻ جوڳي آهي ٿي سگهي ٿو ته اسان عوام جي حلقن ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتين کان سواءِ باقي جيڪي شڪايتون هلندڙ هيون تن جو هڪ سبب پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت هجي پر هاڻ جڏهن اها مداخلت به ختم ٿي چڪي آهي ته پوءِ هاڻ عوام نتيجا ڏسڻ چاهي ٿو پر عوام جڏهن ماضي ڏانهن نظر ڦيرائي ٿو ته عوا۾ ۾ وري به مايوسي پکرجي ٿي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ۾ اهو ئي ٿيندو رهيو آهي ته ڪم ڪرڻ واري ماڻهو کي وري به ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو آهي ان ڪري اي ڊي خواجا اختيار ملڻ باوجود ان عهدي تي ڪيترو عرصو رهي ڪم ڪري سگهندو تنهن لاءِ ڪا به اڳڪٿي في الحال ڪري نٿي سگهجي.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هڪ ڪيس کي هڪ صدي ٿيڻ واري انصاف وري به نه مليو!

اسلام آباد مان هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هڪ ڪيس …