Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / تعليم، اسان ۽ رياست

Powered by free wordpress themes

تعليم، اسان ۽ رياست

ڪامريڊ ڪريم بلوچ :

لاڙڪاڻي کي بادشاهن جو شھر سڏيو وڃي ٿو پر اعلى تعليم ۽ عورتن جي تعليم جي حوالي سان بادشاهن جو هي شھر تمام گهڻو پٺتي پيل آهي، ائين ڀانئيو ته اسان اڄ به اوائلي پٿريلي دؤر ۾ پيا رهون. هتي اسان وٽ ڪابه يونيورسٽي ناهي. 1960ع ۾ هڪ گرلز ڪاليج ٺاهيو ويو، جنھن ۾ اُن وقت به سھولتن جي اڻاٺ هئي جيڪا اڄ تائين برقرار آهي، شاگردياڻين جو انگ تمام گهڻو آهي، شھر جي آبادي ڏهوڻ تي وڌي چڪي آهي پر گرلز ڪاليج صرف هڪڙو آهي، ان صورتحال ۾ لاڙڪاڻي جا شھري نياڻين جي تعليم جي حوالي سان تمام گهڻو پريشان آهن. هتان جي شھرين کي ٽي ڀيرا اقتدار مليو آهي ان باوجود لاڙڪاڻو تعليمي ميدان ۾ پوئتي ڇو رهجي ويو آهي؟ ۽ لاڙڪاڻي واسين کي ڪھڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي. هينئر ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته سنڌ سرڪار سنڌ واسين تي رحم کائيندي انگريزن جي مُدي خارج تعليمي نصاب کي رد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ مغربي سائنسي نصاب جيان سنڌ جو تعليمي نصاب جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي. جڏهن ته نئين تعليمي نصاب ڪاميٽي جو چيئرمين ساڳيو ئي پڪو مذهبي ۽ غير سائنسي سوچ رکندڙ شخص کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ تعليم جي بھتري ۽ ترقيءَ لاءِ پنھنجي پوري حياتي جاکوڙيندڙ شخصيت سائين ڄام کوکر ۽ لاڙڪاڻي جي ٻين تعليمي ماهرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جيڪا پڻ لاڙڪاڻي سان ويساهه گهاتي ليکبي.

مادري زبان دنيا جي ڪنھن به خطي ۾ هجي پر هر ڪنھن انسان کي ماءُ وانگر مِٺي پياري هوندي آهي، جيڪي به مذهبي ڪتاب آهن، اُهي نبين سڳورن جي مادري زبانن ۾ آهن. وڌيڪ مادري زبان لاءِ ڊاڪٽر اين-اي بلوچ جي چوڻ مطابق ته هر ٻار کي تعليم مادري زبان ۾ هئڻ گهرجي. هن ڪيترن ئي تعليمي ماهرن جا حوالا ڏنا آهن ته تعليم لازمي ماءُ واري ٻولي ۾ هئڻ گهرجي. ماءُ- ٻار جو پھريون استاد آهي ڇو جو پنھنجي زبان ۾ ڄاول ٻار کي ڳالهائڻ سيکاري ٿي.

آرين نسل قوم جي اها روايت رهي آهي، پوءِ ڇا هو انڊيا، ايران، يونان يا رومن نسل جا آريا ڇونه هجن. اِها روايت برهمڻ ازم کان گهڻو اڳ هئي، فقط خاص طبقو يا پادري ڇونه هجي. جنگ جي لاءِ سڄي قوم ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهل سمجهيا ويندا هئا، اُها روايت اڃان به قائم آهي. انگلينڊ ۾ گذريل صديءَ جي آخر ۾ تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو هو ۽ انگلينڊ ۾ لازمي تعليم جو تصور ٻي عالمگير لڙائي کان پوءِ ساراهه جوڳو قدم قرار ڏنو ويو. جيڪو قرآن جي مڃيندڙن کي چوڏهن سئو سال اڳ ڏنو ويو هو، اهو تسليم ڪيو ويو ته فقط جنرل يا ڪئپٽن لاءِ تعليم نه پر هر سپاهي ۽ هر فرد لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته جنگ دؤران آخري مرحلي ۾ قوم جي هر فرد کي هن جي بقا ۽ توازن رکڻ لاءِ هر طريقي جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اسان اڃان تائين سبق حاصل نه ڪيو اهي ۽ اسان اڃان تائين ان جي فريب ۾ آهيون ته خوشحالي چند ماڻهن جي تعليم هئڻ سان پيدا ٿئي ٿي.

ٻولي جي نفسيات جا ماهر گفتگو جي شروعات اتان کان ڪن ٿا ته اسان جي زندگي جو گهڻو اهم ذريعو تعليم آهي جيڪو پھرين ستن سالن ۾ مادري زبان ۾ ڏنو وڃي ٿو. انهن نفسيات جي ڄاڻن کان گهڻو اڳ گوئٽي پنھنجن تجربن سان ان جو ذڪر ڪيو آهي ته هن جيڪي پھرين ستن سالن ۾ ڳالهيون سکيون هيون اهي، هن وساري ڇڏيون آهن. حقيقت ۾ ان کي ترتيب چيو وڃي ٿو ۽ سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو سبب اهو آهي ته سنڌ جاگيردار ۽ وڏيرا سياست ۽ رياست تي قابض آهن. پوءِ ڇونه تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن، استادن جي ڀرتين، آفيسرن جي مقرري 2،سياسي مقصدن لاءِ استادن جي ڀرتي، 3.استادن جي سکياجو ناقص انتظام ۽ اُتي رشوت خوري، ذهني ۽ جسماني طور حراسان ڪرڻ جا سکيا گهر ۽ ڪوس گهر بڻيل آهن. نا اهل فرد پاڻ کي استادن جي سکيا، انتظام ۾ پاڻ کي سياسي اثر رسوخ ۽ ڏوڪڙن جي طاقت تي مقرر ڪرائن ٿا. 4. استادن کي ويزا تي موڪلڻ، لاڙڪاڻي ۾ هڪ اديب ڊاڪٽر بدر اڄڻ جيڪو ڊي.سي مقرر ٿي آيو، ان انهن استادن کي بيسٽ ٽيچر ايوارڊ ۽ نقد رقم انعام طور ڏني جيڪا اسڪول ۾ پڙهائيندا نه هئا ۽ ”گهوسٽ ٽيچر“ هئا. تعليمي کاتي کي رشوت ۽ سياسي ڪلچر کان پاڪ ڪرڻ، رٽائريڊ آفيسرن کي تعليمي انتظام کان هٽائي نوجوان سي ايس ايس، ۽ پي سي ايس آفيسر مقرر ڪيا وڃن. 6. انگريزن جي مدي خارج تعليم ختم ڪري سائنسي جديد تعليم ڏني وڃي ۽ ان دؤر جا ٺھيل اسڪول آهن ۽ اتي هڪ ڪلاس ۾ ٻار 150 آهن، اتي هرهڪ ڪلاس ۾ صرف 30 ٻار استاد کي ڏنا وڃن.

گهٽين، ڪارخانن، مِلن ۽ فيڪٽرين ۾ ٻار ڪم ڪن ٿا، انهن جي ڪم تي بندش وڌي وڃي ۽ 18 سالن جي ٻارن کي اتي ڪم جي اجازت ڏني وڃي ۽ تعليم ضروري قرار ڏني وڃي ۽ والدين کي هدايت ڪئي وڃي. جيڪڏهن هو پنھنجا ٻار اسڪول ۾ داخل نٿا ڪن ته انهن کي سزا ڏيڻ سان گڏ کانئن ڏنڊ وصول ڪيو وڃي.  افسوس سان چيو وڃي ٿو ته  انهن استادن کي ٻين شھرن ڏانھن سيمينار ۾ موڪليو وڃي ٿو جيڪي پيپر به ڏوڪڙن تي ٻين کان ٿا لکائن.

ورهاڱي کان اڳ انگريزي تعليم جو بنياد سر سيد احمد خان عليڳڙهه ۾ يونيورسٽي قائم ڪرائي هئي. اڳ فارسي، عربي، سنسڪرت سيکاري ويندي هئي، جيئن ته سر سيد احمد خان، انگريز جنرل  کي گذارش ڪئي ته اسان مسلمانن کي انگريزي سکڻ لاءِ ڪاليج جي اجازت ڏني وڃي ۽ بنگال جي روشن خيال گروپ ليڊر راجا موهن راءِ انگريز جنرل کي به  درخواست ڏني ته اسان جو تعليمي نظام جيڪو گذريل ٻه هزار سالن کان قائم آهي، موجوده مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي، خاص ڪري سنسڪرت ڪاليجن جي سخت مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اسان گوتم ٻڌ جي وقت کان پڙهندا آيا آهيون، هاڻ موجوده انگريز سرڪار جو فرض آهي ته عوام کي نئين تعليم، نَوَنِ خيالن جو موقعو فراهم ڪري. ان لاءِ ته سنسڪرت، عربي مدرسن قائم ڪرڻ جي بجاءِ انگريزي زبان ۾ مغربي علم سيکارڻ جو بندوبست ڪري. خاص طور سائنسي تعليم ڏني وڃي. ڪيمسٽري، فزڪس، ميڊيسن، رياضي، فلڪيات، نفسيات، علمِ نجوم  ۽ ٻيو علم. راجا موهن رام اهو شخص هو جو مغل بادشاهه جي پينشن لاءِ لنڊن ۾ وڃي وڪيل جي حيثيت ۾ ڪيس وڙهيو هو. هن اتي لنڊن ۾ پنھنجي اکين سان نئين تھذيب، نوان خيال، نئين فڪري انقلاب جو اثر لنڊن ۾ ڏٺو هو ۽ رام موهن جي اپيل تي ڪوبه عمل نه ٿيو. انگريز پنھنجي مرضي سان ڪلڪته، بمبئي، مدارس ۾ سنسڪرت ڪاليج قائم ڪيا هئا. پنھنجي اسڪيم تي قائم رهي سنسڪرت، عربي ڪاليج قائم ڪرڻ شروع ڪيا پر موهن ۽ ان جا ساٿي پنھنجي نئين تعليم جي موقف ۽ مھم هلائيندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي ان پروگرام ۽ خيالن کي پڙهيل لکيل روشن خيال ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ٿي. ان ڪم کي ڏسندي ان انتظامي گروپ جو خاص رول رهيو هو، اها مشينري پنھنجي مذهبي تعليم جي ترجيح، بقا لاءِ انگريزي تعليم تي زور ڏيندا رهيا. سرام پور ۽ ٻين شھرن ۾ انگريزي  اسڪول قائم ڪيا هئا. راجا رام موهن راءِ ۽ ان جا ساٿي ان انگريزي سکيا جي اسڪيم ۾ انگريزن سان گڏ هئا. ٻئي طرف مسلمان عالم بلڪل متضاد  ۾ هئا.

ان سلسلي ۾ مولانا حالي پنھنجي ڪتاب ”حيات جاويد“ ۾ لکي ٿو ته راجا رام موهن راءِ انگريزي زبان ۽ جديد علم جو مطالبو ڪندو رهيو، ان وقت مسلمانن جي عالمن اٺ هزار درخواستن تي صحيحون ڪري گورنر جنرل کي ڏنيون ۽ چيو ته نئين ڪافرانه تعليم جي ضرورت نه آهي. اسان کي پراڻي تعليم فارسي، عربي ڪافي آهي. پوءِ مولوي صاحبان نئين تعليم جي مخالفت ۾ ڀرپور حصو ورتو.

سر سيد احمد خان انهن عالمن جي مخالفت باوجود عليڳڙهه ۾ انگريزي زبان جي سکڻ جي انگريزن کان مطالبو ڪندو رهيو. عالم سڳورن فتوى جاري ڪئي ته جيڪو انگريزي سکندو اهو ڪافر آهي. اڻويهين صدي ۾ ڪلڪـته بمبئي مدراس ۾ ٽي مرڪز هئا جتي اول مغربي تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا هئا. سر سيد جنرل جي اجازت سان عليڳڙهه ۾ انگريزي سکيا جو ڪاليج ڪيمپرج ۽ آڪسفورڊ جي تعليمي ادارن جو مثال رکيو هو. مثال طور ته انگريزن کي پنھنجي تعليمي اداري جي سربراهي سونپي تنھنڪري تعليمي ادارن جي پاليسي کليل نموني انگريز نواز ٿي ۽ هن جي اسڪيم جو وڏو نقص هو، اهو سڀڪجهه ان سياسي سوچ جو حصو هو. ٻئي وڏي غلطي ته صنعت ترقي خوشحاليءَ لاءِ ٽيڪنالاجي مغربي تعليم تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو.

سر سيد احمد خان سياسي طور رجعت پرست هو ۽ سماجي طور ترقي پسند ۽ انگريز حڪمرانن کي هندوستان جي بقا سمجهي رهيو هو. شيخ عبدالله جو والد ڪشميري برهمڻ هو. شيخ عبدالله پھريون مسلمان هو جنھن سر سيد احمد خان جي مخالفت باوجود علي ڳڙهه ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کوليو هو ۽ سر سيد عورتن جي تعليم جو سخت مخالف هو. شيخ عبدالله پنھنجون پنج ئي ڌيئرون ڪاليج ۾ داخل ڪرايون هيون.

سيد حسام الدين شاهه راشدي جو 1963ع ۾ لکيل ڪتاب پير صاحب پنھنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ص: 678 ۾ لکي ٿو ته ٻيو دؤر  1936ع کان شروع ٿئي ٿو، جنھن ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي سنڌ جي ليڊرشپ جاگيردار وڏيري زميندار شاهي جي قبضي ۾ اچي ويئي. پيسو وٽن جام هو، تنھنڪري انهن پنھنجي مرضي ۽ مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ وزارتن ۽ اسيمبلين کي استعمال ڪري هڪ دفعو وري پاڻ کي جيئدان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ دؤر ۾ اسان جي ادب تي خاص اثر پيو. زميندارن جي ٽھي اڃا پوري ريت ٽـُٽي ڪانه هئي ويتر جو وزارتون ميمبريون ۽ سنڌ جو سڄو صوبو سندن ور چڙهي ويو، تنھن سنڌ جي عوام کي اسرڻ جو موقعو وري کسي ورتو. انهن حالتن  ۾ اديبن سمجهيو ٿي ته ممبئي کان جدا ٿي سنڌ جا سڄا مسئلا حل ٿي ويندا. طبقاتي فرق مٽبو غريبن جا ڏک لھندا. سنڌ جو عوام ريان کيان ٿي زندگيءَ جي جدوجھد ۾ صحتمندانه قدم اڳتي وڌائيندو دنيا ۾ عزت ڀريو مقام حاصل ڪندا پر مسئلو حل ته ڪونه ٿيو، الٽو غلاميءَ ، ڏک ڏاکڙن جا زنجير، نئين سر سندن هٿن، پيرن، ذهن ۽ سوچ تي پئجي ويا. امير طبقي پنھنجا ٻار ٻاهرين ملڪن جي وڏن ادارن ڏانھن موڪليا۽ غريبن لاءِ وري انگريزي دؤر علي ڳڙهه وارو تعليمي سرشتو جيڪو 12-مھينن ۾ انگريزي گرامر جو ڪورس به پورو سکي نٿا سگهن. وچولي طبقي وڏي حرفت سان خانگي اسڪول قائم ڪرائي پنھنجا ٻار اتي داخل ڪرايا ۽ پرائيويٽ اسڪولن جو وري معيار ڏسو ته ڪھڙو آهي؟

آءٌ، گورنمينٽ پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسپال سائين ديدار مغيري صاحب وٽ ويٺو هيس، جيڪو منھنجو ذاتي دوست ۽ ذات وارو آهي، ان وقت هڪ شاگرد پنھنجي ڀاءُ سان گڏ آيو ۽ شڪايت ڪرڻ لڳو ته،”سائين اسان غريب آهيون، پرائيويٽ اسڪول جي ماهوار فيس ٻه هزار روپيه ڪونه ٿا ڀري سگهون. ٻار پاليون  يا تعليم وٺون. اسان سان وڏو ظلم آ، ناحق آ، ناانصافي آهي جو پنھجن ٻارن کي به سٺي نموني سان نٿا پڙهائي سگهون. ڇا اسان هن ڌرتي جو اولاد ناهيون جو هڪ ويلو ماني کائون ۽ ٻيو ويلو بکون ڪاٽيون.“

ان نائين جماعت جي شاگرد کان هيڊ ماسٽر صاحب زباني ٽيسٽ ورتي ۽ سوال پڇيائينس ته ”1/2  (هڪ ڀاڱي ٻه) وڏو آهي يا 1/4 (هڪ ڀاڱي چار) وڏو آهي؟“ شاگرد جواب ڏنو ته ”سائين هڪ ڀاڱي چار وڏو آهي.“  هيڊ ماسٽر صاحب وري ٻيھر شاگرد کي چيو ته ”دمشق“ لکي ڏيکار، جنھن تي شاگرد پني تي ”دماتڪ“ لکيو، جنھن بعد هيڊ ماستر صاحب مون سان مخاطب ٿيندي چيو ته، ”ڪريم! جيڪڏهن سنڌي شاگردن جي اها حالت ٿيندي ته پوءِ اسان کان لکڻ پڙهڻ ته ڇا اسان جو سڀڪجهه هليو ويندو، رڳو صرف اسان سنڌي سڏائڻ جي لائق وڃي رهنداسين.“  مون جواب ڏنو ته ”سائين پرائيويٽ اسڪولن وارا سنڌي ٻوليءَ جا دشمن ۽ ويري آهن، اصل سنڌي نٿا سيکارين ۽ نه ئي پڙهائن ٿا اهو ئي سبب آهي جو سندن شاگردن سي ايس ايس  ۽ پي سي ايس جي امتحانن دوران سنڌي جي پيپر ۾ اڪثر فيل ٿيندا آهن.

منھنجي هڪ ويجهي دوست جيڪو پڻ استاد آهي، مون کي ٻڌايو ته اسان جي هڪ قابل استاد کي ”موجوده تعليمي نظام کي بھتر ڪيئن بڻائجي“ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح جي هڪ تعليمي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ گهرايو ويو. جڏهن سندس پيپر پڙهڻ جو وارو آيو ته اسان جي هن قابل استاد پنھنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ نھايت ئي ايمانداري، سنجيدگي ۽ سچائيءَ سان تعليم جي هر پھلوءَ تي باخبر ڪيائين ۽ ”موجوده تعليمي نظام کي بھتر ڪيئڻ بڻائجي“ تحت پنھنجون ڪارآمد تجويزون پيش ڪيائين. پيپر پڙهي پورو ڪري موڪلائي پنھنجي جڳھه تي وڃي ويٺو.

کانئس پوءِ صاحبِ سيمينار/ تعليم کاتي جي اعلى عملدار ڳالهائڻ شروع ڪيو، هِن صاحبِ سيمينار جي ڳالهائڻ جو موضوع تعليم نه هئو پر اسان جو قابل، محنتي ۽ ايماندار استاد هيو، جنھن تي ڳالهائيندي صاحبِ سيمينار چيو ته،”نان سينس پرسن، مون ڪافي دير کان توکي پئي ٻُڌو، مون کي ته عجب پئي لڳو ته تو جھڙي نان سينس پرسن کي هن سيمينار ۾ دعوت ڏئي گهرايو ڪنھن آهي؟ پھريان آءٌ اُن کي ۽ پوءِ توکي سسپـينڊ/ ڊسمِس ڪري ڇڏيندس.  تو هيڏي ساري پٽاڙَ ڪئي آهي ۽ اسان جي صبر کي شابـاس ڏي جو توکي پئي برداشت ڪيوسين. تنھنجي اطلاع جي لاءِ عرض آهي ته اسان کي صرف ۽ صرف 5 سيڪڙو ماڻهو گهرجن حڪومتي ادارن جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ جيڪي اسان کي ملڪي رائل فئمليز مان ملي ويندا آهن، جيڪڏهن اسان تنھنجي هن هيڏي ساري پٽاڙ / لٻاڙ تي عمل ڪندي تعليم کي بھتر بڻايون ته پوءِ اسان جي مٿي جو سور وڌي ويندو ۽ هيٺين درجي کان ماڻهو اچي اسانجي برابري ڪندا پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ يو ايڊيٽ، نان سينس تنھنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته جيئن وري تون ڪٿي پنھنجي لٻاڙَ نه هڻي سگهين.“

صاحبِ سيمينار/ تعليم کاتي جي اعلى عملدار جا اِهي لفظ ٻُڌي اسان جي محنتي ۽ ايماندار استاد جي اکين ۾ لڙڪ لارَ ڪري وهڻ لڳا ۽ هنجون هاريندو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ چيائين ته ”جيسين هن صاحبِ سيمينار جھڙا اعلى عملدار ڪرسين تي موجود رهندا تعليم جو نظام سڌرندو ئي نه ۽ تعليم کان بغير سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ممڪن ئي ناهي. هتي ته سچائي، ايمانداري ۽ محنت جي بدلي صرف ۽ صرف بيعزتي ئي تمغي طور ملي ٿي.“

پوري دنيا کي شعور ۽ ساڃاهه ڏيندڙ سنڌ جي سنڌي عوام کي ڄاڻي واڻي رٿيل منصوبي تحت جھالت طرف ڌڪيو ويو آهي ۽ منصوبي جا ٽي مکيه محرڪ آهن جن ۾ وڏيرو، پوليس ۽ ڌاڙيل اچي وڃن ٿا. وڏيرو پنھنجون زمينون آباد رکڻ لاءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول هلڻ نٿو ڏئي، پنھنجو دٻدٻو ۽ رعب قائم رکڻ لاءِ  تر جي پوليس ۽ ڌاڙيلن کي  استعمال پيو ڪري ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ هٿ ٺوڪيا مسئلا پيدا ڪري ۽ پٽڪو پھري وڏيرو بڻجي انهن مسئلن کي پاڻ ئي حل پيو ڪري نتيجي ۾ سندس هارين نارين جي حالت وڌيڪ بدتر، بدحال ۽ رحم جوڳي وڃي بچي ٿي.

صديون گذري چڪيون آهن پر ملڪي ڪار وهنوار هلائيندڙ واڳ ڌڻين هيل تائين ڪنَ لاٽار پئي ڪئي آهي ۽ نارَ ۾ ٻڌل ڍورَ جيان پئي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو صبح کان سانجهيءَ تائين پنھنجي مقرر ڪيل دائري ۾ پيو ڦرندو رهندو آهي ۽ سندس مالڪ بي زبان سمجهي رات جي وقت آرام ڪرڻ لاءِ ڇوڙيندو ۽ وري صبح جو نارَ ۾ ٻَڌندو آهي. اسان سنڌي ماڻهن سان به اهو ساڳيو فارمولو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اڄ تائين اسان صرف نارَ جي ڍور وانگر پنھنجو ڪردار وڏي محنت، سچائي ۽ وفاداريءَ سان پئي نڀايو آهي.

منھنجي خيال ۾ سنڌ ۽ سنڌين جا موجوده مسئلا سوين نه پر هزارين آهن، اسان پاڻ ئي پيدا ڪيا آهن ۽ انهن جو حل اسان کي ئي ڳولڻ گهرجي. تازو اخبار ۾ رپورٽ آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن جي حالت خراب آهي، پرائيويٽ اسڪولن وري تعليم کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ اندر هزارين اسڪولن ۾ ٻارڙن کي بنيادي سھولتن، بجلي، پکو، باٿ روم، ڪلاس رومز، پاڻي، بليڪ بورڊ، چؤديواري ، ويهڻ لاءِ ڊيسڪ جي کوٽ آهي. سرڪاري اسڪولن جي هرهڪ ڪلاس ۾ 150 کان مٿي شاگرد داخل آهن، پرائيويٽ اسڪول ۾ ڳريون فيون آهن ۽ اُتي سنڌي ۽ رياضي جو سبجيڪٽ نٿو پڙهايو وڃي. مرضيءَ جا ڪتاب ۽ ڪميشن وارو يونيفارم خريد ڪرائن ٿا  ۽ تعليم جي نالي تي ڪاروبار پيا ڪن. سنڌ ۾ هزارين اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، سرڪاري اسڪول جي عمارت ۾ ڪلاس رومز ننڍا آهن ۽ 150 ٻار داخل آهن جنھن ڪري والدين مجبور ٿي پنھنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل پيا ڪرائين ۽ انگريز دؤر جو مُدي خارج نصاب ۽ انهن جا ٺاهيل اسڪول، جڏهن ته آدمشماري چؤڻ تي ٿي وئي آهي.

تعليمي ادارن ۾ سپروائيزر ۽ ٻيا آفيسر نان گزيٽيڊ آهن ۽ گوسڙو جيڪي اسڪول ۾ به نٿا پڙهائين، سو سياسي ڪلچر يا ڏوڪڙن جي طاقت تي تعليمي انتظام تي قابض آهن ۽ جيڪڏهن سنڌ جو عوام سجاڳ ۽  بيدار نه ٿيو ته سنڌ جي ايندڙ نسل جي حالت اِها ٿيندي جيئن جهنگ ۾ جانور ڦرندا رهندا آهن، ان وارتا تي اسان جا اديب ۽ دانشور مسلسل خاموشيءَ جو مظاهرو پيا ڪن.

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج آڊيٽوريم هال ۾ سيڪريٽري تعليم عبدالعزيز عقيلي صاحب تقرير ۾ چيو ته تعليمي معيار ڪريل، ڳڻتيءَ جوڳو ۽ شرمناڪ آهي، ان جا ذميوار ايجوڪيشن عملدار آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي بھترين تعليم ڏئي پرائيويٽ اسڪولن جو خاتمو ڪيو وڃي، تعليم جو ڪريل معيار ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو.“  سائين عقيلي صاحب ان تي ڪڏهن عمل ٿيندو؟

پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي سبق طوطي وانگر ياد پيا ڪرائين، ٻارن کي انگ، اکر ۽ لفظ  لکڻ ۽ سڃاڻڻ به نٿا اچن پر ياد ٻڌائي سگهن ٿا ان مان ڇا فائدو؟ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ليڊي ٽيچرز کي پندرهن سئو کان پنج هزار ماهوار پگهار ڏني وڃي ٿي، سا به اسڪول کان گهر ۽ گهر کان اسڪول پھچڻ لاءِ ڪراين ۾ خرچ ٿيو وڃي ته پوءِ ٽيچرز ڪھڙي دلچسپي سان ٻار پڙهائين. ان لاءِ ٻار پڙهائڻ ۾ گهٽ ۽ذاتي ڪچھرين ۽ گپ شپ ۾ وقت گهڻو پيون گذارين. ٻيو ته والدين به ٻارن جي حوالي سان سوچين ٿا ته ٻار موجوده اسڪول جي ماحول کان واقف آهن ۽ گهر جي ويجهو اسڪول آهي ان لاءِ مجبورن ٻارن جي پڙهائي ساڳين اسڪولن ۾ هلائيندا پيا اچن.

سنڌ جو ناليواري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو ته،”سنڌ جي هڪ اڳوڻي وزيراعلى کي پنھنجي دؤر ۾ شوق اچي ٿيو ته جهونن جهونن ناليوارن تعليمي ماهرن کي گهرائي تعليم جي ڀلي لاءِ ڪي صلاحون سوڙهيون ڪجن. ڳالهه ته ڀلي هئي پر علي احمد بروهي، ولي رام ولڀ ۽ قادر جوڻيجو کي الائي ڪھڙي کاتي ۾ وجهي سڏ ڏنو ويو  هو. اهڙين ميٽنگ ۽ ميڙن مان ڪجهه به ورڻو ناهي رڳو ڳالهائڻ، ڏندن مان ڪَٽُ ڪڍڻو هوندو اهي، سو مان به وڃي وزير اعلى هائوس نڪتس، يارن کي صلاح آهي ته جي ڪنھن کي پنھنجي شڪل حاڪم کي ڏيکارڻي آهي ته وڃي اڳئين سيٽ تي ويھي جي تماشو ڏسڻو آهي ته پوئين سيٽ تي وڃي ويهي. سو هي بندو به وڃي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺو. پھرين ته انگريزي ڳالهائڻ جي خفتي وزير اعلى انهن سڀني ڪمزورين ۽ خامين تان پردو کڻي ويو جنھن ڪري تعليم جو ۽ خاص ڪري پرائمري تعليم جو بنياد پٿر ڪري پيو آهي. تقرير کانپوءِ تعليمي ماهرن جي اڳيان اها ڳالهه رکي ته مون کي صلاح ڏيو، انهيءَ تي سنڌ ۾ سالن جا سال انسپيڪٽر آف اسڪول، ڊائريڪٽر تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم جي عھدي تي رهندڙ هڪ جهونو تعليمي ماهر وڏي ڪڙڪي سان چوڻ لڳو ته ”سائين سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي ۽ وڏو ظلم ٿيو آهي.“ جنھن تي وزيراعلى چيس ته،”سائين منھنجا اهي ڳالهيون ته آئون ڪري ويٺو آهيان، اوهانکي انهيءَ لاءِ گهرايو اٿم ته مونکي انهيءَ جو حل ٻڌايو.“ اتي وري تعليمي ماهر چيو ته ”سائين قھر ٿي ويو آهي تعليم تباهه ٿي وئي آهي.“ وزير اعلى وري به پنھنجي انهيءَ ذات ڀائي سيد کي بيوسيءَ وچان چيو،”سرڪار اها ڳالهه ته آئون ڪري ويٺو آهيان.“ تعليمي ماهر وري ٻيو قھر ظلم جو رڪارڊ وڄائڻ شروع ڪيو ته وزير اعلى ڪاوڙجي پيو ۽ ڇنڊ پٽيائينس ته ”آئون هڪڙي ڳالهه پيو پڇان تون ٻي ڳالهه پيو ڪرين، ماٺ ڪري ويهي رهه، منھنجو مٿو نه کاءُ.“ وزيراعلى جي انهيءَ دڙڪي تي تعليم کاتي جي سابق صاحب بھادر جي بھادري هيٺ اچي ڦھڪو ڪيو ۽ سندس حالت اهڙي ٿي وئي جھڙي برسات ۾ ڀنل ڪڪڙ جي ٿيندي آهي.

ميٽنگ ۾ گھري خاموشي ڇانئجي وئي، شڪر ٿيو جو علي احمد بروهي هو جنھن ٻه ٽي چرچا هڻي حالتن کي سنوت ۾ آندو. ماهرن ڪوبه حل نه ٻڌايو ۽ ڪيترين ئي گڏجاڻين وانگر اها گڏجاڻي به لنچ جي موقعي تي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏئي پليٽون ڦريندي پڄاڻي تي پھتي ۽ ماني مٿان هڪٻئي کي ٺونٺيون هڻي ڪيرائڻ وارن تعليمي ماهرن ڪپڙن تي هاريل ٻوڙ ڇنڊيندا وزير اعلى اڳيان پنھنجي ڏيکاريل بھادريءَ جا ٻٽاڪ هڻندا روانا ٿيا.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مخدوم امين فهيم جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي!!

تحرير مير نادر علي ابڙو : مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ …