Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / شهدادپور جي ڪارخانيدارن جون ناجائزيون ۽ روڊن تي نڪتل آبادگارن جو احوال

Powered by free wordpress themes

شهدادپور جي ڪارخانيدارن جون ناجائزيون ۽ روڊن تي نڪتل آبادگارن جو احوال

رپورٽ: مهدي حسن پنهور:

زراعت ۽ معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ اندر جتي به ڪپهه .ڪڻڪ جو ذڪر ايندو اتي سانگهڙ ضلعي جو نالو سڀ کان وڌيڪ پيدوار ڏيڻ ۾ شمار ٿئي ٿو .پر ڪجهه عناصر زراعت کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا. زرعي زمينن تي هائوسنگ ڪالونيون ٺاهڻ.ايريگشن کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن پاران هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪري فصلن کي متاثر ڪري بااثر زميندار کي ڏوڪڙن تي موڳاٽوڙي .پليٽون. ونجيون. نوليون. گنديون هڻي پاڻي فراهيم ڪرڻ کانسواءِ پيڊين وارن جي ٻه نمبر دوا ۽ ڳاٽي ٽوڙ وياج لاڳو ڪرڻ.کانسواءِ ڍل.آبيانو سميت ٻيا ٽيڪس ڏيڻ بعد تيار ٿيل فصلن جا اگهه مناسب نه ملڻ توڙي ڪارخانيدارن پاران هڪ هٽي قائم ڪري ناجائز ڪٽيون ڪري فصل جا اگهه گهٽ ڏئي ٿيندڙ ويساهه گهاتي خلاف آبادگارن روڊن تي نڪري آيا آهن. سنڌ آبادگار بورڊ شهدادپور جي سڏ تي شھدادپور جي ڪاٽن فيڪٽرين جي هڪ هٽي هجڻ ناجائز ڪڻتو ۽ 25 رپيا ڪارخانو خرچ ۽ گهٽ اگهھ ڏيڻ فلٽر پلانٽ چالو نه ڪرڻ سميت ڪارخانيدارن جي ناانصافين خلاف سنڌ آبادگار بورڊ تعلقي شھدادپور جي اڳواڻ يوسي شهيلي نظاماڻي چئيرمين  نياز حسين بوداڻي. ڄام نواز علي آبادگار اڳواڻ محمد عمران بوزدار. يوسي شاهه مردان شاهه چئيرمين بشير احمد ڏاهري. يوسي لنڊو چئيرمين سائينداد خان رند. عبدالرحيم ڪلوئي. محمد ابراهيم ڪيريو اسلم نواز مري.رفيق جکرو. عزيز ٿهيم۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارخانيدارن جي زيادتين ظلم ۽ ناجائزين خلاف لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي آبادگارن اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھدادپور جي آس پاس ۾ قائم ڪارخانيدارن پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري اسان آبادگارن کي وڏو نقصان پهچائڻ جي منصوبابندي ڪئي آھي جو ڪارخانن ۾ اسان تي ناجائز ڪٽوتيون مڙھي اسان کي ڦٽي جو اگھه پنهنجي مرضي موجب 2300 سو رپيا ڏنو پيو وڃي جيڪو تمام گهٽ آھي جنهن سان اسان جي ووئڻن جي فصل تي ڪيل ڳاٽي ڀڳا خرچ پورا ڪو نٿا ٿين. هنن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪپھه جو اگھه 6100 کان مٿي آھي ان حساب سان اسان کي ڦٽي جو اگھه نٿو ڏنو وڃي جيڪا اسان سان ناانصافي آھي. هنن چيو ته شھدادپور تعلقي ۾ ڪارخانيدارن هن وقت تائين ڪارخانن ۾ نصب ٿيل فلٽر پلانٽ ناهن چالو ڪيا جنهن ڪري فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي دز دونهين سبب علائقي ۾ ساھ دم چمڙي سميت مختلف موتمار بيمارين منهن ڪڍيو آھي سوين شھري ۽ ڳوٺاڻا مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. هنن چيو ته اسان روينيو.ايرگيشن .پيڊين وارن ۽ ڪارخانيدارن سميت ڪيترن ئي مسئلن جي عتاب جو شڪار آهيون .اسان جي خاموشي جو ناجائز فائدو وٺندي اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي. اسان خاموش ويٺل هئاسين پر اڄ مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آھيون هاڻ اسان سرمائيدار ڪارخانيدارن جي هڪ هٽي ۽ بدمعاشي هلڻ نه ڏينداسين هنن اعليٰ حڪام جو ڌيان ڇڪائيندي گهر ڪئي ته ڦٽي جو اگھه گهٽ ۾ گهٽ 4000 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ڪارخانيدارن جون ناجائز ڪٽوتيون بند ڪرائي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪري سانگهڙ شھدادپور روڊ تي ڌرڻو هڻي ضلع سانگهڙ ۾ ھڙتال ڪئي ويندي. ان موقعي تي آبادگارن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر پڻ موجود هئا ۽ ڪارخانيدارن جي ناجائزين خلاف نعري بازي ڪئي.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مين پڙي زندگي کي ٻڙي- گُٽڪو جان کي جهٽڪو

حڪيم نذير شيخ: سڀ کان پهرين هي وضاحت ضروري آهي ته هن موضوع ۽ نشي …