Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / ٻار جي تربيت جو مستقبل تي اثر

Powered by free wordpress themes

ٻار جي تربيت جو مستقبل تي اثر

حڪيم نذير احمد شيخ:

ٻار کي گل سان ڀيٽ ڏيئي سگهجي ٿي،انهن تي غير ضروري سختي پابندي دڙڪا ڌمڪيون ڏيڻ سان هيسجي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو گل کي پاڻي ڏيئي سنڀالي رکو ته جلد خوشبو ختم نه ٿيندي تڪڙو مرجهائيندو نه،ٻار جي نفسيات سمجهه ۽ برداشت جي قوت محدود ۽ عمر سارو هوندي آهي، ٻار محبت جي زبان رويو ۽ لهجو سمجهي ٿو، ٻار لاءِ ماءُ جي هنج پهريون مدرسو آهي، ڪي ضدي ۽ ڪاوڙ جا تيز ٻار هوندا آهن سختي ڪرڻ سان ويتر وڌيڪ ضدي ٿيندا ڪنهن سياڻي جو قول آهي ته ٻارن جي پرورش مکڻ جي سيخ پچائڻ برابر آهي،ٻار جي منفي ۽ غلط تربيت ۽ پرورش تڏهن ٿئي ٿي جڏهن والدين خود ڪاوڙ جا تيز ۽ تکا هجن ٿا، ٻار کي پرچائڻ وقت پهرئين پاڻ تي قابو ۽ ڪنٽرول رکي مسڪرائي محبت سان نرم لهجو اختيار ڪري سندس ضد ۽ مطالبي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪجي والدين کي سوچ رکڻ گهرجي ته ٻار جي تعليم ۽ تربيت اُن جي شخصيت جي شروعات ۽ تعمير يعني بنياد کان وڌيڪ ڪابه ٻي شيءِ اهم نه آهي،موجوده دور ۾ گهر جي گاڏي کي هلائڻ لاءِ هر ماڻهو کي ماضي جي مقابلي ۾ وڌيڪ محنت، مزدوري ڪوشش ۽ وقت لڳائڻو ٿو پوي هي عام ۽ وچولي طبقي جنهن کي انگريزي ۾ وائيٽ ڪالر چيو وڃي ٿو اُن لاءِ لکيل آهي باقي وڏن ماڻهن جاگيردارن وڏن بيورو ڪريٽ ۽ صاحبن جي طرز زندگي عام ماڻهو جي روز مره زندگي ۽ آمدني کان مختلف آهي، مقصد صرف هي آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي ٻار کي ۽ گهر کي پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي اُنهن جي به حق ادائي ڪجي ته گهرجي سٺي سلجهيل ماحول مان توهان کي خوشي ۽ خوشبو ملندي جنهن جي ڪابه قيمت نه آهي، گهر ٻار کي وقت ڏيڻ فرض ۾ شامل سمجهڻ گهرجي،ٻار جي تربيت ۽ اخلاقي اوسر لاءِ هن سان دوستانه طريقو اختيار ڪري هن جي ڳالهه صبر تحمل سان ٻڌجي غلطي ۽ نقصان جو احساس به محبت سان ڏيارجي،ٻار ٿورو وڏو ۽ سمجهدار ٿئي ته پاڻ سان گڏ ماني کائڻ کان اڳ پهرئين هٿ صابڻ سان ڌئارجن ۽ تاڪيد ڪجي ته صفائي سان کاڌي کائڻ ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترائ فائدا آهن،ٻار آڏو ماني کائڻ شروع ڪرڻ کان پهرئين سڄي بسم الله پڙهي ماني کائجي جهڙي تهذيب ادب اخلاق جو گهر ۾ ماحول ۽ رويو طور طريقو رسم رواج هوندو،ٻار هر ڳالهه کي ذهن ۾ رکي اهڙو طريقو يا رويو اختيار ڪندو،والدين جي پاڻ ۾ اڻبڻت جهڳڙو فساد گار گند چڙ غصو ناراضگي جو ٻار جي اخلاق ۽ ڪردار کي متاثر ڪري ٿو، هن جي ذهن تي گهر جي مجموعي ماحول جو عمر جي حساب سان فرق پوي ٿو،اڄ ڪلهه عام رواج آهي خاص وڏن ۽ وچولن شهرن ۾ رات جو دير تائين جاڳڻ ۽ صبح جو دير سان سجاڳ ٿيڻ سان گهرن ۾ قدرتي طور بي برڪتي ٿئي ٿي ۽ ان جو منفي اثر ٻار جي تعليم تي به خراب پوي ٿو،ٻار جي سٺي سهڻي تربيت ڪرڻي آهي ته هن جي حوصلي افزائي همت ڏيارڻ ۽ شاباس ڏيڻ سان هن ۾ خود اعتمادي ۽ والدين لاءِ محبت جو جذبو جاڳي ٿو، تعريف جيڪا با مقصد هجي هر ڪنهن کي پسند اچي ٿي، حد کان وڌيڪ لاڏ ڪوڏ پيار هر مطالبو ۽ ضد پورو ڪرڻ به نقصانڪار آهي، غلطيون ۽ نقصان وڏن کان به ٿين ٿا اُن لاءِ مارڪٽ ڪرڻ هٿ کڻڻ ذهني تڪليف ڏيندو، اکين ۽ چهري مان ڪاوڙ جو اهڙي نموني اظهار ڪجي جو ٻار سمجهي ته آئيندي مان غلطي ڪئي يا نافرماني ڪئي ته سزا ملندي، عملي سزا ڏيڻ والدين ۽ استاد طرفان ملڻ جو رد عمل ٻار جي ذهني قوت کي ڪمزور ڪري ٿو، ماضي ۾ ته اسان اسڪول ۾ هٿن تي ڏنڊا به برداشت ڪيا، اڄ اُنهن مرحوم استادن لاءِ دل مان دعائون نڪرن ٿيون رب پاڪ شل هنن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، ٻار کي هميسه سڏ ڪيو ته هن جي مڪمل صحيح نالي سان آواز ڏيو، بابا پُٽ لفظن ملائڻ سان ٻڌندڙ کي سٺو لڳي ٿو، اسان جي خاندان ۾ والدين ڇوڪري جو اصل نالو (وڏي جو) رکي لاڏ ڪوڏ مان هن کي گڏ وچوڻ شروع ڪيو جيڪو ايترو نالو مشهور ٿيو جو اڄ به سندس اصل نالي کان جيڪو سندس ڏاڏي جو آهي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي اڄ به باوجود پاڻ خود سينيئر استاد آهي ڳوٺ ۾ گڏي جي نالي سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، غلطي بي اولاد نه ٿيندي آهي اُن مان غلطيون پيدا ٿينديون رهنديون آهن، ٻار وڏو ٿئي ته هن جي تعليم جي حوالي سان هن کي سندس پسند ۽ مرضي واري شعبي ۾ خوشي سان وڃڻ ڏيو پنهنجو حڪم ۽ خواهش هن جي مٿان ٿاڦڻ نه گهرجي هن جي صلاحيتن کي ساراهيو، ٻار سان اولاد جي حوالي سان گڏ دوستي وارو رشتو به قائم ڪجي ته جيئن هو توهان سان پنهنجي هر ڳالهه مسئلو اوري سگهي،پٽن جو اولاد هوندي نياڻين کي هرگز نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي اهي به ساڳئي رويئي ۽ عزت احترام جي لائق آهن هڪ اولاد کي وڌيڪ ٻي کي گهٽ سمجهڻ ۾ اخلاقي غلطي آهي اولاد سڀ هڪ جهڙو پيارو سمجهڻ ۽ اُن جي هڪ جهڙي حق ادائي ڪرڻ گهرجي، توهان کي توهان جي والدين ڪيئن نپايو اهو دور وقت گذري ويو هاڻي وساري ڇڏيو آخر ۾ ٻارن کي موبائل جي استعمال ۽ اُن مان حاصل نتيجن لاءِ مان خبردار ٿو ڪيان اولادجي بگڙجڻ جو بنياد اڄ ڪلهه موبائل هٿ ۾ ڏيڻ آهي جيڪو وري هڪ الڳ موضوع آهي.

رابطي لاءِ عاقل پلازا گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد

0300-9371907

(022)2111633-2111608

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مين پڙي زندگي کي ٻڙي- گُٽڪو جان کي جهٽڪو

حڪيم نذير شيخ: سڀ کان پهرين هي وضاحت ضروري آهي ته هن موضوع ۽ نشي …