Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / اينٽي ڪرپشن ٽيم سول اسپتال ميرپورخاص جو دورو ڪيو، عملو فرار

Powered by free wordpress themes

اينٽي ڪرپشن ٽيم سول اسپتال ميرپورخاص جو دورو ڪيو، عملو فرار

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) هائي ڪورٽ جي حڪم تي ڊائريڪٽر انڪوائريز اينٽي ڪرپشن ڪراچي  فيصل بشير ميمڻ جي سربراهي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جو سول اسپتال جو دورو،ٽيم جي پهچڻ تي عملو فرار،ڊاڪٽر فون ڪري عملي کي ڊيوٽي تي اچڻ جون هدايتون ڏيندا رهيا ، ميرپورخاص جي وڪيل ممتاز جروار پاران سول اسپتال ۾ مختلف مسئلن بابت هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت پاران اينٽي ڪرپشن کي معاملي جي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو جنهن تي اڄ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن انڪوائري ڪراچي فيصل بشير ميمڻ ٽيم سان سول اسپتال پهچي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ اينٽي ڪرپشن عملي پاران اسپتال جون تصويرون  پڻ ڪڍيون ويو جڏهن ته ڊائريڪٽر پاران سول اسپتال جي اسٽور مان دوائن جا سيمپل پڻ هٿ ڪيا جڏهن ته مريضن جي کاڌي واري بورچي خاني جو دورو ڪري کاڌي جا پڻ سيمل ورتا ۽ ٽانڪي مان پيئڻ جي پاڻي جا سيمپل پڻ ورتا جنهن بعد دل واري وارڊ،ميڊيڪل وارڊ، ٻارن جي وارڊ سميت ٻين وارڊن جو تفصيلي دورو ڪري مريضن کان سهولتن ۽ دوائن بابت پڇا ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر اڪرم سلطان ڊائريڪٽر کي ٻڌايو ته بورچيخاني جي هڪ ڪمري تي پيرا ميڊيڪل اڳواڻ پاران ناجائز قبضو ڪري ورتو آهي جڏهن ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن انڪوائريز فيصل بشير ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جي حڪم تي انڪوائري ڪرڻ هتي پهتا آهيون انڪوائري ڪري جامع رپورٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي جڏهن ته ان موقعي تي ڊائريڪٽر انٽي ڪرپشن ميرپورخاص رفيق ميمڻ ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.6

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

سياسي، سماجي اڳواڻن، اسڪالرن ۽ پروفيسرن پاران حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه (ثاني)رح کي خراج عقيدت پيش

حيدرآباد(رپورٽ: نياز وگهيو) حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه “ثاني” رحمة الله عليه جي …