Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / برما جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

Powered by free wordpress themes

برما جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

حيدرآباد (نمائندن وٽان) برما ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت خلاف سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻو، نواب شاهه، ٽنڊوالهيار، شهدادپور، ڪوٽ غلام محمد، خانپور مهر، ٽنڊوباگو ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ان سلسلي ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته برما ۾ بيگناهه مسلمانن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، پر برما ۾ رهندڙ مسلمانن تي ٿيل ظلم خلاف حڪومت مڪمل طور خاموش آهي، گڏيل قومن کي برما جي مسلمانن جي مدد ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجي، مظاهرين گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور برما سميت دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن  مٿان ظلم ۽ ڏاڍ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

03

جي ڊي اي جلسي ۾ عوامي سمنڊ ڏسي پ پ وارن جا تارا ڦري ويا آهن: غلام مرتضيٰ جتوئي

مورو(ن –م) مورو ۾ ڄام ھائوس تي اين پي پي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي تعلقي …