Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / حيدرآباد ۾ مقرر نئين ايس ايس پي پاران 24 ڪلاڪن اندر منشيات ۽ جوا جا اڏا بند ڪرائڻ جو حڪم

Powered by free wordpress themes

حيدرآباد ۾ مقرر نئين ايس ايس پي پاران 24 ڪلاڪن اندر منشيات ۽ جوا جا اڏا بند ڪرائڻ جو حڪم

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)حيدرآباد جي نئين آيل ايس ايس پي پير محمد شاهه چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪري سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي عوام سان بهتر نموني پيش اچڻ، امن امان برقرار رکڻ، 24 ڪلاڪن اندر منشيات، جوا جا اڏا بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي وارنگ ڏني آهي ته جنهن به ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه ٿيو ان ٿاڻي جي انچارج خلاف محڪماتي ڪارروائي عمل ۾آندي ويندي، سمورا پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي دوران پنهنجي وردي ۾ رهن. اهڙو اظهار ڪالهه حيدرآباد پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ضلعي جي سمورن ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سان هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۾ ڪيو.  ايس ايس پي پير محمد شاهه اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو ته حيدرآباد ۾ امن ۽ امان کي هر صورت ۾ وڌيڪ بهتر بڻائي شهرين ۽ واپارين جي اعتماد کي وڌايو وڃي، ڌاڙيلن، اسٽريٽ ڪرائيم ڏوهارين، سماج دشمن عناصر ۽ دهشتگردن جي خاتمي جي پاليسي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت جوڳي نه هوندي. هن چيو ته پوليس آفيسر ۽ جوان ڊيوٽي دوران وردي کي بهتر نموني بڻائن، چيڪنگ دوران ايس ايڇ اوز پاڻ موجود هجن، جوا، سٽي بازي، منشيات فروشي، سماجي برائن کي 24 ڪلاڪن اندر ختم ڪيو وڃي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ايس ايس پي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي شام جو 4 کان 6 وڳي تائين پنهنجن آفيسن ۾ موجود رهي عوام سان ملاقات ڪري انهن جا مسئلا حل ڪرح جي هدايت ڪئي. هن چيو ته هفتي ۾ هڪ دفعو ڊي ايس پيز پاڻ هاءِ ويز سميت ٻين هنڌن تي اچانڪ چيڪنگ ڪن. ٿاڻن تي قائم رپورٽنگ سينٽر کي عوام دوست بڻايو وڃي. ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

سياسي، سماجي اڳواڻن، اسڪالرن ۽ پروفيسرن پاران حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه (ثاني)رح کي خراج عقيدت پيش

حيدرآباد(رپورٽ: نياز وگهيو) حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه “ثاني” رحمة الله عليه جي …