Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / حڪومت پرنٽ ميڊيا متعلق قانون ۾ ڪنهن تبديلي جو ارادو نه ٿي رکي: وزيراعظم

Powered by free wordpress themes

حڪومت پرنٽ ميڊيا متعلق قانون ۾ ڪنهن تبديلي جو ارادو نه ٿي رکي: وزيراعظم

ڪراچي (پ ر) جناب شاهد  خاقان عباسي وزيراعظم پاڪستان اي پي اين ايس کي مڪمل يقين ڏياريو آهي ته حڪومت پرنٽ ميڊيا جي متعلق قانون ۾ ڪنهن به تبديلي جو ارادو نه ٿي رکي. جيڪڏهن قانون ۾ ڪنهن به قسم جي قانون جي ترميم جي ضرورت  پئي ته ان کي اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ ٻين لاڳاپيل تنظيمن جي مشاروت سان حل ڪيو ويندو. وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو اظهارڪيو ته آئين پاڪستان ۾ داخل اطلاعن ۽ آزادي صحافت جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. عمر مجيب شامي سيڪريٽري جنرل اي پي اين ايس سومر 11 سيپٽمبر 2017 تي صبح جو وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ انهن لاڳاپيل قانون، پرنٽ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس تي اي پي اين ايس جي خدشن کان آگاهه ڪيو. اي پي اين ايس وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڄاڻايل قانون جي باري ۾ ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيڻ وارين خبرن جي مطابق هي هڪ ڪارو قانون آهي جيڪو ملڪ ۾ اظهار جي آزادي کي سخت متاثر ڪندو. جيڪو ميڊيا ڊگهي جدوجهد کان پوءِ حاصل ڪيو آهي. اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڄاڻايل قانون  سان 18هين آئيني ترميم جي مڪمل نفي ٿيندي. اين پي اين ايس ۽ ميڊيا جون ٻيون تنظيمون ان ترميم کي مسترد ڪنديون. انهن وزيراعظم کان ڄاڻايل قانون جي فوري واپسي جي درخواست ڪئي. وزيراعظم اي پي اين ايس کي يقين ڏياريو ته آئين پاڪستان جي شق 19 سان ٽڪراءُ وارو ڪو به قانون نه  بڻايو ويندو ۽ پرنٽ ميڊيا جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪنهن قانون جي ضرورت محسوس ٿي ته حڪومت ميڊيا جي سڀني ذميوار حلقن سان نتيجا ڏيندڙ مشاورت جي ذريعي اهڙو قانون لاڳو ڪندي. اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي طرفان ميڊيا جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ان وضاحت تي شڪريو ادا ڪيو.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

سياسي، سماجي اڳواڻن، اسڪالرن ۽ پروفيسرن پاران حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه (ثاني)رح کي خراج عقيدت پيش

حيدرآباد(رپورٽ: نياز وگهيو) حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه “ثاني” رحمة الله عليه جي …