Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / خيرپور ڀرسان ڊبل ڪيبن گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت

Powered by free wordpress themes

خيرپور ڀرسان ڊبل ڪيبن گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت

خيرپور / پير جو ڳوٺ (رپورٽ:جان محمد مغل/ عبدالقدوس خلجي) خيرپور ويجهو پير جو ڳوٺ روڊ تي ڳوٺ آٽيري وٽ تيز رفتار ڊبل ڪيبن گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ دلبر، ڪريم بخش ۽ نويد ميتلو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڊبل ڪيبن سوار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا مڙهه سول اسپتال خيرپور آندا. جتان پوسٽ مارٽم بعد ٽنهي فوتين جا مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا، جيڪي مڙهه وارث ڳوٺ لالو ميتلو ڏانهن کڻائي روانا ٿي ويا.  گهر ۾ لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته علائقي ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇائنجي وئي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.6

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

سياسي، سماجي اڳواڻن، اسڪالرن ۽ پروفيسرن پاران حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه (ثاني)رح کي خراج عقيدت پيش

حيدرآباد(رپورٽ: نياز وگهيو) حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه “ثاني” رحمة الله عليه جي …