Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / سنڌ ۾ سرعام زھر جو وڪرو ؟

Powered by free wordpress themes

سنڌ ۾ سرعام زھر جو وڪرو ؟

عاجز انور لاشاري

سنڌ ڌرتي جي سونھن سخاوت سنڌي قوم جي صحتيابي سان آھي اسان سنڌي اڄ انھي بيمارين جي ور چڙھيل آھيون جنھن جو علاج ڪنھن حڪيم لقمان وٽ نه ئي ڪنھن اديب يا ليکڪ وٽ آھي بس ھي اھا بيماري آھي جنھن کي اديب پنھجي ادب سان چند جملن جي سٽن ۾ عمل ۾ آڻي ڪنھن ڪتاب جو ورق پورو ڪندي بي شڪ نه ٿڪندو ھجي پر بيماري کي جڙ مان نيڪالي نٿو ڏياري سگھي

ادب سمجھڻ ڏکيو آھي

ادب پرکڻ ڏکيو آھي

ڏکيو آھي جھان سارو

جئيڻ تنھن ۾ ڏکيو آھي

زمانو زار روئي ٿو اسان جي حال تي عاجز

ڪٿي مرڪڻ ڏکيو ڏاڍو

ڪٿي روئڻ ڏکيو آھي،،،،

شھري سياسي سماجي ماڻھو اھي ماڻھون جيڪي سمجھن ٿا ته صحافين جي ھٿ ۾ آھي پر ائين به نه آھي ھر صحيفو صحافي پنھجي قلم جو استعمال ڪري حق سچ ته لکندو آھي پر انھي جو نوٽس وٺڻ انتظاميه جو ڪم ھوندو آھي پر ڪجھ ماڻھو صحافين تي ايترو ڀروسو ڪندا آھن انھن کي لڳندو آھي ته صحافي روز لکن ته شايد ھي زھر جو ڪاروبار ڪندڙ خلاف قانون حرڪت ۾ من اچي پوي

پر ھي ڪنھن ھڪ شھر جي ڪھاڻي نه پر ھر شھر جو اھڙو ئي حال آھي

منشيات فروش ايترا ته طاقتور بڻجي ويا آھن جنھن کي ڪو به چوڻ وارو ئي نه آھي

۽ عجيب حال حيرت جو عالم ھو ھڪ ڏينھن گٽڪا مين پڙي وڪڻندڙ منشيات فروش ھڪ پوليس جي سپاھي سان اھڙي طريقي سان ڳالهائيندي نظر آيو ائين پئي لڳو ته ھو سپاھي ھڪ سرڪاري ملازم نه جھڙو ان منشيات فروش جو ملازم ھجي

سنڌ جي اڄ سمورن شھرن ۾ حلال حرام جي سمجهھ پڻ نڪري وئي آھي مان عاجز نٿو سمجھان ته ھي زھر جا ڪاروبار ڪندڙ اسان جا ئي سنڌي ڀائر ڪنھن ھڪ شھر ۾ھجن يا وري نه پر اڄ سنڌ جو اھو حال آھي جو سنڌ جو اھڙو ڪو به شھر نه آھي جنھن ۾ ڪچو شراب يا وسڪي ديسي ھجي يا وديشي تنھن کانپو۽ گٽڪو مين پڙي کا ن علاوه ٻاھرآن کان ايکسپورٽ ٿي ايندل ظفراني سفينا اسان جا سنڌھي ڀائر ئي وڪڻندا آھن ۽ وري ان کي واپرائڻ ۽ خريد ڪرڻ وارا به اسان جا سنڌھي ڀائر آھن

باقي پوليس جو ڪردار سو ھاڻ سنڌ جي پوري شھرن ۾ چپ جي چادر پھري اکيون پورڻ زھر وڪرو ڪرڻ وارن جي ڀل ڀلائي سمجھو وڃي ٿو ڪا روڪ ٽوڪ نه آ نه ئي ڪا سختي آھي سو سنڏ جو ڪو ننڍڙو شھر ڇو نه ھجي يا ھجي ڪو ڳوٺ جنھن ۾ ھي عذاب زھريلي کاد خوراڪ جو ڪاروبار عروج تي پھتل نه ھجي

ھر شھر جا سياسي توڙي سماجي شھري يا وري نوجوان سنڌ جو قوم پرست پارٽيون به ڪجھ ڏينھن لا۽ احتجاج به ڪن ٿا پو۽ وري ماٺ به ڪرايا وڃن ٿا ھي سنڌ ۾ اھو ڪاروبار آھي جنھن کي بند ڪرائڻ لا۽ سنڌ سرڪار سختي سان حڪم نامون پڻ ڪيوپر لفظي حڪم رھجي ويو ۽ آئي جي سنڌ پڻ ھن زھر جي ڪاروبار ڪندڙ خلاف سنڌ جي ھر اسٽيشن جي آفيسر کي الرٽ رھڻ ۽ قانوني ڪاروائي ڪرڻ جا حڪم نامان پڻ جاري ڪيا پر ٿيو ڪجھ به نه اڄ به سنڌ جي ھر شھر ۾ سرعام گٽڪا مين پڙيون وڪرو ڪيون پيون وڃن ليڪن قانوني محافظ آرام ۾ ويٺل آھن

اٿو جاڳو سنڌي ماڻھون

ڏسو اڄ قوم جي حالت

وڪامي زھر ٿو پيو ائين

وٺي ھر روز ٿو ماڻھون

مري پيو لوڪ ھي سارو

سڙي پيو لوڪ ھي سارو

اٿو جاڳو سنڌي ماڻھو

ڏسو اڄ قوم جي حالت،،،،

اڄ اھو وقت آيو آھي جنھن وقت ۾ سنڌ جي ھر شھر ۾ ودنڌڙ سماجي برايون سمنڊ جئيان آھسته آھسته ڀرجي رھيو آھي ۽ جنھن ڏينھن ڀرجي وري جو پلٽيو ته سمورا اسان جا سنڌي ھن ٻوڏ ۾ لڙھي ھزارين گھرن جي درد جو آزار بڻجي سالن تائين ھر ماء جي دل کي جھوريندا رھندا

ائين به ماڻھن جو چوڻ آھي ته ھن گٽڪي ۽ مين پڙي وڪرو ڪندڙن مالڪن طرفان پوليس کي مھينو لکين روپيه ملندو آھي اھڙن الزامن باوجود به پوليس ڪا ڪاروائي نٿي ڪري ته الزامن کي سچ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪو ھرج به نه آھي پر ھن گٽڪي ۽ مين پڙي سفينا ظفري واپرائڻ سان انسانن ۾ ڪافي بيماريون جنم آھسته آھسته پنھجو گھر ڪري رھيون آھن

گٽڪو مين پڙي کائڻ وارن کي 1 منٽ جي ڊوڙ به سھڪايو ڇڏي

ايترو سھڪائيندي آھي ۽ سھڪ ته عام جام ڪاري ڪامڻ به اھڙي زھر سان انسانن ۾ پيدا ٿيڻ لڳي آھي اڳ ۾ ماھرن چيو ھو پاڻي بنا فلٽر جي ڪاروڪامڻ پيدا ٿئي ٿي ڪجھ ماھرين جو چوڻ  آھي ته ھڪ سرنج پنج ڀيرا استعمال ڪرڻ سان ڪجھ بليٽ سان چوندا آھن پر ھي تماڪ سان ٺھندڙ ھر زھر ڪينسر کان وٺي ڪاري ڪامڻ جھڙين بيمارين جو پڪو زميدار آھي ڇو جو ھر سگريٽ جي پاڪيٽ تي صاف ظاھر لکيل آھي ته سگريٽ پئيڻ سان ڪينسر ٿي سگھي ٿو پر اسان جي سنڌي قوم بنا ڪنھن خوف جي پنھجي عادت جنھن کي نشو چئون يا ھڪ بيماري ڪمزوري اھا پوري ڪرڻ لا۽ پنھجي بيماري جو ڪارو  سامان پاڻ ۽ پنھجي پيسن سان خريد ڪري واپرائڻ تي مجبور بڻيل آھن پوليس جا محافظ تماشائي بڻيل ھٿ وٺي ھر ڄاڻ رکندي به پنھجي سنڌھي قوم کي تباھي طرف دڪڻ ۾ مددگار بڻيل آھن

ھن زھر وڪرو ڪندڙ مالڪن پنھجي گھرن ۾ فيڪٽريون پڻ قائم ڪري ورتيون آھن ڪالهوڪا منشيات فروش اڄ ڪارن بنگلن جا مالڪ بڻيل آھن ھي زھر ھڪ ضلع بدين ۾ نه سنڌ جي ھر ضلع ۾ مشھور آھي

ڪير چوڻ وارو ناھي ڪير ڪڇي ته ڇا

اڄ سنڌ جي ھر شھر ۾ وائن شاپ موجود آھن پر انھن وائن شاپ جا مقرر رکيل ايجنٽ شھرن توڙي ڳوٺن ۾ پاڻ وڃي گھر ويٺي شراب پھچايو اچن پند جي به ڪا تڪليف نه آھي

سنڌي قوم کي اڄ سنڌي ڀائر ئي ھٿن سان تباھ ڪرڻ ۾ اڄ مصروف آھيون پر ھڪ ڏينھن اھڙو ايندو جڏھن پوليس خود ٿاڻن ۾ به اھڙو زھر پاڻ وڪڻدي ۽ ماڻھون پاڻ ٿاڻن ۾ وڃي خريد ڪرڻ جي جرت ڪندا ۽ تڏھن ھي قوم تباھ ۽ ڀٽڪيل قوم سڏي ويندي ۽ ڪو به سنڌي ھن زھر کان آجو نه ھوندو

خدارا رحم ڪيو ھي وڏو ظلم آھي پنھجي ئي قوم کي پاڻ ئي ھٿن سان تباھي طرف دڪي رھيا آھيون

ھي اھو زھر آھي جيڪو ماري نه ماري پر کاري ضرور ڇڏيندو تنھن ڪري قانون جي محافظن کي اپيل آھي ته اھڙي زھر وڪڻندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروايون شروع ڪري عدالتن ٖ۾ آندا وڃن جئين ڪجھ روڪ ٽوڪ سان زھر سنڌ مان نيڪال ٿي سگھي ۽ ايندڙ نسل ھن زھر جي ور نه چڙھي سگھي

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مين پڙي زندگي کي ٻڙي- گُٽڪو جان کي جهٽڪو

حڪيم نذير شيخ: سڀ کان پهرين هي وضاحت ضروري آهي ته هن موضوع ۽ نشي …