Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / سيوهڻ ويجهو شاگردياڻي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارث صدمي ۾ بيحال

Powered by free wordpress themes

سيوهڻ ويجهو شاگردياڻي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارث صدمي ۾ بيحال

سيوهڻ (جاويد سولنگي) 3 ڏينهن اڳ پوليس اسٽيشن  جهانگارا جي حد ۾ مسڪين درزڪو ڪم ڪندڙ غلام قادر خاصخيلي جي گهر ۾ جوابدار خان محمد نوحاڻي ۽ ان جا ساٿي درزي جي گهر ۾داخل ٿي سندس 20ورهين جي مئٽرڪ پاس شاگردياڻي تانيه کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇوڪري پاران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن کيس پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي گهر ۾ والدين جي اڳيان بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو، ليڪن هن مهل تائين جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن . مقتولا نينگري جي ڀيڻ ناديه خاصخيلي ٻڌايو ته جوابدار خان محمد ڪيتري وقت کان اسان جي ڀيڻ کي فون ڪري دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رهندو هو مگر ڀيڻ کيس فون ڪرڻ کان منع ڪيو ھو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان جي والده نوابشاھ ويل هئي، جڏھن ته بابا دڪان تي هو گهر ۾ ڪو به مرد ماڻھو نه هجڻ ڪري جوابدارن زبردستي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي ڀيڻ کي پاڻ سان گڏ ھلڻ جو چيو ادي پاران انڪار ۽ مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار خان محمد ڪاوڙ ۾ اچي پسٽل جا فائر ڪري اسان جي ڀيڻ کي بيگناھ قتل ڪري ڀڄي ويا آهن. هنن چيو ته جوابدار ڌر بااثر آھن، جنهن ڪري پوليس کين گرفتار به نٿي ڪري. هوڏانهن سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ مولابخش نوحاڻي واقع جي مذمت ڪندي چيو ته مقتول نينگري سان ظلم ڪيو ويو آھي ڏک جي ڳالهه آهي ته هن مهل تائين بيدردي سان قتل ٿيل نياڻي  جي تڏي تي ڪوبه تڪ جو چونڊيل نمائندو لڙي ڪونه آيو آهي نه ئي وري جهانگارا پوليس ڪيس ۾ گهربل ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي.مقتولا نياڻي جي والد ۽ ڀينرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار ڌر بااثر آهي  اسان مسڪين آهيون،  اسان جي واهر ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي،  جوابدار ڌر جا بااثر ماڻهو اسان کي وڌيڪ جاني نقصان جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ،سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ، ڊسٽرڪٽ سيشن جج ۽ ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان مسڪينن  سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو انصاف پلئه نه پوڻ تي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا.0

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

سياسي، سماجي اڳواڻن، اسڪالرن ۽ پروفيسرن پاران حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه (ثاني)رح کي خراج عقيدت پيش

حيدرآباد(رپورٽ: نياز وگهيو) حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه “ثاني” رحمة الله عليه جي …