Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / قائداعظم جي 69هين ورسي، مزار تي مختلف شخصيتن جي حاضري

Powered by free wordpress themes

قائداعظم جي 69هين ورسي، مزار تي مختلف شخصيتن جي حاضري

ڪراچي  (اين اين آءِ) بابائي قوم قائداعظم محمد علي جناح جو 69 هون وفات جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان سومر تي ملهايو ويو ، سنڌ جي وڏي سيد مراد علي شاهه صوبائي وزيرن سان گڏ مزار قائداعظم تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي. تفصيل موجب بابائي قوم قائداعظم محمد علي جناح جو 69 هون وفات جو ڏهاڙو سومر تي 11 سپيٽمبر تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ، ان مناسبت سان سنڌ جو گورنر، سنڌ جي وڏي وزير ، ڊي جي رينجر ، اعليٰ سياسي ۽ عسڪري شخصيتن مزار قائداعظم تي حاضري ڀري، ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته بابائي قوم قائداعظم محمد علي جناح جي خواب کي تعبير ڪرڻون آهي. پاڪستان  بابائي قوم قائداعظم محمد علي جناح جي خواب تي پورو لهندو. ملڪ جي ترقي جي لاءِ معاشي ترقي تمام اهم آهي،  گونر چيو ته اڄ جو ڏينهن ملڪ جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي اڄ بابائي قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جو ڏينهن آهي جتي حاضري ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته قائداعظم جي خيالن تي سياسي ليڊرن کي هلڻون پوندو، انتظامي مسئلا هر جاءَ تي هوندا آهن انهن کي حل ڪرڻ  اسان سڀني جي ذميواري آهي، وڏي وزير  ڇيو ته آئي جي سنڌ سان ڪوبه تڪرار ناهي عدالتي حڪمن موجب ڪم ٿي رهيو آهي. وسيم اختر ميڊيا سان ڳالهائيند ي چيو ته اڄ جو ڏينهن تمام وڏو ليڊر اسان کان جدا ٿي ويو اها اسانجي بدقسمتي آهي ته اسان ان جي حڪمن تي پورو نه ٿا لهون.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …