Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / چوڌري نثار کي سچ ڳالهائڻ کان ڪنهن جهليو آهي؟

Powered by free wordpress themes

چوڌري نثار کي سچ ڳالهائڻ کان ڪنهن جهليو آهي؟

اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت کي اندران ۽ ٻاهران خطرا آهن. وزيراعظم سميت 5 ماڻهو سمجهن ٿا ته ملڪ کي خطرو آهي سندس چوڻ آهي ته اها بليڪ اينڊ وائيٽ هاءِ پروفائيل انٽيليجنس رپورٽ آهي مان نٿو سمجهان ته نئين وزيراعظم کي ان جي خبر هوندي سندس اهو به چوڻ آهي ته مون نواز شريف کي هميشه سمجهايو ته ڪو به آرمي چيف پنهنجو ماڻهو ٿي نٿو سگهي. آرمي چيف ڀلي منهنجو ڀاءُ هجي پر اهو ڪم اداري لاءِ ڪندو. چوڌري نثار جيڪو اڄ به پاڻ کي مسلم ليگ (ن) جو سينيئر ترين اڳواڻ سڏائڻ سان گڏ هو اها به دعوا ڪندو آهي ته هو اڄ به نواز شريف جي ويجهو آهي ايتري حد تائين جو موجوده وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي به سندس ئي مشوري سان وزيراعظم بڻايو ويو آهي. جيئن ته چوڌري نثار گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان اقتداري ايوانن ۾ رهندو آيو آهي ۽ هو ان ڳالهه تي به فخر ڪري ٿو ته هن جا سڀئي مائٽ فوج جي اعليٰ عهدن تي فائز آهن. جڏهن ته هن وٽ پاڪستان جي حساس وزارت يعني گهرو وزارت به رهي آهي ۽ پنهنجي ايامڪاري دوران هو پنهنجي وزارت ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي معاملن کي هلائڻ ۽ منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ مڪمل طرح خودمختيار رهيو آهي ان ڪري هو جڏهن ورجائي ورجائي اها ڳالهه ڪري ٿو ته ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهران خطرا آهن جن کان ملڪ جا رڳو 5 ماڻهو واقف آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي به ان جي خبر هجي ته پوءِ سندس ان ڳالهه کي هاڻ ڪنهن به طرح نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. چوڌري نثار جڏهن اها ڳالهه ڪري ٿو ته انهن خطرن کان رڳو 5 ماڻهو واقف آهن ته پوءِ چوڌري نثار اها ڳالهه اڃا تائين دل ۾ ڇو سانڍيو ويٺو آهي يا اهي ڪهڙا 5 ماڻهو آهن جيڪي انهن خطرن کان واقف آهن تن جا به هو نالا پڌرا نٿو ڪري تنهن ۾ سندس ڪهڙي مصلحت آهي اهو به اڃا تائين هڪ راز بڻيل آهي اسان سمجهون ٿا ته هڪ محب وطن شخص جي حيثيت ۾ هو اهو راز عوام کي کڻي نه ٻڌائي پر قومي سلامتي سان لاڳاپيل ادارن سان ضرور شيئر ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان جي سلامتي کي  درپيش خطرن کي اڳواٽ منهن ڏئي سگهجي. اسان جڏهن چوڌري نثار جي ڳالهه کي ويچار هيٺ آڻيون ٿا تڏهن اسان کي اڳوڻي نگران وزيراعظم معراج خالد اقتدار سنڀالڻ وقت چيو هو ته مون دنيا جو 2015 جو عالمي نقشو ڏٺو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو وجود ئي نه ڏيکاريل آهي سندس چوڻ موجب 2015 کانپوءِ پاڪستان دنيا جي نقشي تي موجود نه هوندو. جيتوڻيڪ اهو نگران وزيراعظم هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان دنيا جي نقشي تي اڄ به قائم آهي، جڏهن ته اها ٻي ڳالهه آهي ته هن وقت پاڪستان جي وجود لاءِ خطرا تن ڏينهن جي مقابلي ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ پيدا ٿي چڪا آهن. هاڻ جيڪڏهن چوڌري نثار به ساڳئي تسلسل ۾ ڳالهه ڪئي آهي ته پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته جن قوتن اهو عالمي نقشو تيار ڪري رکيو آهي اهي قوتون اڄ به پاڪستان خلاف سازشن ۾ مصروف آهن ۽ پاڪستان تان اهي خطرا ٽريا ناهن ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻيو کڻي ڪجهه ڪجي يا نه پر قوم کي انهن خطرن کان گهٽ ۾ گهٽ ضرور آگاهه ڪرڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا خطرا آهن جن کان چوڌري نثار نه رڳو واقف آهي پر اهو وڏي اعتماد سان اها ڳالهه به ڪري رهيو آهي ته انهن خطرن کان رڳو 5 ڄڻا واقف آهن اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان کي ڪي سنگين خطرا لاحق آهن ته انهن خطرن کان قوم کي ضرور آگاهه ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن چوڌري نثار انهن خطرن بابت ڪنهن کي به ڄاڻ نه ڏني ته پوءِ ائين سمجهيو ويندو ته چوڌري نثار قومي سلامتي وارو ڪارڊ کيڏي پنهنجي لاءِ حڪومت ۾ ڪا سگهاري پوزيشن حاصل ڪرڻ گهري ٿو جيڪڏهن اها ڳالهه ائين آهي ته پوءِ ان کي ڪنهن به طرح چڱي نظر سان ڏسي نٿو سگهجي ان سلسلي ۾ حڪومت کي به ان ڳالهه جي ضرور وضاحت ڪرڻ گهرجي ته  واقعي ملڪ خطرناڪ خطرن ۾ گهريل آهي يا اهي ڳالهيون رڳو مفروضا آهن، جن جي ڪا به حيثيت ناهي اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪا دير ڪئي وئي ته وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيندا ۽ عوام ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿيندي جنهن کي سنڀالڻ ايندڙ وقت ۾ نهايت ئي ڏکيو ٿي پوندو.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …