Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / ڏهن سالن کان بند پيل هائر سيڪندري اسڪول

Powered by free wordpress themes

ڏهن سالن کان بند پيل هائر سيڪندري اسڪول

احمد نواز انقلابي

تعليم هر خطي لاءِ لازمي هوندي آهي تعليم سان ئي قومون ترقي ڪنديون آهن هڪ عام چوڻي آهي ته جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ان قوم جي تعليم تباهه ڪئي وڃي اها قوم پاڻ ئي تباهه ٿي ويندي جيڪڏهن ڳالهه ڪيون سنڌ جي تعليم جي ته تباهي جي آخري ڪناري تي پهتي آهي هن مضمون ذريعي پاڻ ڳالهه ڪيون سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر جي ڪيون ته هڪ سروي مطابق 400سو کان وڌيڪ اسڪول بند پيل آهن اسان کي هڪ اهڙو ڪلور سکر ضلعي جي سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ تعلقي پنوعاقل ۾ ڏسڻ ۾ آيو جيڪو هن مضمون ۾ بيان ڪندس اسان ڪجهه ڏينهن پهرين شاگرد بچايو ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان سکر ضلعي جي مختلف ٻهراڙين جي علائقن جو دور ڪيو جڏهن اسان پنوعاقل جي شهر جي وڏي آبادي رکندڙ علائقي ٺڪراٺو شهر پهتاسين ته اتي جي مقامي ماڻهن چيو ته اسان جي علائقي ۾ موجود اسڪولن جو دورو ڪيو جڏهن اسين ٺڪراٺي شهر کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ٺهيل هڪ بلڊنگ تي پهتاسين ته ٻڌايو ويو ته اهو ٺڪراٺي جو بوائز هائر سيڪندري اسڪول آهي جنهن جي عمارت اڍائي ڪروڙ روپين جي لاڳت سان جنرل مشرف جي دور ۾ تعمير ٿي جنهن کي ڪاغذن ۾ مڪمل طور تي ڏيکاريو ويو ۽ بل وٺي ٺيڪيدار ۽ علائقي جي بااثرن گڏجي ڳڙڪايا ڏهن سالن ۾ ٺڪراٺي جي هائي اسڪول جي بلڊنگ کي نه در لڳي سگهيا نه ئي بجلي فٽنگ ٿي ڪاغذن ۾ مڪمل ٿيو ۽ هميشه لاءِ ايمرجنسي اسپتال ۾ داخل ٿيو ٺڪراٺي جي هائر سيڪندري اسڪول ۾ هڪ ڏينهن لاءِ فرنيچر رکي ڪنهن استاد اچي اسڪول کولي هڪ ڏينهن زحمت ڪري نه ويٺو جنهن سبب ناقص مٽيريل سان ٺهيل بلنڊنگ اسڪولڻ کولڻ کان پهرين ئي زبون حال ٿي وئي ڳاله ڪنداسين تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ته هي تڪ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاه صاحب جو تڪ آهي جيڪو هونءَ ته ڪيترا دفعا ٺڪراٺي شهر اچي وڏيرن جون دعوتون کائي ويو آهي پر علائقي جي معزن پاران بار بار اسڪول هلي وزٽ ڪرڻ واري ڳاله کان لنوائي هليو ويندو آهي 10سالن ۾ هڪ دفعو به چونڊيل نمائندن کي تڪ جي غريب عوام جي اولاد تي رحم نه آيو جو هنن هڪ دفعي به لڙي اسڪول جو وزٽ نه ڪيو علائقن وارن ٻڌايو ته اسان تعليم کاتي وارن کي ڪيترا ڀيرا لکت ۾ درخوستون ڏنيون آهن ۽ ضلعي سکر جي مختلف پريس ڪلبن تي ڌڪا کائي احتجاج به رڪارڊ ڪرايا آهن پوءِ به تعليم کاتي جي ڪن تي جونءَ نه ٿي چري ٺڪراٺو تعليم جي حوالي سان پنوعاقل جو پوئتي پيل علائقو آهي جتي هونءَ ته بنيادي سهولتن جي وڏي کوٽ آهي پر وڏي افسوس جي ڳاله اها آهي ته تعليم جهڙي زيور کان  به ٺڪراٺي شهر کي محروم رکيو ويو آهي اتي اهو به هڪ سوال موجود آهي ته سنڌ اندار ايمرجنسي تعليم جون دعوائن کي ڪٿي رکجي؟ چيو پيو وڃي ته سنڌ اندر تعليميايمرجنسي آهي تعليم ۾ ڪافي واڌارو اچي چڪو آهي بار بار تعليم جي وزير جو اهو بيان ٻڌي جڏهن ٺڪراٺو ۾ موجود هن اسڪول جو وزٽ ڪيوسين ته هميشه جيان اها پڪ ٿي ته وزير تعليم جي بيانن ڪا به صداقت نه آهي سنڌ اڃا انهئَ اونداهي دور مان گذري رهي آهي ڪا به ايمرجنسي واري ڊرامي تبديلي نه آندي آهي سنڌ جا هزارين اسڪول بند پيل آهن پر وڏي افسوس جي ڳاله اها آهي ته سنڌ اندار ايڏي تعليمي تباهي جي هوندي پوءِ به خاموشي ائين آهي  ڄڻ سڀ ڪجه ٺيڪ هجي وڏي افسوس جي ڳاله آهي ته سنڌ دوستن به تعليم جي بحالي لاءِ ڪو سگهارو آواز نه اٿاريو آهي ضرورت ان ڳاله جي آهي ته تعليم کاتو سنڌ جي تعليم کي ڪنهن اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ مان ڪڍي تعليم سرشتي کي درست بڻائي ٺڪراٺو هائر سيڪندري اسڪول جيڪو گذريل ڏهن سالن کان بند ان کي فوري طور تي ورڪنگ ۾ آندو وڃي ۽ گذريل ٽن سالن کان مقرر استادن جي عملي ۽ ٻئي اسٽاف جي پڻ احتساب ڪيو وڃي ۽ سموري سنڌ جي بند اسڪولن کي بحال ڪيو ۽ تعليمي ايمرجنسي تي عمل ڪرائي سنڌ سان سچائي جو ثبوت ڏيندي پنهنجو قانوني آئيني فرض نڀايو وڃي ۽ سنڌ جي تعليم کي تباهي کان بچايو وڃي.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مخدوم امين فهيم جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي!!

تحرير مير نادر علي ابڙو : مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ …