Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / گمبٽ مان مبينا طور اغوا ٿيل هندو ناري اسلام قبولي ورتو، واقعي جو ڪيس داخل، 5 ڄڻا گرفتار، شهر ۾ شٽر بند هڙتال

Powered by free wordpress themes

گمبٽ مان مبينا طور اغوا ٿيل هندو ناري اسلام قبولي ورتو، واقعي جو ڪيس داخل، 5 ڄڻا گرفتار، شهر ۾ شٽر بند هڙتال

گمبٽ(ن-م)گذريل ڏينهن هندو پاڙي مان مبينه اغوا ٿيل ناري آرتي شرما سکر جي الجماعت اسلاميه اعزازالعلوم گول جامع مسجد ۾ پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيڻ بعد نوجوان امير وساڻ سان نڪاح ڪري ڇڏيو آهي، ناري جو اسلامي نالو مهوش رکيو ويو آهي، ان موقعي تي گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هندو پاڙي مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان ناري سکر جي بئراج ڪالوني ۾ واقع الجامعت اسلاميه اعزازالعلوم جامع گول مسجد ۾ مولوي اسد الله ميمڻ جي هٿ تي اسلام ڪري ورتو آهي ناري جو اسلامي نالو مهوش رکيو آهي، ناري مسلمان ٿيڻ بعد نوجوان امير وساڻ سان نڪاح ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نڪاح نامو ۽ اسلام قبول ڪرڻ وارو سرٽيفڪيٽ پڻ گمبٽ ٿاڻي تي وڪيل معرفت پهچي چڪو آهي، هوڏانهن اسلام قبول ڪندڙ ناري جي پي راجڪمار شرما رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري کي هٿيارن جي زور تي حراسا ڪري اسلام قبول ڪرايو ويو آهي، مهوش(آرتي) کي اسان جي سامهون پيش ڪري پڇيو وڃي ته هن اسلام پنهنجي مرضي موجب قبول ڪيو آهي، هوڏانهن هندو ناري آرتي جي وارثن وٽ جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو وارثن پهچي ويو آرتي جي والد مهراج راجڪمار ۽ پنچائت سان وڏي ٽڪاڻي ۾ ملاقات ڪندي چيو ته آءِ سنڌي هندن کي سنڌ جو پٽ سمجهاٿو وڏو افسوس آهي جو ديدادليري سان گمبٽ جي وچ شهر مان ڏينهن ڏٺي جو سنڌ جي نياڻي آرتي شرما کي جبري اغوا ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي اسلام بهترين پيغام ڏيندڙ مذهب آهي تڏهن ته نبين جي سردار چيو ته تنهنجو دين تو وٽ منهنجو دين منهن وٽ، ڪنهن به نياڻي کي يرغمال بڻائي مذهب تبديل ڪرائڻ يا مذهبي انتهاپسندي ملن جي حوالي ڪرڻ سنڌ جي روايتن جي خلاف آهي، ٻئي طرف هندو ناري آرتي شرما جي مبينا اغوا وارو معاملو، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه معاملي جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي خيرپور کي ڪيس داخل ڪري ناري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم، ڀاءُ هيرا شرما جي فرياد تي 4 ڄڻن امير وساڻ، نويد وساڻ، گلشن وساڻ ۽ غلام سرور وساڻ تي دهشتگردي ايڪٽ جو ڪيس داخل، گمبٽ پوليس مختلف جائين تي ڇاپا هڻي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ناري جي اغوا خلاف ٻئي ڏينهن به شهر ۾ شٽربند هڙتال، هندو برادري جي اڳواڻن جي پ پ اڳواڻ حاجي نواب وساڻ سان ملاقات، ان موقعي تي هندو برادري جي اڳواڻن هيرا شرما، جئي پرڪاش، جئي ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن امير وساڻ ۽ ان جا ساٿي هٿيارن جي زور جي گهر ۾ گهري نوجوان ناري آرتي شرما کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا هيا پر گمبٽ پوليس ناري کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي،سنڌ ۾ رهندڙ اقليتي برادرين کي سنڌ حڪومت پاران ڪوبه تحفظ فراهم نه پيو ڪيو وڃي جنهن سبب سنڌ ۾ سرعام هندو ناريون اغوا ڪري انهن کي حراسه ڪرڻ بعد انهن کان مذهب تبديل ڪرايو پيو وڃي هنن جو چوڻ هيو ته اگر 24 ڪلاڪن اندر ناري آرتي شرما کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سنڌ ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي،هوڏانهن آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کي ڪيس داخل ڪري فوري طور آرتي شرما کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن بعد گمبٽ ٿاڻي تي ناري جي ڀاءِ هيرا شرما جي فرياد تي 4 ڄڻن امير وساڻ،نويد وساڻ،گلشن وساڻ ۽ غلام سرور وساڻ تي دهشتگري ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم به قلم شامل ڪيا ويا آهن،گمبٽ پوليس مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري پڇا گڇا لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

سياسي، سماجي اڳواڻن، اسڪالرن ۽ پروفيسرن پاران حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه (ثاني)رح کي خراج عقيدت پيش

حيدرآباد(رپورٽ: نياز وگهيو) حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه “ثاني” رحمة الله عليه جي …