Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / افغانستان جو مسئلو جنگ ذريعي نه پر ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو:صدر ممنون حسين

Powered by free wordpress themes

افغانستان جو مسئلو جنگ ذريعي نه پر ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو:صدر ممنون حسين

آستانه (اي پي پي)صدر ممنون حسين چيو آهي ته افغانستان جو مسئلو جنگ ذريعي نه پر رڳو ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ پنهنجي افغان ڀائرن جي مدد جاري رکندو. هن اها ڳالهه هتي پاڪستاني تعليمي ماهرن ۽ دانشورن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ قزاخستان ۾ پاڪستان جي سفير عبدالسالڪ خان، ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر، اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل او آءِ سي نعيم خان، ڊائريڪٽر جنرل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي عرفان شوڪت سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ موجود هو. صدر جيڪو ڇنڇر ڏينهن چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آستانه پهتو هو، هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مان باصلاحيت ماڻهن جي ملڪ ڇڏي وڃڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي پاڪستاني تعليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پنهنجي ملڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا. هن چيو ته قزاخستان ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن جيڪي ملڪ جي لاءِ نيڪ نامي جو سبب آهن. صدر چيو ته حڪومت جي دانشمنداڻي ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان جي معيشت ڪجهه سالن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه فعال ٿيڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت بجلي جي منصوبن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 2018ع جي پهرين ٽه ماهي تائين لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ملي ويندو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ۽ سي پيڪ جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان خطي ۾ هڪ اهم ملڪ بڻجي ويندو. صدر چيو ته ملڪ جي زرعي شعبي پڻ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ماهر زرعي تحقيق تي ڌيان ڏين. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان فضائي رابطن جي بحالي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي.03

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ، سڀاڻي فيصلو ٻڌائينداسين: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(اي پي پي)  اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت …