Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / اين اي 120 تي بائيو ميٽرڪ جو استعمال تجرباتي بنياد تي ڪيو پيو وڃي: اليڪشن ڪميشن

Powered by free wordpress themes

اين اي 120 تي بائيو ميٽرڪ جو استعمال تجرباتي بنياد تي ڪيو پيو وڃي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته تڪ اين اي 120 لاهور ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ ڪنهن ووٽر جي بايو ميٽرڪ تصديق نه هئڻ جي صورت ۾ ان کي ووٽ جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، ڄاڻايل تڪ ۾ بايو ميٽرڪ مشينن جو استعمال رڳو تجرباتي بنيادن تي ڪيو پيو وڃي. ان جو چونڊن جي قانوني مرحلي ۽ نتيجي تي ڪو اثر نه پوندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطابق ڪجهه ڌريون اهو تاثر ڏئي رهيون آهن ته جن ووٽرن جي بايو ميٽرڪ تصديق نه ٿي سگهي ته اهي ووت جي حق کان محروم ٿي ويندا. جڏهن ته اهو تاثر ڏيڻ بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پنجاب آزمائشي طور تي استعمال ٿيندڙ بائيو ميٽرڪ مشينن جي استعمال لاءِ تڪ اين اي 120 ۾ مقرر پولنگ عملي کي تربيتي عمل مان گذاريو. اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي آءِ ٽي آفيسرن بائيو ميٽرڪ مشينن جي استعمال جي حوالي سان پولنگ عملي کي تربيت ڏني. ان ضمني چونڊ ۾ 220 مان 39 پولنگ اسٽيشنن تي 100 بائيو ميٽرڪ مشينون استعمال ڪيون وينديون، جن لاءِ ڌار ڌار تجربيڪار پولنگ اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. تربيت ۾ پولنگ اسٽاف کي تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي ۽ بين الاقوامي معيار کي به سامهون رکيو ويو. 07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …