Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / اپوزيشن ليڊر ۽ اسپيڪر پاران قومي اسيمبلي ۾ وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن جي غيرحاضري ڪاوڙ جو اظهار

Powered by free wordpress themes

اپوزيشن ليڊر ۽ اسپيڪر پاران قومي اسيمبلي ۾ وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن جي غيرحاضري ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن جي مسلسل غير حاضري رهندڙ ن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن هو اسميبلي  ۾ نه ٿا  اچن ته  جيڪڏهن  وزيرا اجلاس ۾ نه ٿا ا چن حڪومت جي خلاف ووٽنگ ڪئي ويندي، اڱاري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾   پ پ پ جي اعجاز جکراڻي، ڪورم پورو نه ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ کان پوءِ ڪورم پورو نه ٿيو جنهن تي اسپيڪر ۽ آپوزيشن ليڊر باقي وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن پاران مسلسل غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . خورشيد شاهه چيو ته اسان قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ ايندا آهيون ڇا اسانکي ڪم ناهي.؟ اسان به پنهنجي علائقن ۾ دورا ڪيون  ٿا ۽ ايوان ۾ به ايندا آهيون. ايوان ۾ هن وقت حڪومت جا ڏيڍ وزير ويٺا آهن. ڇا اها مذاق ناهي، اهڙي طريقي سان اسيمبلي هلڻ نه ڏينداسين، آپوزيشن ليڊر پاران وزيرن جي ڪاوڙ تي اسپيڪر سڌ سماءَ ڪيڊ ۽ پارليماني معاملن جي وزيرن 15 منٽن جي اندر طلب ڪيو جڏهن ته ڪو به وزير ايوان ۾ نه آيو جنهن تي اسپيڪر چيو ته مونکي وزيرن جي مرضي سان نه پنهنجي مرضي سان ايوان هلائڻون آهي، جيڪڏهن  وزير نه ٿا اچن ته ميمبرن جي پيش ڪيل بل کي منظور ڪيو ويندو. ۽ حڪومت جي خلاف ووٽنگ ڪئي ويندي، آپوزيشن ليڊر چيو ته اسان ڪورم پوائنٽ آئوٽ نه ٿا ڪرڻ ڇاهيون جڏهن ته اجلاس کي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو وڃي جنهن تي اسپيڪر چيو ته هن آپوزيشن پاران بل پيش ڪرايا آهن. جنهن جو حڪومت پاران جواب موصول نه هجڻ باوجود اهو بل ڪميٽيءَ ڏانهن موڪليوويو آهي.  سيد خورشيد شاهه چيوته اسان اهڙي طرح جي قانون سازي به نه ٿا چاهيون. ڪميٽيون به پنهنجو ڪم نه ڪري رهيون آهن، اسپيڪر چيو ته ڪميٽيون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن.  95 سيڪڙو  موڪليل بلن تي ڪم ٿيو آهي.  سڀاڻِي ان جي تفصيل ايوان ۾ پيش ڪندس.  ايم ڪيو ايم پاران رشيد گوڊيل چيو ته سيد خورشيد شاهه کي ايوان جي ڪاروائي نه هلائڻ ڏيندس، چوڻ کان اڳ اسانجي مرضي به پڇڻ گھرجي هان، اسان جا به اهم بل آهن.اعجاز جکراڻي چيو ته جيستائين ڪورم پورو نه ٿيندو، اسيمبلي  جي ڪاروائي نه هلڻ گھرجي. اسپيڪر چيو ته آپوزيشن پاران  ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.  ان لاءِ ايوان ۾ڳڻپ ڪئي وڃي. ميمبرن جو گهربل انگ پورو نه ٿيڻ تي اسپيڪر  ڪورم پوري ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪاروئي معطل ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ آپوزيشن پاران مخالفت جي باوجود ايم ڪيو ايم پاران زرعي زمين جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان بازتقسيمي سڌارن واري ايراضِي جو بل 2017 پيش ڪيو ويو، اڱاري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس قورم پور پورور ٿيڻ تي پينل آف چيرپرسن جي ميمبر محمود بشير ورڪ جي صدارت ۾ ٻيهر شروع ٿيو.  صدر نشين ايم ڪيو ايم جي ميبر ايس اي اقبال قادري کي بل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ فوري طور تي ايوان مان تحريڪ منظور ڪرائي جنهن تي مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسان ان بل جي مخالفت ڪيون ٿا ڇو ته لينڊ رفامز جي حوالي سان معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. اعجاز حسين جکراڻِي چيو ته اهو بل تعصب جي بنياد تي صرف وڏيرن ۽ جاگيردارن  جي مخالفت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اسان ان بل جي سخت مخالفت ڪيون ٿا ۽ ڪميٽي ۾ ان بل جي مخالفت ڪيون ٿا، اقبال قادري چيو ته اهو بل آئين جي آرٽيڪل 253 جي تحت بڻايو ويو آهي آئين موجب پارليمينٽ وڌ کان وڌ جاگير جي حد مقرر ڪري سگھي ٿي. پي ٽي آئي جي ميمبر ڊاڪٽر شيري مزاري چيو ته لينڊ رفارمز جي آڙ ۾ پهريان به جاگيرون سول ۽ ملٽري ڊيموڪريسي ۾ ورهايون ويون. محمد بشير ورڪ انکي چيو ته جيڪڏهن انجو ڪو مثال آهي ته پيش ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شيري مزاري چيو ته مون سان  گڏ راجن پور هلو ته مان توهان کي  ثبوت پيش ڪندس ته اتي ڪهڙي طرح لينڊ رفارمز جي آڙ ۾ جاگيرون سول ۽ملٽري بيوروڪريسي ۾ تقسيم ٿيون آهن، اسد عمر چيو ته لينڊ رفارمز بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار چيو ته اڳوڻي دور ۾ زمين جي  غلط ورڇ جي خلاف اهو لينڊ رفارمز بل آهي، اسان آبادگارن، هارين ۽ غريبن ۾ زمين جي صاف ورڇ چاهيون ٿا.07

 

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …