Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / بي زبان پکين جي درد ڪٿا ؟ 

Powered by free wordpress themes

بي زبان پکين جي درد ڪٿا ؟ 

عاجز انور لاشاري:

انسان پاڻ پنھنجي پاڻ تي ڪو ڪک به برداشت نٿو ڪري يا وري ڪنھن پنھنجي يا پراون جا جملا جيڪي دل چير ڪري ڇڏيندا آھن اھڙو احساس فقط انسان جو انسان لاءِ ئي ڇوآهي.  ڇا پکي ساھ نه کڻندا آھن ڇا پکين جي ڪا حسرت يا خواھش ئي نه آ ؟ڇا پکين کي ڪنھن به زخم جو ڪو احساس ڪونه ٿيندو ھوندو؟ انسان جڏھن ڌرتي تي جنم وٺندو آھي تڏھن بنا لباس ڪنھن خواھش ۽ خاموش حال ڪجهھ دير اکيون کولي جڏھن ھن جھان کي ڏسندو آھي ته بي جا شديد روئڻ جو جيجل ماءُ اڳيان مظاھرو ڪندي نئين دنيا ۾ اچڻ تي اھو بي لباس معصوم ڪجهھ چوڻ چاھيندو آھي پر تنھن وقت تنھن واري روئڻ واري ٻولي سمجھي ته ڪير سمجھي ھڪ واحد الله جي ذات آھي تنھن جي قدرت جنھن ھي پورو جھان جوڙيو سو ئي ڄاڻي ٻيو اھا جيجل ماءُ بس جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويندو آھي رانديڪا راند روند ئي تنھن وقت تنھن جو شوق ئي سڀ ڪجھه ھوندو آھي ٻيو ڪجھه به نه

عجيب او غريب ھن جھان ۾ ماڻھون آھن خدا تعالي ھن جھان ۾ ھر انسان کي مختلف طرح جو الڳ ئي سوچڻ جھڙو ذھن پڻ ڏنو آھي جھاز ٺاھيندڙ به ھڪ انسان ئي آھي ته ھن دنيا ۾ ٿدو گرم سٺو برو ڀلو ھر شيءِ انسانن درتي تي اچي پاڻ ئي ايجاد ڪئي آھي

اشرف المخلوق انسان آھن جنھن کي افضل جو پڻ درجو مليل آھي ،ڪجھه انسان اھڙا به آھن جيڪي دل ۽ دماغ سان عقل جا وير اڪابر آھن پر تنھن جو شوق وري ڏٺو وڃي ته واھ واھ

ڀلي انسانن جا جيترا به شوق ھجن مون ڏٺو آھي ڪنھن انسان مورن سان محبتون قائم رکيون آھن ڪنھن وري تتر سان پر ڪنھن طوطا پاليا وري ڪنھن باز ڪجھه اھڙا انسان به ڏٺاسين جيڪي ڪڪڙ پالڻ جو وڏو شوق جذبو پڻ رکن ٿا ڪڪڙ پالڻ يا ڪڪڙن جو شوق يا ڪبوترن جو شوق مونکي مڪمل ماڻھن جي شوق ۽ چاھتن منجھان فقط 3 شوق ۽ انھن شوقينن تي اچرج پڻ آھي وڏي حيرت پڻ آھي ،تتر جو شوق رکندڙ ماڻھون جڏھن پنڃرن ۾ بند تتر گھرن ۽ اوتاڪن ۾ رکندا آھن مون کي ائين لڳو ته ھي شوقين فقط تتر جي سونھن تتر جي ٻولي تي عاشق آھن پر نه نه حيرت ۾ آھيان ته تترن جي ويڙھ پڻ ڪرائي ويندي آھي تتر رتو رت ڪرايا ويندا آھن فقط شرط ۽ پنھنجي نالي کي شھرت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ اھڙي طرح ڪڪڙن جو شوق به عجيب ھو سھڻا ڪڪڙ پاليا ته ويندا آھن شوق پڻ پر فقط جنگ جي ميدان ۾ لاھڻ لاءِ ۽ وڏي ڳالهھ ته ايتري محبت پڻ ڪندا آھن ڪڪڙن کي بادام پستن جي خاص خوراڪ ڏني ويندي آھي جيڪا خوراڪ خاص سچي گيهھ مان ٺاھي ڪڪڙن کي کارائڻ جو روز جو معمول بڻيل ھوندو پر فقط تيار ڪري سامھون واري جي ڪڪڙ سان وڙھائڻ لاءِ انھن جون محنتون ھونديون آھن  باقي ڪا ٻي خاص چاھت سچو پيار نه چيو ويندو ڇو جو ڪير به پنھجي اولاد کي ايتري پالڻ کان پوءِ به ڪو جنگ جي ميدان يا ھروبرو جي ويڙھ ۾ نه لاھيندا ھي پکي ئي آھن بي زبان جيڪي ڪڇن به نٿا ڪنھن کي دانھن به ڪيئن ڏين بس جنگ جي ميدان ۾ سينگاري ٺاھي لاٿا ويندا آھن ھڪ شرط پنھنجي شھرت لاءِ ڪنھن ھڪ جو ڪڪڙ رت مان لھه لھو ٿي آخرڪار زندگي جي جنگ ھاري وٺندو آھي ۽ جيتڻ وارن جي ڪڪڙ جي مالڪ طرفان دھلن شرنائين جا اتي جو اتي ٺڪا مري ويل ڪڪڙ جو فقط مالڪ کي ڏک ھوندو آھي باقي پوري پنڊال ۾ جيتڻ واري ڪڪڙ جي واھ واھ ڪئي پئي ويندي آھي ،ھڪ ڏينھن ڪڪڙن جي خفتي کان پڇڻ جي جرئت ڪيم ته ادا ھي ڪھڙو شوق ٿا ڪيو جواب ڏنائين ته سمن سرڪار کي پڻ ڪڪڙن جو شوقين ھوندو ھو پر جيتري قدر سائين سمن سرڪار ڪڏھن به ڪو ڪڪڙ وڙھايو نه بلڪل شوق ھوندو ھئس ۽ اڄ عقيدتمند ماڻھون درگاھ تي حاضري ڏيڻ آيل ڪڪڙ کڻي درگاھ تي ٻڌندا آھن پر حيف ھجي اھڙن نون شوقينن تي جيڪي جانورن جي ويڙھ تان پڻ پيسا ڪمائيندا آھن ۽ ذريءَ شھرت لاءِ اھا شھرت جيڪا قيامت روز ظلم جي سرٽيفيڪيٽ سميت انھن شوقينن کي واپس منھن ۾ ئي لازمي لڳندي

بهرحال آخر ۾ ڀلوڙ ڪبوتر جيڪي وري ڪنھن انسانن جو شوق بڻجندا آھن ڪبوتر وري اڏاريا ويندا آھن بس جنھن جو ڪبوتر آخر ۾ لھندو سو ئي کٽيندو سو ھاڻ ڪبوتر صبع جو اڏاريان وڃن ۽ لھن شام جو وري ڪئين ھر پکي ڏٺو آھي مون ڪبوتر به گھڻو ڪري ھر پکي پنھنجي مرضي سان وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ اڏامي وري واپس ڪنھن وڻ جي ٽاري تي اچي ويھندا آھن. ھاڻ صبع جو اڏاريندڙ ڪبوتر مالڪ ڪبوترن کي به بادام پستا شايد کارائيندا ھجن يقين نه پئي ٿيو ته ڪيئن ڪبوتر صبح جا اڏامندڙ رات جو لھن ڇا ٽريننگ آھي ملي ڪبوترن کي بکيا اڃا ھي ڇا ماجرو آھي بس ڪنھن ھڪ ڪبوتر جي خفتي جي ٻئي خفتي سان ڳالھه ٻولھه ھلندڙ مون ٻڌي ۽ دل روئي پئي ته بي زبان ڪبوترن کي نشو ڏيئي اڏاريو ويو آھي بنا کاڌ خوراڪ جي ھي ڪھڙو شوق آھي يا وري ڪو ظلم جيڪو بي زبان پکين کي قيد پڻ ڪيو وڃي ٿو ۽ انھن تا پيسا پڻ ڪمايا ويندا آھن انھن بي زبانن جي دانھن درد ڪير ته محسوس ڪري ڀلي انسان نه آھن پر پيدا ته خدا تعاليٰ ئي ڪيا آھن جيئن ھر انسان پڻ پيدا ڪيا ڪجھه انھن بي زبان چپ پکين جو آخر ڪھڙو ڏوھ ۽ ڪھڙي خطا ڪئي آھي جنھن سزا انھن کي اھڙي طرح انسان ئي ڏئي رھيا آھيون

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مين پڙي زندگي کي ٻڙي- گُٽڪو جان کي جهٽڪو

حڪيم نذير شيخ: سڀ کان پهرين هي وضاحت ضروري آهي ته هن موضوع ۽ نشي …