Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / حضرت عبدالله شاهه غازي جي 1287 هين عرس مبارڪ جون تقريبون شروع

Powered by free wordpress themes

حضرت عبدالله شاهه غازي جي 1287 هين عرس مبارڪ جون تقريبون شروع

ڪراچي ( اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اڄ گورنر سنڌ پاران حضرت عبدالله شاهه غازي رحه جي 1287هين عرس جي تقريب جو باضابطه افتتاح ڪري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري اوقاف رياض حسين سومرو، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف مشتاق حسين سومرو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي زاهد شر ۽ مينيجر عبدالله شاهه غازي مزار ڪلفٽن احمد علي انڙ، سيد کميل حيدر شاهه، چيئرمين سکر ميونسپل ڪميٽي به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه عرس تقريب جو باضابطه افتتاح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڏ صوفين ۽ اوليائن جي سرزمين آهي هتي صفي بزرگن امن محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام پکيڙيو. هن چيو ته هتي لکين زائرين ۽ عقيدتمند اچن ٿا جن جي حفاظت ۽ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت موثر قدم کنيا آهن ڇو ته ڪجهه سال اڳ هڪ اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو هو جنهن کان پوءِ حڪومت زائرين ۽ حاضري لاءِ ايندڙ ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ خودڪار واڪ ٿرو گيٽ، سي سي ٽي وي ڪئميرا ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته زائرين لاءِ ٽن ڏينهن تائين لنگر، پاڻي ۽ ٻين سهولتن جو انتظام به ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته اولياءُ ڪرام ۽ صوفين جي جدوجهد سان آگاهي جي لاءِ هڪ ريسرچ سينٽر جو قيام به عمل ۾ آندو پيو وڃي. سنڌ حڪومت مزارن، مقدس هنڌن ۽ مسجدن ۽ عبادتگاهن جي مڪمل حفاظت لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. سيڪريٽري اوقاف رياض سومرو، چيف ايڊمنسٽريٽر مشتاق سومرو صوبائي وزير اطلاعات کي مزار تي مختلف سهولتن، حڪومتي اپائن ۽ مستقبل جي منسوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسن شاهه ۽ ٻين مهمانن کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪئي وئي. عرس جون تقريبون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …