Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / راولپنڊي ويجهو مسافر وين ۽ سيمينٽ سان ڀريل ٽرالر ۾ ٽڪر،4 ٻارڙن سميت 14 ڄڻا فوت،3 زخمي

Powered by free wordpress themes

راولپنڊي ويجهو مسافر وين ۽ سيمينٽ سان ڀريل ٽرالر ۾ ٽڪر،4 ٻارڙن سميت 14 ڄڻا فوت،3 زخمي

راولپنڊي  (اين اين آءِ)راولپنڊي جي ويجھو چڪري انٽر چينج وٽ مسافرن سان ڀريل وين سيمينٽ جي ڀريل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي حادثي کانپوءِ وين ۾ باهه ڀڙڪي  پئي. جنهن جي نتيجي ۾  سڙي چار ٻارن سميت 14 ڄڻا فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب  هائي ايس وين جھنگ کان راولپنڊي وڃي رهي هئي ته چڪري انٽرچينج  جي ويجھو ٽڪرائجي وئي جنهن کانپوءَ وين ۾ باهه ڀڙڪي پئي وين ۾ باهه لڳڻ سب چئن ٻارن سميت 14 مسافر سڙي فوت ٿي ويا واقعي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن مان ٻن عورتن کي ڳڻتي واري حالت ۾ راولپنڊي جي سول اسپتال ۾ پهچايو ويو پوليس موجب  حادثي ۾ فوت ٿيندڙ مسافرن جا لاش سڃاڻ جي لائق ناهن جنهن جي لاءِ  انهن جي ڊي اين اي ٽِسٽ ڪرائي ويندي موٽر وي پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هائي ايس ۾ سي اين جي سلينڊر جي سبب باهه لڳي ۽ ايتري وڏي حادثي جو سبب بڻيو. واقعي جي تفصيل ٻڌائيندي موٽروي پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته مسافر سان ڀريل هائي ايس وين صبح جو سوير جھنگ مان راولپنڊيءَ اچي رهي هئي ته چڪري انٽرچينج جي ويجھو هڪ ٽاور سان ٽڪرائجي وئي.پوليس موجب واقعو  ظاهري طور تي ڊرائيور سفر دوران اک لڳڻ سبب  پيش آيو. جڏهن ته ان جي جاچ جاري آهي.موٽروي پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته موقعي تي فوت ٿيندڙن ۾ ٽي  ٻار به شامل آهن، جڏهن ته هڪ  ٻار کي زخمي حالت ۾ پمز اسپتال ۾  پهچايو ويو جتي هن دم ڏنو.هن چيو ته اسپتال پهچڻ وارن ۾ هڪ ٻار ٻن عورتن سميت 11 مسافر شامل هيا جن مان 9 مسافرن کي ڊاڪٽرن مڙدا قرار ڏنو، موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب هائي ايس جي ڊرائيور جي آصف جي نالي سان سڃاڻپ ٿي باقي ڪنهن به مسافر جي سڃاڻ جي تصديق نه ٿي سگھي.03

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …