Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / رياستي ادارن وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن، ملڪ ۾ جمهوريت پٽڙي تان لهڻ جو ڪو به امڪان ناهي: شاهد خاقان عباسي

Powered by free wordpress themes

رياستي ادارن وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن، ملڪ ۾ جمهوريت پٽڙي تان لهڻ جو ڪو به امڪان ناهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان افغان مسئلي جي پرامن حل لاءِ هن خطي جي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرعزم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ عدم استحڪام جي بنياد تي وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي، افغانستان جي مسئلي جو حل افغان قيادت ۾ افغان عوام جي حمايت تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن عالمي ميڊيا ادارن جي نمائندن کي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن لاءِ تيار آهي ڇو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ انهن کي رڳو افغانستان مسئلي جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، دهشتگردي جو مسئلو بنا شڪ جي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي ۽ ان جي حل لاءِ هن تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، اسان ان کي شڪست ڏني آهي. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ويجهي تعاون جو خواهشمند آهي ڇو ته پاڪ افغان لاڳاپا ڏهاڪا پراڻا آهن ۽ ڪنهن هڪ مسئلي جي بنياد تي انهن جو تعين نه ٿو ڪري سگهجي. شاهد خاقان عباسي ميڊيا نمائندن کي چيو ته اهي ميرانشاهه جو دورو ڪن ۽ پاڻ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪن ته پاڪستان جي فوج ڪهڙي طرح دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏيندي علائقي کي ڪليئر ڪيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن بابت الزامن کي رد ڪندي چيو ته افغانستان جي سرحدي علائقن سان گڏ اتر وزيرستان به اهڙو ئي علائقو آهي تنهن هوندي به انٽرنيشنل سيڪيورٽي اسسٽنس فورس (ايساف) اتي ڇا حاصل ڪيو؟ هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل گشت ۽ چوڪين جي لاءِ تيار آهي هن افغانستان سان گڏ پنهنجي سرحد تي کاڙدار تارون هنيون آهن ۽ جيڪڏهن ٻئي طرف کان ائين ڪيو وڃي ٿو ته هو ان جي آجيان ڪندو. وزيراعظم چيو ته ٻئي طرف کان دهشتگردن جي موجودگي، پاڪستاني سرحدي علائقن تي حملن جي حوالي سان پاڪستان جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سرحد جي ٻئي طرف کان تمام گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي. هن ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته حملا پاڪستاني علائقن مان ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته اهڙا الزام مڪمل طور تي غلط آهن. (شدت پسندن جي) قيادت افغانستان ۾ موجود آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. اسان افغان فوج کي پاڪستان ۾ اچي تربيت حاصل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي ته جيئن اها دهشتگردي کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي بهتر طور تيار ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ حڪومت جي اوچتو تبديلي کانپوءِ نئين حڪومت هڪ هفتي جي اندر ڪم شروع ڪيو ۽ هاڻي معاملا معمول موجب اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته سندس حڪومت جو مينڊيٽ جمهوري عمل کي مڪمل ڪرڻ ۽ جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوري نظام وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي، رياستي ادارن جي وچ ۾ ڪي اختلاف نه آهن. وزيراعظم ان ڳالهه کي سختي سان رد ڪيو ته ملڪ ۾ جمهوريت پٽڙي تان لهي سگهي ٿي. هن چيو ته جمهوري نظام بابت بحث ۾ شدت زور پڪڙي سگهي ٿو پر آخر ۾ اهو معاملو طئي ٿي ويندو. بريڪس پڌرنامي بابت وزيراعظم چيو ته اهو بيان پاڪستان جي لاءِ مخصوص نه آهي ان ۾ ڪجهه ڪالعدم تنظيمن بابت ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪالعدم تنظيمن جي حوالي سان پاڪستان ۽ چيني حڪومتن جي پاليسي ۾ ڪي اختلاف نه آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاليسي پاڪستان جي حڪومت جي ماتحت آهي ۽ فوج حڪومت جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي آغاز سان ئي قابل قدر رابطا موجود آهن، اسان دهشتگردي جي خلاف آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا ۽ جيڪڏهن ٻنهي ملڪن کي ڪي خدشا آهن ته انهن کي ختم ڪرڻ گهرجي. اسان هڪ ٻئي جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا ۽ ٻين کان به اها ئي اميد رکون ٿا. لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين پرامن لاڳاپا قائم رکڻ جي لاءِ ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ هو ان مسئلي کي پرامن طور تي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجي خطاب بابت سوال جي جواب ۾ وزيرعظم چيو ته اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجو موقف اجاگر ڪنداسين جنهن ۾ افغانستان ۽ ڀارت جو احاطو ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 120 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪيو آهي ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف وفاقي ڪابينا وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي طور ان ڏس ۾ بل پارليامينٽ آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دائرو قبائلي علائقن تائين وڌايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ مان منظوري کانپوءِ ايف سي آر جي خاتمي، اعليٰ عدالتن جي دائري کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي معمول جا قانون لاڳو ڪرڻ کي مرحليوار انداز ۾ قبائلي علائقن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. ان عمل کي وڏي پئماني تي ترقياتي ڪوشش سان سگهه ڏني ويندي جنهن کي سمورين ڌرين جي اتفاق کانپوءِ منقسم پول مان اضافي وسيلا مخصوص ڪري سرمايو فراهم ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته فاٽا کي سياسي، قانوني، انتظامي ۽ ترقياتي طور تي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي عمل جي نگراني جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي عملدرآمدي ڪميٽي اڳ ۾ ئي جوڙي وئي آهي.6

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …