Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / سپريم ڪورٽ پاران پاناماڪيس جي فيصلي خلاف نواز شريف ۽ سندس ٻارن جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

Powered by free wordpress themes

سپريم ڪورٽ پاران پاناماڪيس جي فيصلي خلاف نواز شريف ۽ سندس ٻارن جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

اسلام آباد (اين اين آءِ)  سپريم  ڪورٽ پاناما ليڪس ۾ نااهل قرار ڏنل وزيراعظم ميان نوازشريف ۽ ان جي ٻارن جي عدالتي حڪمن جي خلاف نظر ثاني جون درخواستون  گڏ ڪري پنج رڪني بينچ جوڙڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي. اڱاري تي پاناما ليڪس فيصلي جي خلاف نواز شريف ۽ ان جي ٻارن جي نظر ثاني جون درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ اعجاز الا حسن تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ڪئي.  ٻڌڻي دوران مريم نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته لارجر بينچ جي فيصلي جي خلاف  ڌار درخواست داخل ڪئي وئي آهي جڏهن ته پهرين نظر ثاني پنج رڪني بنيچ فيصلي  جي خلاف داخل ڪئي وئي هئي. اڄ منهنجو ۽ نوازشريف جي وڪيل جو هڪ ئي موقف آهي. انڪري پنج رڪني بينچ جي فيصلي کي به انهيءَ درخواست سان گڏ ٻڌو وڃي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏنا ته توهان ٽي رڪني بينچ جي فيصلي تي دليل ڏئي اسان جو ذهن تبديل ڪيو.  جيڪڏهن نظرثاني درخواست ٻڌي اسان ذهن تبديل ڪيو ته پنج رڪني بينچ جو فيصلو به تبديل ٿي ويندو.  اصل فيصلو ٽِي رڪني بينچ جو ئي هيو جيڪو ڪيس اسان ٻڌو آهي  ان ۾ وڌيڪ ججن جو ويهڻ فائديمند نه هوندو.  جسٽس  عظمت سعيد چيو ته نظر ثاني ڪيس اسان نه پر توهان تيار ڪيو آهي. پهريان پنج  رڪني بينچ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي ، پوءِ اپيل مان هڪ حصو ڪڍي ٽي رڪني بينچ جي خلاف نظرثاني داخل ڪري ڇڏي. عدالت وڪيلن جا دليل  ٻڌڻ کانپوءِ نظرثاني درخواست تي پنج رڪني بينچ جي اڳيان لڳائڻ جي اپيل منظور ڪندي معاملو  چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اپيلن جي ٻڌڻي اربع تي سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ڪندي.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ، سڀاڻي فيصلو ٻڌائينداسين: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(اي پي پي)  اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت …