Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / صرف نواز شريف جي احتساب سان قوم جو مسئلو حل نه ٿيندو، پاناما ۾ موجود 436 ڄڻن جي به آڊٽ ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

Powered by free wordpress themes

صرف نواز شريف جي احتساب سان قوم جو مسئلو حل نه ٿيندو، پاناما ۾ موجود 436 ڄڻن جي به آڊٽ ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مون کي افسوس آهي ته حڪمران طبقي ڪڏهن به عدالتي فيصلن کي قبول نه ڪيو، اسان سڀني جو احتساب چاهيون ٿا صرف نواز شريف جي احتساب سان قوم جو مئسلو حل نه ٿيو، جماعت اسلامي اهو فيصلو ڪيو آهي ته اسان چوڪن، چوراهن ۾ ڪرپشن جي خلاف ويڙهه ڪنداسين، اسان ايوانن ۾ به وڙهنداسين ۽ عدالتن ۾ به پيروي ڪنداسين، پاناما ۾ موجود 436 ڄڻڻ جي به آڊٽ ٿيڻ گهرجي، اسان ڪرپٽ سسٽم، ڪرپٽ پريڪٽس ۽ ڪرپٽ قيادت جي خلاف جدوجهد جاري رکنداسين، پاناما ڪيس فيصلي جي خلاف نظرثاني درخواستن تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته پاناما ليڪس الله جي طرفان هڪ بي آواز لٺ آهي، اڃا ڪيترائي سنگ باقي آهن جن تي هاڻ ان جي لٺ ڪرندي، هن چيو ته اسان جو موقف اهو آهي ته جيڪو اسان گذريل ڏينهن لاهور کان راولپنڊي تائين 15 هنڌن تي جلسن ۾ ماڻهن کي ٻڌايو آهي ته اسان سڀني جو احتساب چاهيون ٿا ۽ صرف نواز شريف جي احتساب سان قوم جو مسئلو حل نه ٿيندو، اسان جي قوم کي هڪ موقعو مليو آهي، جيڪڏهن اهو موقعو اسان ضايع ڪيو ته يقين ڪريو ته ٻيهر ڪڏهن به ڪو احتساب جو مطالبو به نه ڪري سگهندو، هن چيو ته هاڻ ان بيماري مان نجات حاصل ڪرڻي آهي ته سڄي قوم ان جي خلاف آواز اٿاري، اسان سياسي پارٽين ۾ عام ڪارڪن ايماندار آهي ۽ هو ڪرپشن فري پاڪستان چاهي ٿو پر مسئلو قيادت جو آهي، سمورن سياسي ليڊرن جو فرض هو ته ڪرپٽ ماڻهن کي پنهنجي پارٽين ۾ جاءِ نه ڏين، انهن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏين ها پر جتي قيادت پاڻ ڪرپشن ۾ ملوث هجي پوءِ اهڙي قيادت کان اهو مطالبو ڪرڻ ته توهان ڪرپٽ ماڻهو کي پارٽي ۾ شامل نه ڪيو هو فضول آهي، هن چيو ته پاناما ۾ سامهون ايندڙ سمورن ماڻهن خلاف اسان پهريائين سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ نالا به ڏنا آهن، ان جي پيروي ڪري رهيا آهيون، 14 سيپٽمبر تي ٻيهر سينيئر قيادت جو اجلاس گهرايو آهي، اسان جو هڪ نئين پڪي پهه سان ان جي پيروي جو پروگرام آهي.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …