Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / عمران جمائمه کان قرض ورتو ته جائداد ان جي نالي تي ڪيئن ٿي جاچ ڪرائي سگهون ٿا: سپريم ڪورٽ

Powered by free wordpress themes

عمران جمائمه کان قرض ورتو ته جائداد ان جي نالي تي ڪيئن ٿي جاچ ڪرائي سگهون ٿا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ)  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان بني گالا ايراضي بابت پيش ڪيل هر دستاويز هڪ ٻئي کان ڌار آهي. اڱاري تي مسلم ليگ نون جي اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي.  عمران خان پاران ان جي وڪيل نعيم بخاري جڏهن ته نواب  دليل ڏيڻ لاءِ حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ پيش ٿيو، چيف جسٽس نعيم بخاري کا ن پڇيو ته ڇا بني گالا ۾ خريد اري ۾ ٿيندڙ خال کي  ڀرڻ بابت ڪجھه دستاويز توهان کي ڏيڻا هئا ڇا، توهان اهي جمع ڪرائي ڇڏيا، نعيم بخاري چيو ته ها عدالتي حڪم تي جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، چيف  جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جواب ۾ ڪوئي واڌار موقف ڏنو ويو آهي ته ان جون ڪاپيون ٻي ڌر کي به ڏيڻون پونديون، حنيف عباسي چيو ته عمران خان جي نان ريذيڊنسي جي هجڻ بابت ڪجھه دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن، عدالت جو لارجر بينچ ان حوالي سان هڪ اصول طئي ڪري چڪو آهي اين ايس ايل جا ٻه بينڪ اڪائونٽس هيا، جڏهن  ته  عدالت ۾ صرف هڪ اڪائونٽ پيش ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪجھه وقت دوران ٻڌڻي پنهنجي سمجھه جي لاءِ سوال ڪيا ويندا آهن.  غير تڪراري حقيقتن تي فيصلو ڪري سگھون ٿا، حقيقت تڪراري هجي ته جاچ جي ضرورت  پوندي آهي ٻنهي طرفان موقف جي وضاحت جي ضرورت  آهي. عدالت جي حڪم موجب پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، توهان پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو هڪ ڪمپيوٽر پرنٽ جمع ڪرايو ويو آهي جڏهن عمران خان جي پرڏيهه هجڻ جي حوالي سان 1976 کان 1988 ع تائين هڪ چارٽ به لڳايو ويو آهي، اڪرم شيخ جواب ڏنو ته اهو ڪمپيوٽرائيزڊ نه هيو ۽ اهو پاسپورٽ جو متبادل نه ٿو ٿي سگھي مان عدالتي حڪم تي مڪمل عمل ڪيو آهي چيف جسٽس نعيم بخاري کي چيو ته توهان بني گالا جي جائداد بابت خال جي وضاهت ڪرڻي هئي بني گالا جي حوالي سان جمائمه جي رقم جي وٺڻ جي تصديق ٿيل دستاويز ڪٿي آهن. عمران خان تسليم ڪيو ته پنهنجي گھر واري کان قرض ورتو جڏهن ته انکان قرض ورتو ته جائداد ان جي نالي ڪيئن ٿي.  پهرين جواب ۾ لکيو ويو ته خاندان جي لاءِ رهائش تعمير ڪرڻ جي لاءِ ايراضِي خريد ڪئي توهان جي پيش ڪيل دستاويز ۾ غلط موقف آهي.  چيف جسٽس چيو ته اسان تڪراري حقيقتن تي انڪوائري يا جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي سگھون ٿا.  سپريم  ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ قانون جي وضاهت ڪري ڇڏي آهي.0

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ، سڀاڻي فيصلو ٻڌائينداسين: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(اي پي پي)  اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت …