Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / لاهور ۾ پهرين ٽي- 20 آزادي ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان ورلڊ اليون جي ٽيم کي هارائي ڇڏيو

Powered by free wordpress themes

لاهور ۾ پهرين ٽي- 20 آزادي ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان ورلڊ اليون جي ٽيم کي هارائي ڇڏيو

لاهور (م-ڊ) وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي آهي. ڪالهه آزادي ڪپ جي ٽي –20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ورلڊ اليون کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ورلڊ اليون جي ڪپتان فاف ڊپليسي ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون بابراعظم 86، احمد شهزاد، 39 جڏهن ته شعيب ملڪ 38 رنسون ٺاهيون جواب ۾ ورلڊ اليون جي ٽيم 198 جي حدف ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهي سگهي فاف ڊپليسي 4 ڇڪا هڻي 29 رنسون ٺاهي نمايان رهيو پاڪستان پاران رومان رئيس، شاداب خان ۽ سهيل خان 2-2 وڪيٽون ورتيون. بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي بابراعظم کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو. سيريز جي ٻئي ٽي 20 ميچ اڄ لاهور ۾ کيڏي ويندي.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …