Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلائڻ لاءِ تحريڪ ستياناس مان جان ڇڏائڻي پوندي،ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو:گهرو وزير

Powered by free wordpress themes

ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلائڻ لاءِ تحريڪ ستياناس مان جان ڇڏائڻي پوندي،ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو:گهرو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي گھرو وزير چوڌري احسن اقبال چيو ته ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلائڻ تحريڪ ستياناس مان جان ڇڏائڻي پوندي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن گھرو پاليسي بهتري نه هجي هان دهشتگردي ختم نه ٿئي هان، 2013 کان اڳ ڪهاڻي ٻڌڻ لاءِ ملندي هئي ته ماڻهون ڪراچي ڇڏي وڃي رهيا آهن. ڪاروباري ماڻهون شهر ڇڏي چڪا هئا، اسان جي حڪومت جي دور ۾ سوين ڪارخانا ٻيهر آباد ٿيا، ڪراچي ۾ امن نواز شريف  ڪرايو آهي.  مشرف جي دور ۾ بلوچستان قومي ڌاري ۾ مان ڪٽجي ويو هو، مسلم ليگ نون جي وفاقي حڪومت جي پاليسي سبب بلوچستان اڄ ٻيهر قومي ڌاري ۾ شامل ٿي چڪو آهي اڄ بلوچستان جا روڊ رستا محفوظ ۽ قومي ڏهاڙا ملهايا پيا وڃن. پاناما ڪيس ۽ جي آئي ٽي اسٽاڪ مارڪيٽ کي ڪيرائي ڇڏيو. ان عرصي دوران 16 ڊالرن جو نقصان ٿيو. اهو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو فيصلو آهي، آدمشماري تي سياست بدران غلطين جي نشاندهي ڪئي وڃي. آدمشماريءَ جي نتيجن ۾ ڪابه حيرن ڪندڙ ڳالهه ناهي، ان معاملي کي صوبن جو رنگ نه ڏنو وڃي، اڄ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ واپس آئي آهي. جنهن تي سڄي قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو. جلدي ڪراچي ۾ به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿيندي. 2018 چونڊن جو سال آهي. عوام کي سڃاڻ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ نادرا کي خاص قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.  نادرا ميگا سينٽر جو دائرو سڄي ملڪ ۾ پکيڙي رهياآهن. نادرا ميگا سينٽرن سان ضلعي غربي جي عوام کي فائدو ٿيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ڪراچيءَ جي ضلعي غربي ۾ نادرا جي ٽِئين ميگا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ٻئي طرف وفاقي گھرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان جي فورسز لائين آف ڪنٽرو ل تي ڀارت جي اڳرائي جو موثر جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڀارت اسان جي ملڪ ۾ دهشگردي جي ذريعي انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان جو مقصد سي پيڪ کي ختم ڪرڻ آهي. دهشتگردي لاءِ نوجوانن جو دشمنن جي هٿ چڙهڻ ڪنهن به ملڪ جي لاءِ  خطرناڪ آهي ۽ اها شئي افسوسناڪ آهي جو پڙهيل لکيل نوجوان گمراهه ڪندڙ خيالن ڏانهن مائل ٿي وڃن، ان معاملي تي ميڊيا کي درخواست ڪندس ته نوجوانن ۾ ان ڳالهه جو شعور پيدا ڪن. سي پيڪ پاڪستاني قوم جو منصوبو آهي ۽ اهو چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي جو منصوبو اهي ۽ اهو هر حال ۾ ڪامياب ٿيندو ان حوالي سان غلط فهميون  نه ڦهلايو وڃن، چين پاڪستان جو هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي. جڏهن ڪو به 10 ڊالر لڳائڻ لاءِ تيار نه هيو ملڪ دشمن سامونڊي رستو استعمال ڪندا آهن، انڪري ضروري آهي ته اسان سامونڊي حدن جي حفاظت ڪريون، اسان جيو اڪنامڪ ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. مضبوط ملڪ ئي مضبوط معيشت جي ضمانت آهي، اسمگلنگ تمام وڏو ناسور آهي ۽ سامونڊي رستن کان اسمگلنگ جي روڪٿام ٿي رهي آهي.  اهڙن خيالن جو اظهار هن ڱاري تي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.03

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …