Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / وفاق سنڌ سان ٻه اکيائي وارو ڪردار نڀائيندي ٿرڪول منصوبي ۾ ڪا به مدد نه ڪئي آهي: مراد علي شاهه

Powered by free wordpress themes

وفاق سنڌ سان ٻه اکيائي وارو ڪردار نڀائيندي ٿرڪول منصوبي ۾ ڪا به مدد نه ڪئي آهي: مراد علي شاهه

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  اڄ اسلام ڪوٽ  جي ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽا ۾ ڪول مائينگ ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جي50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ واري هڪ تقريب ۾ چيوته هي هڪ خواب آهي جيڪو اڄ شرمنده تعبير ٿيندي ڏسون پيا. جيڪو خاب شهيد محترمه  بينظير ڀٽو صاحبه 1994 ۽ 1995 دوران هتي اچي منصوبي جي افتتاح ڪيو هو. هن چيوته شهيد بينظير ڀٽو ان وقت به ٿر جي ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪيو هو ۽ مونکي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان عظيم منصوبي ۾ منهنجو والد سيد عبدالله شاهه ساڻس وزير اعلي جي حيثيت سان  گڏ هو هن چيوته هن منصوبي تي به ارب ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن جنهن سان نه رڳوسنڌ صوبي بلڪي  ملڪ ۾ سستي ترين بجلي پيدا ڪري سگهبي ۽ بجلي جي کپت کي پورو ڪري سگهبو. هن چيو ته هن منصوبي کي وقت کان اڳ ۾ 2019 ڌاري مڪمل ڪيو ويندو ۽ ملڪ جو 150 ملين ڊالر جي بچت به ڪبي وڏي وزير چيوته اگر وفاقي حڪومت هن منصوبي جي تڪميل ۾ مدد ڪري ها ته اسان ڏهه هزار 500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهون ها ۽ اڄ اسان جي حالت اهڙي نه هجي ها جو پاڪستان اڄ توانائي جي شعبي ۾ بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هن منصوبي جي تڪميل ۾ سابق صدر آصف علي زرداري جو به اهم ڪردار آهي جنهن بلاول هائوس ۾ گڏجاڻيون ڪري ذاتي دلچسپي وٺي سيڙپڪارن کي دعوت ڏني هئي .سيڙپڪارن سان هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيوته وفاق نه رڳو ٿر سنڌ جي ماڻهن سان ٻه اکيائي وارو ڪردار نڀايو بلڪي سيڙپڪارن جي حوصله شڪني ڪئي جو اسان جو برادر ملڪ چين هن منصوبي ۾ سيڙپ ڪاري کان لنوائي ويو. هن چيو ته هن منصوبي جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کنيو آهي ۽ اها نڀائيندي هن چيو ته  جڏهن وزير اعظم نواز شريف ۽ سابق صدر جڏهن هن ٿر جي هن منصوبي کي ڏسڻ آيا هئا ته ان وقت ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ يقين دهاني ڪرائي هئي پر افسوس جو وفاق اڃان تائين ٿرڪول منصوبي کي سنجيده نه ورتو آهي ۽ هن وقت تائين ڪابه مدد نه ڪئي آهي. وڏي وزير چيوته سنڌ ۾ ڪافي ٻيا ترقياتي منصوبا به هلي رهيا آهن پر ٿر ڪول منصوبي کي ترجيح ڏيندي 11 ارب روپيه سنڌ حڪومت پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي ۽ اڃان به مدد ڪندي جيستائين هي منصوبو مڪمل نه ٿي وڃي. هن چيو ته اڄ اسان جنهن کوٽائي واري منزل تي بيٺا آهيون ان کان 100 ميٽر اڃان به هيٺ وڃي  ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪرڻي پوندي هن. چيو ته هن منصوبي سان 70 فيصد مقامي ماڻهن کي فائدو ۽ روزگار مليو آهي پر اسان جي ڪوشش آهي ته هتان جا 100 فيصد مقامي ماڻهو روزگار سان لڳن ۽ هن منصوبي  تڪميل کان پوءِ بلاڪ 2 جي مقامي ماڻهن کي 3 فيصد فائدو ڏنوويندو جيڪا اسان ضرور سمجهي رهيا آهيون. هن چيو ته ماضي ۾ سنڌ حڪومت تي بهتان بازي ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت اور ڊرافٽ ذريعي هلي رهي آهي پر مخالفن پاڻ ڏٺو ته اسان ٿر نه رڳو سنڌ ۾ خوشحالي جو باغ کوليو آهي هن چيوته هتان جي رائلٽي جو حصو ٿر فائونڊيشن کي ڏيندا سين ته جيئن هو ٿر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام جي زندگي ۾ نمايان تبديلي آڻي سگهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر ڪول مائين جي پراجيڪٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڊاڪٽر هاف مين، ڊاڪٽر ٽامس، ڊاڪٽر ليوي ٽين کي شيلڊون ڏنيون بعد ۾ هن منصوبي جو معائنو پڻ ڪيو.وڏي وزير چيوته ٿر ڪول جا 1 کان 4 بلاڪن تي پڻ ڪم ڪرايو ويندو.  ان موقعي تي  چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سمش الدين شيخ منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2002 ۾ اسان هن منصوبي بابت سوچيندا هئا سين ته هي منصوبو ڪيئن پايا تڪميل تي پهچندو هن چو ته ٿر ڪوئلي جو پاور پلانٽ تي 2 بلين ڊالر خرچ اچي رهيو آهي ۽ هي منصوبو سيپيڪ وانگر ملڪي معيشتن ۾ اهم رول ادا ڪندو ۽ اسان 2025 تائين ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري ڏيندا سين. 0

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …