Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / ٻن ڌار ڌار خبرن جي پٺيان لڪل ڪيئي سوال ۽ اڻ پورا جواب

Powered by free wordpress themes

ٻن ڌار ڌار خبرن جي پٺيان لڪل ڪيئي سوال ۽ اڻ پورا جواب

گمبٽ مان اغوا ڄاڻايل هندو ناري آرتي ڪماري بابت معلوم ٿيو آهي ته هن پيار جو پرڻو ڪري ورتو آهي ان کان اڳ هن بئراج ڪالوني ۾ گول مسجد جي پيش امام مولوي اسد الله ميمڻ جي هٿ تي اسلام قبول ڪري هڪ شخص امير بخش وساڻ سان پرڻو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ناري آرتي جي اغوا خلاف وارثن پاران مظاهرا پڻ ڪيا ويا هئا جڏهن ته وارثن جي دعوا هئي ته آرتي کي بليڪ ميل ڪري اغوا ڪرڻ بعد گن پوائنٽ تي مسلمان ڪري شادي ڪئي وئي آهي هڪ ٻي خبر موجب گذريل سال ميرپورخاص جي هڪ مشهور ڊاڪٽر گورڌن کتري پنهنجي نياڻي منيشا پاران مسلمان ٿي نوجوان بلال قائمخاني سان شادي جو اظهار ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ ئي مولوي کي گهرائي پنهنجي نياڻي کي مسلمان ڪرڻ بعد مذڪوره نوجوان سان شادي ڪرائي ڇڏي تنهن بابت هاڻ  اطلاع مليا آهن ته ان جوڙي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ ناري هلندڙ سال 28 جولاءِ تي فيملي ڪورٽ ۾ خلع جي درخواست ڏيئي پاڻ کي آجو ڪرائي ورتو آهي. هوڏانهن ناري جي  پيءُ ڊاڪٽر گورڌن جو چوڻ آهي ته سندس نياڻي منيشا مسلمان آهي ۽ مسلمان ئي رهندي اها ڊاڪٽري پڙهي پئي ۽ آئنده بابت اها پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪندي جڏهن ته نوجوان جي ڪٽنب طلاق ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان هندو نارين جي مسلمان ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل تڪرارن بابت ڪيترائي بحث ٿيندا رهيا آهن هر ڀيري هندو نارين جا وارث مسلمان نوجوانن تي کين اغوا ڪري زوري مسلمان ڪرڻ وارا الزام لڳندائيندا رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف ڪجهه مسلمان حلقن پاران اغوا ۾ ملوث نوجوان ۽ مسلمان ٿيندڙ ناري کي مڪمل تحفظ ڏيڻ واريون خبرون به سامهون اينديون رهيون آهن اهڙي ريت اهي به خبرون اسان جي مختلف حلقن جي بحث هيٺ اينديون رهيون آهن ته هندو نارين کي زوري مسلمان ڪرڻ کانپوءِ هندوئن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي رهيو آهي ۽ ڪيترائي هندو نارين جي اغوا ۽ زوري مذهب مٽائڻ وارن واقعن کانپوءِ نه رڳو ڀارت لڏي ويا آهن پر ڪيترائي لڏڻ جي تيارين ۾ آهن جيئن ته اهو هڪ اهڙو مذهبي معاملو آهي  جنهن تي هر ڪو لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ مذهبي انتهاپسندي به ان اسٽيج تي پهچي چڪي آهي جو مذهب جي معاملي ۾ معمولي ڳالهه به ڪو ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. هجڻ ته ائين گهرجي ته اسان جا عالم سڳورا اجتهاد ذريعي ان نازڪ مسئلي بابت پنهنجو ڪو فيصلو ٻڌائين ۽ ان ڳالهه بابت تفصيلي ويچار ڪن ته ڇا هندو نارين کي  اغوا ۽ زوري مسلمان ڪري شادي ڪرڻ وارو عمل مذهبي، اخلاقي ۽ قانوني حوالن سان ڪيترو صحيح آهي يا ڪيترو غلط آهي. جڏهن ته سنڌ جي ڪجهه حلقن جي اها راءِ به  وزن رکي ٿي ته آخر رڳو امير هندو نارين کي ئي اسلام ڇو پسند اچي رهيو آهي ۽ هندو ڇوڪرا مسلمان ڇو نه ٿي رهيا آهن تنهن ڳالهه تي به سوچڻ جي ضرورت آهي يا اها ڳالهه به سوچڻ جي آهي ته هندو نارين جي اغوا يا مسلمان ٿيڻ وارا واقعا اتر سنڌ ۾ وڌيڪ ڇو ٿين ٿا ۽ لاڙ ۽  ٿر وارن ضلعن جي غريب  هندو نارين کي  اسلام ايترو پسند ڇو نه ٿو اچي. اسان جي خيال ۾ ڪو به هندو يا ڪنهن ٻئي مذهب وارو جيڪڏهن رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري ٿو ته ان جي هر سطح تي نه رڳو آجيان ٿيڻ گرجي پر مسلمان ٿيندڙ مرد يا عورت جي هر قسم جي مالي ۽ اخلاقي مدد به ٿيڻ گهرجي، هونئن به اسلام ۾ ”تبليغ“ ذريعي اسلام پکيڙڻ يا اسلام جي دعوت ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪيل آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن کي زور زبردستي سان مسلمان ڪري نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته  دين ۾ ڪا به زبردستي ناهي اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن ۾ ڪنهن به انسان جو ڪنهن به ڳالهه تي راضي هجڻ پهريون شرط آهي ايتري تائين جو جڏهن ڪا شادي ٿيندي آهي، تڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار جا پيءُ ماءُ کڻي پاڻ ۾ ان سڱ بابت راضي هجن ان هوندي به جيستائين گهوٽ ۽ ڪنوار شادي جو پاڻ قبول يا اقرار ڪرڻ جي ڳالهه نٿا ڪن ته تيستائين ان نڪاح کي به جائز سمجهيو نٿو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته اسان وٽ جڏهن کان نڪاح رجسٽرڊ ٿيڻ وارو سرشتو لاڳو ٿيو آهي تڏهن کان اسان وٽ شادي وارن ٻنڌڻن ۾ اوڻايون پڻ وڌڻ لڳيون آهن ويتر اسان وٽ عدالتن جي اندر ويٺل اسٽامپ وينڊرن اسٽامپ پيپر تي شادي ڪندڙ جوڙي جو بيان وٺي ۽ نڪاح رجٽرار کان نڪاح کي رجسٽر ڪرائڻ وارو عمل شروع ڪيو آهي تڏهن کان پيار پرڻن ۾ به وڏي حد تائين اضافو ٿيندو نظر آيو آهي ائين به ٿيو آهي ته پيار پرڻو ڪندڙ گهوٽ ڪنوار يا اغوا ڄاڻايل ناري کي اسٽامپ وينڊر آڏو به پيش ڪرڻ بجاءِ گهوٽ جا وارث پاڻ ئي ٻاهران ئي ٻاهران اسٽامپ ٺهرائي نڪاح رجسٽرار کان نڪاح رجسٽرڊ ڪرائي بعد ۾ گهر ۾ اچي ناري کان آڱوٺا هڻائي اخبارن ۾ ڌيان طلب ذريعي اعلان ڪرائي ڇڏيندا آهن ته پريمي جوڙي عدالتي پرڻو ڪري ورتو آهي. اسان سمجهون ٿا ته اهڙي قسم جون شاديون رڳو هندو ناري جي پيار پرڻي تائين محدود ناهن پر ڪيتريون ئي اهڙيون تڪراري شاديون ڪاغذن تي آڱوٺا هڻي ڪيون پيون وڃن جنهن لاءِ هڪ وڏي قانون سازي جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙين ناجائز شادين جي روڪٿام ٿي سگهي ۽ اسلامي فرض اسلامي طريقي سان ئي عمل ۾ اچي سگهي جيستائين هندو نارين جي مسلمان ٿيڻ واري ڳالهه آهي ان تي به ان حوالي سان واقعي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته غريب هندو جي نياڻي کي ته ورلي ڪو شخص مسلمان ڪري ان سان شادي ڪري ٿو جڏهن ته امير هندو  شخص جي نياڻي جي مسلمان ٿيڻ وارن واقعن ۾ تيزي ٻڌائي ٿي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪو معاملو ضرور آهي ڪٿي ائين ته ناهي ته امير هندو جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڪا اهڙي ڪوشش ٿيندي هجي جيڪڏهن اها ڳالهه ائين آهي ته پوءِ ان جي حوصلا افزائي اسلام کي ڪيترو فائدو ڏيندي تنهن تي ويچار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي هتي اسان هندوئن جي مذهبي معاملن به صورتحال کي ڪنهن حد تائين خراب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي مثال طور مسلمانن ۾ چاچي، مامي جي نياڻي يا سئوٽ، ماسات جي پاڻ ۾ شادي جي اجازت آهي. جنهن کي غير مسلم ڀاءُ ڀيڻ جي شادي سمجهن ٿا  جڏهن ته هندوئن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي شادي ڪرڻ کان اڳ ان ڳالهه جو پتو لڳايو ويندو آهي. ٻنهي ڪٽنبن جو پري پري تائين ڪٿي به رت جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيل نه هجي يعني نينگر جي اتان شادي ڪرائي ويندي آهي جنهن جو پري پري تائين  ڪنواريتن سان بهرحال ڪو به واسطو نه هجي. اسان هتي ڪنهن جي مذهبي معاملن ۾ مداخلت ته ڪرڻ نه ٿا چاهيون پر ڪجهه اهڙين خبرن جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا جن ۾ چيو ويو هو ته جنهن نوجوان هندو جوڙي يعني عورت ۽ مرد خودڪشي ڪئي آهي اهي پاڻ ۾ سئوٽ، ماسات هئا ۽ پاڻ ۾شادي ڪرڻ جا خواهشمند هئا پر مذهبي طور تي انهن کي اها اجازت نه هئي ان ڪري انهن پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو اهڙا ڪيترائي واقعا ماضي ۾ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن اسان جي خيال ۾ ان ۾ خودڪشي ڪندڙ جوڙي جو قصور ان ڪري به ناهي ڇاڪاڻ  ته هندو به اسان جي مسلمان معاشري جو هڪ حصو آهن جڏهن ڪي نوجوان اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن مسلمان سئوٽ ماسات پاڻ ۾ شادي ڪري سگهن ٿا ته پوءِ اسان ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟ ضروري ناهي ته اهو خيال هر هندو نوجوان يا ناري جي ذهن ۾ ايندو هجي پر اهو به هڪ سوال ضرور آهي جيڪو هندو نارين پاران مسلمان ٿيڻ ۾ هڪ ڪردار طور ضرور سامهون اچي ٿو. اسان گمبٽ ۾ ٿيل پيار پرڻي کانپوءِ جڏهن ميرپورخاص جي ڊاڪٽر پاران پنهنجي نياڻي جي خواهش آڏو ديوار بڻجڻ بجاءِ کيس هٿ سان مسلمان ڪرائي سندس شادي مسلمان نوجوان سان ڪرائڻ واري عمل تي جڏهن نظر ڦيرايون ٿا تڏهن هڪ طرف اسان انتها پسندي واري عمل کي شڪست کائيندو ڏسون ٿا ته ٻئي طرف جڏهن اها شادي خلع تائين پهچي ٿي ته ڏک ٿئي ٿو ته ڪنهن ناري کي مسلمان ڪري شادي ته ڪئي وئي پر ان سان نباهه نه ٿي سگهيو جنهن ڪري اها شادي ٽٽي وئي جڏهن ته ناري جي پيءُ جو اهو چوڻ وري به حوصلو ڏيندڙ آهي ته ناري طلاق کانپوءِ به مسلمان ئي رهندي اسان سمجهون ٿا ته ناري جي والد ڊاڪٽر گورڌن وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي ان جي ان عمل جي آجيان ٿيڻ گهرجي پر جيڪڏهن شادي خاطر اسلام قبول ڪرڻ وارا چڪر هلڻ شروع ٿيا ۽ پنهنجي دل سان اسلام قبول ڪرڻ بجاءِ پنهنجن مفادن تحت اسلام قبول ڪرڻ وارو عمل ٿيندو رهيو ته ان سان اسلام کي ڪيترو نقصان پهچندو ان لاءِ به اسان کي ضرور سوچڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان جي صلاح آهي ته ان سلسلي ۾ اسان جا علماءِ صبر ۽ تحمل سان صورتحال جو جائزو وٺي ڪو اهڙو رستو ضرور ڪڍن ته جيئن اسلام کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ واري عمل جي حوصلا  شڪني ٿيندي رهي اهڙي ريت هندو ڪميونٽي کي به وقت ۽ حالتن موجب پنهنجن ريتن ۽ رسمن کي سندن ئي ڪميونٽي لاءِ  آسان ڪرڻ لاءِ ڪي فيصلا ضرور ڪرڻ گهرجن ته جيئن سندن مذهب سان مفادن تحت ٿيندڙ هٿ چراند کي ٻنجو اچي سگهي. اسان اها سڄي ڳالهه نيڪ نيتي سان لکي آهي جنهن ۾ مذهبي معاملن ۾ هٿ چراند ڪرڻ ڪو به ارادو نه آهي اسان سمجهون ٿا ته اسلام اسان کي لکم دينکم وليدين  جو جيڪو حڪم ڏنو ويو آهي اسان کي ان تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان اسلام بابت مخالفن پاران لڳندڙ الزامن ۾ خود به ڪجهه الزام شامل ڪرڻ کان بچي سگهون، ڌڻي پاڪ اسان کي سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …