Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / ٽنڊوالهيار ڀرسان نابالغ ڇوڪري جو سڱ نه ڏيڻ تان هٿياربندن جي ڪاهه، اغوا جي ڪوشش،3 ڄڻا سوگها

Powered by free wordpress themes

ٽنڊوالهيار ڀرسان نابالغ ڇوڪري جو سڱ نه ڏيڻ تان هٿياربندن جي ڪاهه، اغوا جي ڪوشش،3 ڄڻا سوگها

ٽنڊوالهيار (علي احمد خاصخيلي)ٽنڊوالهيار پيارو لُنڊ ٿاڻي جي حد ۾ نئين ميرآباد لڳ نا بالغ ڇوڪري جو سڱ نه ڏيڻ تان هٿياربندن جي گهرن تي ڪاهه ڇوڪري کي زوري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش رڙين تي علائقي واسين ۽ پوليس ورهاڙو ڪري ٽن اغوا ڪارن کي سوگهو ڪري وڌو ٻه ڄڻا نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب پيارو لُنڊ ٿاڻي تي 11 سالا نظيرا مري کي اغوا جي ڏوهه جو نظيرا جي پيءُ زمر علي مري جي فرياد تي 5 ڄڻن تي اغوا جو ڪيس داخل، ان موقعي تي زمر علي مري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي سڱاوتي ڪنهن ٻي ڌر سان ٿيل آهي.  ڄاڻايل ماڻهن به مونکان سڱ جي گُهر ڪئي هئي منهنجي انڪار بعد کيس ماڻهو هٿيارن  جي زور تي منهنجي گهر ۾ گهڙي اسان کي مارڪٽ ڪرڻ بعد  منهنجي نياڻي 11 سالا نظيرا کي  اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي رڙين تي علائقي جا ماڻهو پهچي ويا، جنهن بعد هٿيار بند ڇوڪري کي ڇڏي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس جي پهچڻ بعد علائقي واسين ۽ پوليس گهرائو ڪري ٽن ڄڻن کي سوگو ڪري ورتو جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.0

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

03

قبوسعيد خان مان گم ٿيل ٻارڙي جو شاخ مان لاش هٿ

شهدادڪوٽ ( ڊر) قبو سعيد خان شهر مان ٻه ڏينهن اڳ اوچتو گم ٿي ويل …