Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / پيار ۽ پريت جي اڻاٺ….!

Powered by free wordpress themes

پيار ۽ پريت جي اڻاٺ….!

عامر جوڻيجو :

سنڌ جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، ڪجھ وقت اڳ سنڌ جنهن کي پيار، محبت، مهمان نوازي جي نالي سان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ الڳ سڃاتو ويندو هو. ۽ سنڌ جي ڌرتي الله پاڪ جي وليئن، بزرگن جي ڌرتي آهي جن به هميشه پيار، محبت ۽ امن جو درس ڏنو آهي، سنڌ جا ماروئڙا ايترا سخي دل ۽ مهمان نواز هوندا هئا جو جيڪڏهن ڏورانهين علائقي کان ڪو مهمان ايندو هو ته سمورا ڳوٺ جا ماڻهو ٻارڙا، ٻڍا ان مهمان جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا ايتري قدر جو سڄي سڄي رات مهمان سان ڪچهري ۾ گذري ويندي هئي پر ان مهمان سان ڪچهري ڪرڻ ۽ پيار محبت جو ڳالهيون ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ ماڻهو کي تڪليف ايندي هئي ته سڀ ڳوٺاڻا  گڏجي ان لاچار ۽ بيوس جي مدد ڪندا هئا ته جيئن هوُ پرشاني کان بچي سگھي. ۽ جيڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ شادي ٿيندي هئي ته سڀني ڳوٺاڻن سان صلاح مشورا  ڪري پنهنجن خوشين ۾ ٻين کي شريڪ ڪندا هئا

پر هاڻ جيڪڏهن سموري سنڌ جي وايو منڊل کي ڏسبو ته ڪافي تبديل ٿي چڪو آهي، اها رحمدلي، احساس، پيار، محبت، امن الائي ڪيڏانهن اڏامي هليا ويا آهن، اڄ جو دور پٿر ٿي ويو آهي ته ماڻهو به پٿر ٿي ويا آهن. ڪنهن جي دل ۾ ڪو احساس به ناهي رهيو ۽ اهي ريتون رسمون به غائب ٿي ويون آهن

هن وقت سنڌ ۾ قبائلي تڪرار، ڪارو ڪاري سميت ٻيون ڪيتريون ئي فرسوده رسمون ڏينهون ڏينهن تيزي سان جنم وٺي رهيون آهن. ماڻهن مجهان ماڻهپو به موڪلائيندي نظر اچي رهيو آهي جنهنڪري سنڌ امڙ رت جا ڳوڙها هاري رهي آهي

اسان وٽ پسند جي شادي ڪبيره گناهه بڻجي وئي آهي جيڪڏهن ڪو پسند جي شادي ڪري ٿو ته ان کي ڪارو ڪاري جو الزام هڻي هميشه لاءِ ننڊ سمهاريو وڃي. ڇا اها اسان سنڌين جي ثقافت آهي؟ جو ٻن پيار ڪندڙن کي هميشه لاءِ پري ڪيو وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪا عورت يا ان جا مائٽ راضي هوندا ته وري ان جا مائٽ ناراض هوندا! ۽ چوندا ته اهو رشتو اسان کي قبول ناهي. شايد انهن تيس مار خانن  کي اها خبر نه هوندي ته هي هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهن! ۽ وري جيڪڏهن ان ڇوڪري جا مائٽ ناراض هوندا ته وري تيس مار خان راضي هوندا! ۽ پنهنجي ڏاڍ مڙسي ڏيکاريندا آهن، اسان انهن فرسوده رسمن جا حامي ٿي ويا آهيون روزانه اهڙا واقعا اکين سان ڏسون پيا پر انهن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪابه ڪوشش نه پيا ڪيون روزانه حوا ڄائي غيرت جي نالي تي قتل ٿئي ٿي ۽ صوفين جي سرزمين رت سان رنڱجي رهي آهي

هن وقت جيڪڏهن ڏسجي ته سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن سنڌ امڙ کي رت روئاريو آهي. سنڌ جي واهڻ واستين، ڳوٺن توڙي شهرن ۾ برادري تڪرار هلندڙ آهن جن ۾ ڪيترائي نوجوان ڪونڌر پٽ قتل ٿيو وڃن ٿا ۽ جيجل امڙين جون جهوليون خالي ٿيو وڃن ٿيون ۽ ونين کان ور وڇڙي وڃن ٿا، معصوم گلاب ٽڙڻ کان اڳ ئي اجھامي وڃن پر انهن جي روڪٿام لاءِ ڪي به جوڳا بندوبست نه پيا کنيا وڃن، انهن قبائلي تڪرارن جو مک سبب اتان جا ڀوتار ئي آهن. جيڪي پنهنجا پيٽ ڀرڻ جي چڪر ۾ معصوم جانين سان کيڏي رهيا آهن. ڀوتارن ڏانهن جيڪڏهن ڪو ڳوٺاڻو مدد لاءِ ايندو آهي ته ان کي حويلي مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي. شايد ان ڀوتار کان اهي ڳالهيون وسري وينديون آهن ته هي منهنجي ڳوٺ جو غريب ماڻهو آهي ۽ ان جي محنت ۽ پگھر مان آءُ’ سکيو ستابو رهان ٿو! اهو ڪو دور هو  جو ڳوٺ جا چڱا مڙس پنهنجن ڳوٺاڻن جي خاطر جانيون گھور ڪندا هئا جيڪڏهن ڪنهن کي ان ڀوتار جي فيصلي مان ڪس لڳندي هئي ته اتان جو ڀوتار ان غريب شخص کي پنهن ملڪيت مان حصو پڻ ڏيندا هئا ته جيئن هن جي دل ۾ مون لاءِ ڪا نفرت پيدا نه ٿئي… ۽ ان وقت جيڪڏهن ڪنهن غريب ناري کي ڳوٺ جي چڱي مڙس وٽ سام طور ترسايو ويندو هو ته ان کي پنهنجي نياڻي طور عزت ڪندا هئا  پر اڄ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي ۽ ڀوتار انهن غريب هارين جو رت چوسي رهيا آهن.

ان سان گڏ اسان وٽ هاڻ رشتن جو ڀرم ناهي رهيو. رت جا رشتا به هڪ ٻئي جا ويري بڻجي ويا آهن. سنڌ ۾ سئوٽ هٿان سئوٽ، ڀاء هٿان ڀاء، ماسات هٿان ماسات قتل ٿي وڃن ٿا ۽ اهي واقعا ڪيترن ئي سالن کان رپورٽ ٿيندي ڏسون ٿا. پر ان سان گڏ هاڻ پيء ماء وارو عظيم رشتو به ان قاتل اولاد جي ور چڙهي ويو آهي سنڌ ۾ هر ٻئي ٽئين هفتي ۾ نافرمان اولاد پنهنجي جيجل ماء ۽ پيء کي بي درديء سان قتل ڪن ٿا، اهي واقعا جن ميڊيا تي رپورٽ ٿيندي ۽ اکين ڏسندي لڱ ڪانڍارجي ويندا آهن ۽ اکين مجهان لڙڪ لڙي ايندا آهن ۽ اهو ئي سوچيندو آهيان ته آخر هن سماج ۾ نفرت جي باهه ڇو ڀڙڪي اٿي  آهي جو رت جا رشتا به قاتل بڻجي ويا آهن

ڏسجي ته اڄ جتي رت جي رشتن ۾ ڏار پئجي ويا آهن اتي هڪ عظيم رشتي “دوستي” ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ دوستن مان دوستي وارو نالو موڪلائيندو پيو وڃي خبر ناهي ته اڄ هن دور ۾ رشتن جو سڃاڻپ ڇاجي ڪري ختم ٿيندي پئي وڃي نه ته ڪو زمانو هو جو دوست دوستن لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا، دوستن جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهيو ويندو هو ۽ دوستن جي تڪليف دور ٿيڻ تائين ننڊ ڦٽل هوندي هئي پر هاڻي ائين ناهي. ممڪن آهي ته سون ۾ ڪي ٻه چار اهڙا دوست هوندا جيڪي ان عظيم رشتي کي قائم رکندا هجن. پر لازوال دوستي جي مثالن کي زوال اچي ويو آهي ۽ دوستي وارو عظيم رشتو به مفادن ۽ مطلبن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي . دوستي ۽ عام رشتن ۾ ڪو به فرق ناهي رهيو. “دوستن” جو نسل به خطري ۾ پئجي ويو آهي. هر ڪنهن وٽ دوستن جي ڊگهي لسٽ هوندي آهي پر جڏهن اڪيلائيءَ ۾ ويهي دوستيءَ جي فلسفي تي سوچبو ته ۽ اُن فلسفي تي پورو لهندڙ دوست جي ڳولا ڪندؤ ته ڪو به اُن معيار تي پورو نه لهندو‍! جيڪڏهن ائين ناهي ۽ اوهان جو ڪو اهڙو دوست آهي جيڪو دوستي واري معيار تي پورو لهي ٿو ته سمجهي وٺو توهان دنيا جا خوشنصيب ترين انسان آهيو

Email: Aamir03017710111@gmail.com

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مخدوم امين فهيم جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي!!

تحرير مير نادر علي ابڙو : مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ …