Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / ٿر ۾ تباھ ٿيل تعليم جو ذميوار ڪير۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟

Powered by free wordpress themes

ٿر ۾ تباھ ٿيل تعليم جو ذميوار ڪير۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟

سجاول بجير:

ٿر ۾ تعليم جي تباھي جو ذميوار ڪير آ، بند پيل 350 اسڪول آخر ڪڏهن کلندا، دنيا جا اهي ملڪ اڳتي هلي ترقي ڪندا آهن جتي تعليم جو نظام بهتر ۽ تعليم عام هجي پر اهي ملڪ تباهي جو ڏيک ڏيندا آهن جيڪي تعليمي ميدان ۾ پوئتي پيل هجن ٿا هتي اسان وٽ پاڪستان ۾ هرسال تعليم تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سڌار اچي ناهن سگهيا تڏهن هڪ چوڻي مشهور آهي ته تعليم بنا انسان انڌو تصور ڪيو ويندو آهي ۽ تعليم انسان جي ٽين اک آهي پر سڄي سنڌ ۾ تعليم جو سرڪاري سطع تي نظام مڪمل طور ناڪاره بڻيل آهي جنهن سبب سنڌ ۾ هزارين اسڪول جيڪي وڏيرن ڀوتارن جي آفيسن اوطاقن ۽ مال جي واڙن ۾ تبديل ٿيل هجڻ جون رپورٽون تصويرن سان روزاني ميڊيا تي رپورٽ ٿيندي نظر اچن ٿيون،پر هتي ڳالھ ڪبي سنڌ جي انهي پوئتي پيل ۽ وسيلن سان مالامال 175 ارب ٽن ڪوئلي واري ضلعي ٿرپارڪر جي جتي تعليم جو ٻيڙو مڪمل طور غرق ٿي ويو آهي،جنهن سبب ڪامورن جو تعليم جي تباھي ۾ اهم ڪردار نظر اچي ٿو،انهي سلسلي ۾ گڏ ڪيل سروي دوران پوري ضلعي جي ستن ئي تعلقن ، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو،ننگرپارڪر، ڏاهلي،  جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ تعليم کاتي جي لاپرواهي ۽ ڪن لاٽار سبب تعليم جو ٻيڙو مڪمل غرق ٿي ويو آهي،انهي سلسلي ۾ سوين اسڪول جيڪو اڄ به بند پيل آهي،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته ضلعي ۾ هن وقت به 350 اسڪول بند پيل آهن،جنهن ۾ ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ 150 اسڪول، اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ هڪ سئو، ننگرپارڪر تعلقي ۾ سئو 70 ، ڏيپلو ۾ 30، ڪلوئي ۾ پڻ ڪافي اسڪول بند پيل آهن، جڏهن جيڪي اسڪول بند آهن انهن مان ڪيترائي اسڪول اهڙا آهن جيڪي اوطاقن ۾ ۽ مال جي واڙن ۾ تنديل ٿيل آهن،انهن اسڪولن تي مقرر ٿيل ماستر جيڪي گهر ويهي پگهارون کڻڻ سان گڏ ذاتي ڪاروبار ڪرڻ ۾ رڌل آهن،ڪافي ماستر جيڪي گاڏين تي ڊرائيونگ سميت ڪنڊيڪٽريون ڪري رهيا آهن ته اڪثر سياسي اڳواڻن جي آشيرواد سان ٺيڪيداريون ڪري ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهن،پر تعليم کاتو انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران مڪمل طور خاموش بڻيل آهن،جڏهن ته ڪافي ٻهراڙي وارن اسڪولن ۾ مقرر ماسترن پاران پاڻ اسڪول وڃي ٻارڙن کي پڙهائڻ بدران انهن ٻن هزارن کان ٽي هزارن تائين نوجوانن کي رضاڪارانه طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي،باقي ڪافي ماستر جن جي ويزا تي هجڻ جا به اطلاع مليا آهن،انهي سلسلي ۾ ڪيل سروي موجب ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ 90 سيڪڙو اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي،فرنيچر، باٿ روم، بجلي جي سهوليت ناهي، 70 سيڪڙو اسڪولن کي چوڌيواري ناهي، 80 سيڪڙو اسڪولن جي عمارتن جي ڪڏهن به مرمت ناهي ٿي،جنهن سبب اهي بلڊنگون زبون حالي جو شڪار ٿيل آهن،جڏهن ته ٿر ۾ نياڻين جي تعليم مڪمل تباهي ڪناري پهتل آهي،ٻهراڙين ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل هجڻ سان گڌ آفيسرن جو ڌيان نه هجڻ ڪري مقرر ماستر اسڪول جي ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ موڪل ڪري هليا ايندا آهن، باقي اسڪولن ڏانهن ماسترن جي نه وڃڻ ڪري شاگردن اسڪولن طرف وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي،هن وقت هزارين شاگردن جي تعليم تباهي ڪناري پهتل آهي،مليل رپورٽن موجب ته ٿر ۾ 20 سيڪڙو ٻارڙا اڻپڙهيل آهن،جيڪي پورهيو ڪرڻ سان گڏ مال چارڻ تي مجبور آهن، ٿر ۾ سياسي اڳواڻن ڪامورن سميت چونڊيل نمائيندن ضلعي انتظاميا سميت سنڌ حڪومت جو ڌيان نه هجڻ ڪري ڏينهون ڏينهن تعليم تباهي طرف ويندي نظر اچي ٿي،ماڻهن جو سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي نه هجڻ ڪري سرڪاري اسڪولن تان اعتماد به کڄي ويو آهي،اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ ماسترن پنهنجن ٻارڙن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي،ٿر جي سياسي سماجي ڌرين، سول سوسائيٽي جي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان  مطالبو ڪيو آهي ته ٿر ۾ تعليم تي مڪمل ايمرجنسي لاڳو ڪري بند پيل اسڪول کولي ڊيوٽي نه ڪندڙ ۽ ڪاروبار ڪندڙ ماسترن خلاف ڪاروائي ڪري تعليم کي بچايو وڃي،،

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مين پڙي زندگي کي ٻڙي- گُٽڪو جان کي جهٽڪو

حڪيم نذير شيخ: سڀ کان پهرين هي وضاحت ضروري آهي ته هن موضوع ۽ نشي …