Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي ڪارروائي،12 مئي واقعي ۾ ملوث سياسي پارٽي جا 2 جوابدار گرفتار

Powered by free wordpress themes

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي ڪارروائي،12 مئي واقعي ۾ ملوث سياسي پارٽي جا 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي  (اين اين آءِ)ايس ايس پي آپريشن ون سي ٽي ڊي ڪراچي جي هدايت ڊي ايس پي سي ٽي ڊي ايڊمن 2 خاص ٽيمون جوڙيون آهن جن شهر ۾ ٿيندڙ قتل، ڀتي خوري ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ اشتهاري گروهه سان تعلق رکندڙ جوابدار جن جو تعلق سياسي تنظيمن سان آهي انهن کي مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيو، جوابدار ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ قتل،اغوا ۽ ڀتي خوري جي مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان هٿيار، ايمونيشن هٿ ڪيا ويا آهن، گرفتار جوابدارن ۾ لطيف الله، محمد خالد عرف چنگيزي شامل آهن، جوابدار خالد 12 مئي جي واقعي ۾ ملوث آهي، ان واردات ۾ هن ريلين تي پنهنجي ٻين ساٿين جي مدد سان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي ۽ گاڏين ۽ دڪانن کي باهيون ڏنيون جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا هئا، جوابدار لطيف الله ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترن ئي وارداتن ۾ گهربل آهي جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻين جوابدارن ۾ اسد علي جسڪاڻي شامل آهن جنهن 2012 ۾ پنهنجي نوڪر روشن کي ستار بچاڻي پيٽرول تي پنهنجي ساٿين گل محمد سان فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس ٽنڊو الهيار جي ٿاڻي تي داخل آهي، جوابدار پنهنجي ٻين ساٿين عاشق هاليپوٽو، شير علي پٺاڻ، صادق چانڊيو سان گڏجي راڌڻ سعدي موساڻي روڊ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس به ٽنڊو الهيار ٿاڻي تي داخل آهي، انکان سواءِ سنڌ جي ٻين شهرن، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، دادو ضلعي جي ٿاڻن تي ويڙهه، هڙتال، وڳوڙ، ڀتي خوري، قتل ۽ ٻين وارداتن جي مختلف ڪيسن ۾ اشتهاري هو، جوابدار جي قبضي مان 3 پسٽل 30 بور، 20 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جوابدارن خلاف سي ٽي ڊي ۾ مختلف ڪيس داخل آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.03

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …